جديد دور جون ٻه جديد بيماريون....

'صحت سرير جي' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏23 جون 2009۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڪاهلي ۽ سستي
    علامتون:
    هن مرض وارو مريض ڪم کي ڏسندي ئي ڏڪڻ شروع ٿي ويندو آهي... هن جا هٿ پير سُن ٿي ويندا آهن.... جڏهن ته هٿ هٿ تي رکي ويهڻ سان مريض کي سڪون ملندو آهي...
    جيڪڏهن ڪو ڪم تڪڙو ڪرڻو هجي ته مريض تي غشي جو دورو پئجي سگهي ٿو جنهن سان هن کي جان تان به هٿ ڌوئڻا پئجي سگهن ٿا.... مريض هر ڪم کي پورو ڪرڻ لاءِ وڌيڪ وقت جي گهر ڪندو رهندو آهي ۽ ڪنهن چور دروازي جي جانچ ۾ رهندو آهي....

    علاج:
    مريض جي هيلن بهانن تي بلڪل ڪن نه ڏيو...
    هر ڪم ڏنڊي جي زور تي وٺو.....
    رات جو ٻه عدد پراڻا جُوتا پاڻي ۾ ڀڄائي رکو... جيڪڏهن مريض صبح جو خوشي سان ڪم ڪري ته ٺيڪ آ نه ته بغير ڪنهن حجت جي ڀڳل جوتن جو استعمال شروع ڪري ڇڏيو....
    مريض کي ٻه ميل روزانو هلڻ لاءِ چئو...
    کاڌي ۾ گهه، اوپراٺا، آنا بلڪل به نه ڏيو....

    نتيجو:
    ڪجهه ڏينهن ۾ ئي مريض ڪجهه بهتري محسوس ڪندو....
     
  2. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    asul mattasul mattasul mattasul matt
    واه سائين واه اسان وٽ اهڙا مريض جام آهن زبردست نسخو ٻڌايو اٿو پر ادا ان تي عمل ڪئين ٿئيندو .
    ادا اگر مريض موچڙن کان ڀڄي وڃي ته پوءِ ڇاڪجي ؟
    sadayeen gud
     
  3. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    واه ادا رشيد واه

    سست ۽ ڪاهلن ماڻهن جو علاج اصل زبردست ٻڌايو اٿئي............... اهڙا مريض ته کوڙ ساترا آهن پوءِ جوتن تي به نه ڪٿي ٽيڪس لڳي...... ادا اڳئي ڏسو ٿا پيا ته اسان جي ملڪ ۾ هر شئي مهانگي آهي. خير سائين اهڙي مريض جي لاءِ اصل پٺاڻن سان رابطو ڪبو ڇو جو سڄو ڏينهن گند مان جيڪي پراڻا جوتا ميڙئي اچن...... ته جيئن ٽيڪس کان به بچي وڃون پر جاني اهڙان مريضن سان ته اصل ڳوٺن جا ڳوٺ ڀريا پيا آهن....
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ڪشي ڪان ڪمان ۾ ميان مار مَ مُون
    مون ۾ آهين تون، متان تُنهنجو ئي توکي لڳي.​
     
  5. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ

    وڃ سائين اهو ڪنهن کي هنيو ڏاڍو لڳس khil sahikhil sahi
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    واهه ادا رشيد واهه، ڀلا اهو ڪنهن جي نانءُ ڪيو اٿئي.
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ڀاءُ رشيد
    حق موجود؛
    دوست، آءُ سمجهانٿو ته هيءَ پوسٽنگ دنيا جي سڀني سستن ۽ ڪاهلن لاءِ آهي جي ڪم کان ائين ڀڄندا آهن جيئن ڪانءُ ڀڄي ڪمان کان ...
    hall chari
    hatt-pare
    asul matt
    sadayeen gud
     
  8. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    shabash
    lajwab-sharing
    sindhsalamatsaathsal
     
  9. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0

    سواءِ هڪ اڌ جي، اسان سڀ هن مرض ۾ مبتلا آهيون۔ اگر اسان اهو چئون ته اسان تمام گهڻو چُست ۽ محنتي انسان آهيون ته پوءِ اهو پنهنجون اکيون بند ڪرڻ ۽ حقيقت کان انڪار ڪرڻ جي برابر هوندو۔ پوري سنڌ گهمي ڏسو، چانهه جي هوٽلن تي اسان سنڌي ماڻهو ايئن گڏ ٿي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهرين جا ٺڪاء ڪندا آهيون ڄڻ سڄي دنيا جا مسئلا اسان کي حل ڪرڻا آهن ۽ ايئن پنهنجو پاڻ کي دوکو ڏيندا آهيون ته اسان تمام گهڻو مصروف زندگي پيا گذاريون ۽ اسان وٽ سُستي لاءِ وقت ئي ڪونهي۔ سائين نثار، مٿيون بيت انهي سچ کي محسوس ڪندي ان جي اقرار ۾ لکيو آهي۔
    ڌڻي در دُعا آهي ته اسان کي انهي بيماري کان محفوظ رکي۔
     
  10. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سائين اصل اندر ٺاري ڇڏيو اٿئي. مٺا بلڪ سئو فيصد سچ ٿا چئو توهان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو