سنڌ ۾ پيري مُريدي ( توهمات وسوسه ۽ ذهني ڪمزوري ) سيد حُسام الدين راشدي حصو پهريون سنڌ ۾ وهابيت، در حقيقت، ردعمل هئي هتان جي پيرن، ساداتن، سجادن ۽ خانقاهه نشينن جي بداعمالين، سياهه ڪارِن ۽ دين کان دور ڪردارن، عادتن ۽ اطوارن جو. سنڌ جو عوام جاهل، نه خبر نه تعليم، نه صحيح رهنما، نه سچ ڪوڙ جي سُڌ. ويچارا اٻوجهه ۽ خوش اعتقاد، عقيدن ۾ اهڙا ڪمزور ۽ توهمات ۾ ايترو مبتلا ٿي ويا، جو پيريءَ مريديءَ، سڳي ڌاڳي، دعا ڦيڻي، ڪاني ڪرامت جي صورت ۾ خانقاه نشينن، سجاده نشينن ۽ قبرن جي مجاورن جيڪي ڪوڙڪيون اڏي ڇڏيون هيون، انهن ۾ ڦاسندا ويا. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڏيون وڏيون درگاهون، شاندار سجادا، ۽ ڌوم ڌام وارا پير ۽ مرشد – ڄڻ هر ڪنهن جو مڪو مچي ويو! ڪن بزرگن صديون اڳ پورهيو ڪيو هو، جنهن جو ناجائز ۽ سراسر غلط فائدو انهن جا جاهل ۽ دين کان دور، پنهنجي بزرگن جي رستي کان پري پيل پونئير وٺي رهيا هئا. جن بزرگن ۽ خدا جي نيڪ ٻانهن دين ۽ شريعت جي صحيح رستي ڏيکارڻ لاءِ مرڪز قائم ڪيا هئا، اُهي کانئن پوءِ لادينيءَ جا اڏا بڻجي پيا، ۽ انهن مرڪزن کي سجادن ۽ مسندن ۾ منتقل ڪري، پنهنجن ابن ڏاڏن جي نالي ۽ انهن جي نيڪين کي تجارت جو مال بڻائي، انهيءَ آمدنيءَ تي پنهنجين زندگين ۽ آڪهين جي قوت گذر جو دارومدار رکيو ويو.ل ماڻهن کي مرعوب ڪرڻ لاءِ عوام جي دلين تي ڌاڪي وهارڻ خاطرن، مٽيءَ جي قبرن کي سنگ مرمر سان سينگاريو ويو، انهن تي شاندار قبا، گنبذ ۽ روضا کڙا ڪيا ويا، انهن تي ڪاشي ڪاريءَ جا ڪم ڪرائي خوبصورت ۽ رنگ برنگي بڻايو ويو، خاڪ نشينن جي آستانن کي قيصرو ڪسريٰ جي ايوانن م تبديل ڪيو ويو، دلق پوشن جي مرڪزن کي ڪمِ خواب ۽ ريشمي عبائن ۽ قبائن ۾ گرانبار ڪيو ويو. اهي سڀئي شاهي ٺاٺ اِنهيءَ ڪري، ته سندن تجارت چمڪي، زور وٺي ۽ خريدارن جي آمد رفت انهيءَ چمڪ دمڪ کي ڏسي، وڌي ۽ گهڻي ٿئي، يعني انهيءَ آرائش سبب جيئن سندن دڪانن جي رونق وڌي! انهيءَ تجارت ۾ جڏهن ماڻهن مالي منفعت ڏٺي، ته ڪيترن ڪوڙيون قبرون به ٺاهيون، ڪن نامعلوم قبرن تي ڪنهن نه ڪنهن پير، شاهه يا شهيد جو نالو رکي، درگاهون پيدا ڪيون ويون. ڪن ته مورڳوئي وڻن جي ٽامن ۽ لامن ۾ اڳڙنِ ٿِڳڙنِ جا ٽڪر ٽوٽا ٽنبي، کٻڙن، لوَن ۽ ڪَنڊِن کي ”ٿڳڙيال پير“ بڻائي، پنهنجو روزگار چالو ڪيو. انهيءَ حد تائين دين کان دوري ۽ اسلام کان انحرافي ڪئي وئي، ايستائين عقيدن جو ضعف، ايمان جي ڪمزوري، ۽ توهمات جو زور ٿي ويو، جو قبرن جون باسون باسيون ويون، پيرن جون ڪُنيون ڪيون ويون، مزارن تي سُکائون آنديون ويون، درگاهن تي ميلا لڳايا ويا، مئن جي نالي ۾ درگاهن تي ڳئون ۽ سانهَه ڪُٺا ويا – ماڻهو بيمار ته سڌو ڪنهن مئي جي مقام تي، چي اتان شفا ٿيندي، اڙِي موڙهي ٿي، جهٽ ڪنهن قبر تي سلامي، ماهه پهريون سومر، ماهه پهريون جمعو، ماه پهريون آچر، مطلب ته ست ئي ڏينهن هفتي جا ڪنهن نه ڪنهن پير جي نالي مخصوص. اڄ هن پير جي سک آهي، سُڀنهن هُن قبر تي ميلو، پَرينءَ هن جي مِٺي ڪُني. پُٽ به پير ڏيڻ لڳا ۽ اولاد جو جيئڻ بچڻ به انهن جي وڃي هٿ ٿيو. عورتن ۽ مردن کي جن ڀوت وٺڻ لڳا، ۽ انهن جو نيڪال به ڪنهن نه ڪنهن پير يا مرشد جي درگاهه تي ٿيندو رهيو – چي حساب (جن) ٿيو آهي، فلاڻي پير کي اُن جو هُدو (عهدو) آهي، هلو ته اوڏانهن هلون! قبرن اڳيان سجدا، مئن اڳيان رڪوع ۽ سجود! مزارن جي چوڌاري صدقا، هٿ ٻڌي ڳچيءَ ۾ ڳارا وجهي، ائين حاجت بيان ڪرڻ جيئن ڪو جئري جي اڳيان پنهنجو حال ڪري. مطلب ته سنڌ جي سڀني جئرن جي سموري اٿي ويٺي وڃي مُئن جي حوالي ٿي، يا انهن جي مجاورن، سجادن ۽ پيرن جي. هر قبر ولايت ماب ۽ هر مٽيءَ جو ڍير ڪرامت جو مرڪز بڻجي ويو. قبرون ته قبرون، پر وڻن ٽڻن جي پوڄا ٿيڻ لڳي. انهن تي به سوالي پنهنجون حاجتون وٺي وڃڻ لڳا. انهن سڀني غير شرعي ڳالهين جو جڏهن عام رواج ٿيو، جيڪو تنزلي جي دور جو خاصو ٿئي ٿو، ان وقت سنڌ جو ڪوبه اهرو شهر باقي ڪونه رهيو، جنهن لاءِ ٻڌڻ ۾ نه آيو ته منجهس سوا لک اولياءَ ستل آهن – روهڙي سوا لک پير، سيوهڻ سوا لک پير، ٺٽو سوا لک پير، ۽ مڪلي سوا لک پير! انهن ”اجتماعي مرڪزن“ کان سواءِ هر ڳوٺ ۽ هر واهڻ کي پنهنجون جدا مزارون ۽ درگاهون هيون. هي جمن شاهه آهي، هي ڦتن شاهه آهي، هي لالڻ گهوٽ آهي، هي ڀورل بادشاهه آهي، هي پير پنجو آهي، ۽ هي پير چنڊام آهي. شهيد ۽ شاهه کان گهٽ ڪوبه مِٽيءَ جو ڍير سنڌ ۾ ڪونه هو – ڪنهن ماڻهوءَ کي گهر گهاٽ ڪونه هوندو، ڪمائڻ ڪرتڻ کان گوساڪڙ، نڪمو ۽ ٽوٽي هوندو، جهٽ ڪنهن جاءِ تي پراڻي قبر ڏسي يا قبر ٺاهي، پاڻيءَ جو ڇڻڪار ڪري ويهي رهندو، چي: ”فقير آهيون، مڙئي پيا عاشق جي در جي چاڪري ڏيئون ۽ رياضتڙي ڪيئون!“ مهيني اڌ ۾ ٻن ٽن ايڪڙن کي ولو (1) چاڙهي، چوڌاري پيهر به اچي ويندو، ۽ رتن جوت، ناز بوءِ ۽ ڪنوار ٻوٽيءَ جا ٿڏا به لڳي ويندا. هڪ سٺو مَنَهُن به اڏجي ويندو، جنهن ۾ تڏا، مَٽ، ڪَپيون، يڪتارو ۽ ڀنگ گهوٽڻ جو ڏنڊو ڪونڊو موجود ٿي ويندو، بس جمن شاهه شهيد جي درگاهه تيار، نه پيسو خرچ نه پائي اولياءَ جو آستان جو ٿي ويو! پهريون پِني سِني پاڻ ماهه پهريون سومر ملهائيندو، ان کان پوءِ باقي معاملو پنهنجو پاڻ چالو ٿي ويندو- سُکون، باسون، ڪُنيون، خيراتون، ختما ۽ ميلا ملاکڙا، ڄڻ بر ۾ بازاريون لڳي وينديون. جيسين مجاور جئرو، تيسين فقير به پيو سڏبو ۽ سندس سڀئي لايو سجايو. مرندو، ته پاڻ به پير ٿي پوندو! مطلب ته جيڪر ايڏو ٽوٽي ۽ نڪمو هو جو ڪک ڀڃي سنئون ڪري نٿي سگهيو، سو انهيءَ ترڪيب سان جڏهن مئو، ته اوڏو وليءُ ٿي پيو! چي: ”پر، واهه جو فقير سائين هو!“ ”هائو سائين، ذري وارو مڙس هو!“ ”هائو ادا، تڏهن ته ايڏيءَ مئيزل (منزل) رسيو!“ ”سندس ٻالڪو به گهٽ نه ٿيندو!“ ”ٻالڪو“ معنيٰ جيڪو ٻيو ٽوٽي ۽ رولاڪ ڇورو پينو فقيرَ پنهنجي ٽانڊي ٽوپيءَ ۽ اڳ پوءِ لاءِ رکيو هو. ماڻهو ايترا مجهول، جو مٽيءَ ۾ اعتماد، اکين ڏٺي ٽوٽيءَ ۾ ايمان ۽ رولاڪ ڇوري ۾ خوش فهمي! (هلندڙ) (ڪتاب: ”هُو ڏوٿي، هُو ڏينهن“ تان ورتل) ليکڪ۔۔۔سيد حُسام الدين راشدي ۔۔۔۔۔)
جواب: سنڌ ۾ پيري مُريدي ( توهمات وسوسه ۽ذهني ڪمزوري ) اولياء الله جو احترام ڪرڻ ۽ سندن مزارن جي زيارت۽ انهن کان طلب شفاعت ڪرڻ خدا وند متعال جي بارگاهه ۾ توبه ۽ استغفار سان مليل هجي ٿو ۽ اها شيءُانسان جي تربيت،اخلاق ۽ ايمان کي سنوارڻ جي لاءِ تمام گهڻي موثر آهي.
جواب: سنڌ ۾ پيري مُريدي ( توهمات وسوسه ۽ذهني ڪمزوري ) ادا توهان سچ ٿا چئو ته اولياء الله جو احترام ڪرڻ گهرجي، مگر اصل ۾ احترام آهي ڇا اچو ته ان کي سمجهون، ادا حضرت علي رضه جن کان ڪنهن پڇيو ته سائين ّظلم ڇا آهي ۽ انصاف ڇا آهي، ان تي حضرت علي سائين فرمايو ته جيڪا شيء جتي سونهين ۽ ٺهي اها اتي رکجي ته اهو انصاف آهي، جيئن هيرو تاج ۾ هجي اهيو ان جو حق آهي ۽ اهيو ان هيري سان انصاف آهي، ۽ اگر ان هيري کي پيرن ۾ رکبو ته اهو ظلم آهي (ان هيري سان، ) سو ادا احترام ڀلي ڪجي، هي ته الله جا دوست آهن پر احترام لاء ته مان اهيو چوندس ته هر ڪنهن ماڻهون جو ڪجي، ۽ اهيو اخلاقيات مان آهي ، احترام ته نوڪر جو غلام جو ۽ سويئپر جو به ڪجي، اهي به انسان آهن انهن کي به عزت نفس آهي، ۽ اسان جو مذهب اسلام پڻ ان ڳالهه جو سبق ڏئي ٿو، مگر انهن اوليائن جو اهيو احترام نه آهي ته انهن جي پوڄا ڪجي ان لاء به اسلام قرآن ۽ سنت سختي سان منع ٿا ڪن، ۽ اڄڪلهه ته مزارن تي خانگاهن تي ڇا ٿو وهي واپري اهيو به دنيا ڏسي ٿي ۽ سمجهي ٿي، جڏهن ته اهي اولياء پنهنجي سڄي زندگي الله جي حڪمن جي پيروي ڪندا رهيا ۽ الله جي حڪمن جي تبليغ ڪندا رهيا۔ ( انهن جي مزارن تي اهيو سڀ ڪجهه ڏسي ڪري تمام گهڻو ڏک ٿيندو اهي ) ڀاءُ دنيا جو ڪو به مذهب هجي ان هميشه توحيد جو سبق ڏنو آهي، پر افسوس جو انهن مذهبن مان آهسته آهسته توحيد وارو سبق ختم ٿيندو ويو، ۽ اهڙي طرح هاڻي اسان جي مذهب اسلام۾ به اهڙيون غير شرعي ڳالهيون عام ٿئي ويون آهن جو اسان انهن کي ثواب سمجهي ڪري رهيا آهيو، جيئن پير پرستي، قبرپرستي، شخصيت پرستي، وغيره، جڏهن ته انهن اوليائن ته هميشه توحيد جو ئي سبق ڏنو آهي، شاه عبداللطيف ڀٽائي رح ته ڪيڏو نه چٽو ڪري قبرپرستي ۽ پير پرستي کي نديو آهي۔ پوڄا ڪارڻ پاڻ کي شرڪ شيطاني شر پوڄا جهڙو پاڻ ڌڻي، ٻيو پير نه پيغمبر هڪڙا پوڄاري پيرن جا، ٻيا بتن جا بدتر ٻنهيء واٽون ورسجي ناحق وڌو پاڻ کي باقي ادا ڊاڪٽر صاحب جي پڙهيل هنن قرآن جي آيتن کي غور ڪري ٻڌندا، شايد توهان کي قرآن جون اهي آيتون رهنمائي ڪن، http://www.youtube.com/watch?v=0QulCY2Ny7E
جواب: سنڌ ۾ پيري مُريدي ( توهمات وسوسه ۽ذهني ڪمزوري ) سائين مزارن تي جيڪو ڪجھ ٿئي ٿو مونکي سڀ خبر آهي۔۔۔جتي سُٺا ماڻهو هوندا آهن اُتي برا به هوندا آهن۔۔۔اوهان سڀني کي هڪ نه سمجهو۔۔۔۔۔خالد محمد سومرو صاحب جن جي مان ته ڪڏهن به وائض ڪون ٻڌو آهي۔۔۔۔باقي خالد محمد سومرو صاحب جن جي لا اهو ٻڌو آجي ته هو۔۔۔۔۔پنهنجي وڏن جي قبرن تي وڃڻ کان سخت معني ڪندا آهن۔۔۔۔
جواب: سنڌ ۾ پيري مُريدي ( توهمات وسوسه ۽ذهني ڪمزوري ) قبرن تي وڃڻ کان ته اسلام ڪڏهن به منع ڪونه ٿو ڪري، بلڪه قبرن تي وڃڻ لاء ته حڪم ٿو ڪري ته توهان پنهنجن وڏڙن توڙي ٻين عزيزن، دوستن جي قبرن تي پڻ ويندا ڪريو ۽ انهن قبرن کي ڏسي ڪري سبق حاصل ڪريو، ۽ ڏسو ته ڪڏهن اهي به توهان وانگر ڪنهن وڏي ٺاٺ باٺ سان پنهنجي زندگي گذاريندا هئا ۽ اڄ اهي مٽي جي هڪ دير هيٺان آهن، جنهن لاء پڻ شاه صاحب ڪيڏو نه خوب فرمايو آهي جا پيرن هيٺان ڀونءُ، سا مٿان سڄڻين ڏنڱ لٽيائون ڌوڙ ۾ ، اڀئي ڏٺاسون ڏينهن مڙوئي ڏون ، اٿي لوچ لطيف چئي۔۔ مگر ڀاء انهن قبرن تي غير شرعي عملن کان ضرور منع ڪيو ويو آهي، جيڪي انهن قبرن تي انهن مزارن تي اڄڪلهه ٿين ٿا، جيڪي انهن اوليائن کي به پسند نه هئا، مگر انهيء ۾ انهن جو ڪهڙو ڏوهه ، ڇو جو اهي هاڻي بيوس آهن،
جواب: سنڌ ۾ پيري مُريدي ( توهمات وسوسه ۽ذهني ڪمزوري ) ادا ممتاز شل جڙيو هجين ادا اوهان ان صاحب مقاله سان ڪيترا فيصد متفق آهيو؟ ادا اوهان جا جملا تمام گهڻا مجمل آهين آوهان پهنجي ان عبارت جي وضاحت ڪندا ته قبرن تي غير شرعي عملن کان ضرور منع ڪيو ويو آهي ان ما ڪهڙآ يمل مراد آهين ۔؟؟؟ قبرن تي ميلا ملاکڙا ڪرڻ راڳ رنگ ڪرڻ انهن آڙ ۾ الله جي نافرماني ڪرڻ مرا د آهي ۔۔ ته اوهان سان مان متفق آهيان ۔ مان ته ڇا پر هر مسلمان نه پر صاحب عقل کي به متفق هجڻ گهرجي ۔ باقي ادا ڇا ان ولي الله جي قبر تي وڃي ڪري ان الله جي پياري جي وسيلي سان الله کان دعا گهرڻ يا ان کي پهنجو شفا ڪار بڻائڻ ۽ ان جو واسطو ڏئي ڪري الله پاڪ کان دعا گهرڻ به منع آهي ته زارا اسان جي ب رهنمائي ڪندا ته اسان به ٻيهر ڪنهن ولي الله جي مزار تي نه وڃو ڇو ته اسان ته اهڙا گناه تمام گهڻا ڪري چڪا آهيون پر جي هاڻي رهنمائي ٿي وڄي ته الله کان ان جي معافي وٺون۔ بحرحال اصل ڳاله هي آهي ته الله پاڪ قرآن مجيد ۾ هر تمام گهڻين جاين تي قرآن ۾ غور ۽ فڪر ڪرڻ تي زور ڏنو آهي بلڪه شريعت ۾ قياس، تفسير برائي جهڙي شي کي ڪڍي ڪري غور ۽ فڪر ڪرڻ سان انسان کي رهنمائي ضرور ملندي آهي ۔ پر جي لڪير جا فقير ٿي وڃون ۽ هر ظاهر ايندڙ شي کا ان ممانعت جو مصداق سمجهي ويهون ته اها دين سان ناجائزي چئبي جهڙي طرح هر چمڪتي چيز سونانهين هوا ڪرتي اهڙي طرح هر شي کي اسان ڪنهن نه ڪنهن حديث جي ظاهر کي ڏسي ڪري مصداق بڻائي ويهون ته پوء ته اسان کي بني ڪريم جي به ضرورت نه هئي ڇو ته قران ته واضح لکيل آهي پر نئن نه آهي الله تعالي قرآن سان گ پهنجي نبي ڪريم کي ان جي تفسير لاء ان ڪري ئي موڪليو ته دنيا ظاهر ڏسي ڪري گمراه ن ٿي وڃي ۔ بلڪه ان ۾ طاهر ۔ باطن ، ناسخ ، منسوخ وغيره ۔ آهين ان ڪري ۔۔۔۔۔۔۔ ۔ ۔ ۔ ۔۔۔۔۔۔ مون اڪثر دوستن ۾ اهو ڏٺو آهي ته حديث روايت جاڪنهن سياڻي جي قول کي پيش ڪري زوري پهنجي ڳاله تي دليل طور پيش ڪندا آهين ڀلي اها ڳاله انهن جي موضوع سان مطابقت رکندي هجي يا نه ۔ پر مهنجي صلاح اها آهي ته اسان کي اهو ضرور ڏسڻ گهرجي ته ان جو سان نزول ڇا هي ان جو موضوع ۽ زماني جي تقاضا ڇا هئي ان مان ڪهڙي شي مراد ورتي وئي هئي ۔ ۔۔ ۔ ۔ ۔ بحرحال ادا جي اوهان جيڪا تصوير ڏني آهي جنهن ۾ ڪنهن در تي جهڪيل ماڻهون يکاريو ويو آهي ڇا اهو غلط آهي ؟؟؟؟ مهنجي نظر ۾ ته ان تي غلط هجڻ جو جلدي فتوي هڻڻ جلد بازي ٿيندي۔ ادا هر مسلمان قراان تي يمان رکي ٿو ۽ پنجن وقت نماز ۾ اهو چوي ٿو ته اياڪ نعبد و اياڪ نستعين ۔ ا ي الله مان تهنجي صرف و صرف تهنجي ئي عبادت ڪيان ٿو ۽ توکان ئي مدد گهران ٿو ٻيو ڪو به ان عبادت جي لائق نه آهي ۔ مطلب ته پوء ڪنهن ولي جي در تي سجدو ڪرڻ خدا تعالي کي سجده تعيظيمي سجدو آهي ۽ در حقيقت ان لله جو شڪريو ادا ڪرڻ آهي جنهن ان کي اها توفيق ڏني ته ان الله جي ان ولي جو در چميو ۔۔۔۔۔۔۔ ۽ اهو ئي ته عين ايمان آهي ۔ باقي اسان جي احترام ۾ ڪنهن بزرگ جو پهنيجي اولاد جو بوسه وٺون ته شرڪ نه آهي پر جي ڪنهن ولي جي قبر کي پمون ته عيب ۽ شرڪ آهي مان ان سان به متفق نه آهيان ۔
جواب: سنڌ ۾ پيري مُريدي ( توهمات وسوسه ۽ذهني ڪمزوري ) ان پر نه ايمان، جئن ڪلمي گو ڪوٺائيـن، دغـــــا تنهنجـــي دل ۾، شرڪ ۽ شيـــــطان، منهـــــن ۾ مسلمــــــــان، انــــــدر آذر آهيـــن۔ سر آسا اهـــکي راهه الله جــي، اهـــــکي اهــــکي ڀت، هو جي ڏهائي ڏيهه جا، تن پڻ موڙهي مت، آڇــــاران ات، گهـــڙج گهـــــــاٽي نيهن سان۔ سر سريراڳ ڀــــــريون ڀــــر دريـــــاه، پس! جـــــي پــــــــار پـــــونـــــــديــون، ٻـــــــــڌ تــــــــــــوڪــل تـــــــــــرهــــــو، آهـــــــر ســـــــاڻ الله، جــن جي ساهـــڙ سان صلاح، سي ڪيئن ٻڏنديون ڪڏهين۔ سر سهڻي
جواب: سنڌ ۾ پيري مُريدي ( توهمات وسوسه ۽ذهني ڪمزوري ) ادا ممتاز اوهان جي تسلي لاء هي مڪالو پيش ڪجي ٿو سول خدا ص جي زيارت سڀني عملن کان سٺو (بهتر) عمل آهي ڪتاب “الفقہ على المذهب الاربعه” ۾ لکيل آهي ته اهلسنت جي چئني امامن جي نزديڪ پڻ رسول خدا جي زيارت ڪرڻ بغير ڪنهن شرط جي مستحب آهي، ۽ ان ڪتاب ۾ هي به لکيل آهي ته رسول خدا جي قبر جي زيارت ڪرڻ سڀني عملن کان بهتر عمل آهي. ابن باز جي فتوى “ابن باز” سعودي عرب جو مفتي اعظم چوي اٿو ته : جيڪو به شخص مسجد النبي جي زيارت ڪرڻ چاهي ته ان جي لاءِ مستحب آهي ته رسول خدا جي روضي ۾ ٻه رڪعتون نماز به پڙهي ۽ ان کان بعد رسول خدا ص تي سلام پڙهي، ۽ اهو به مستحب آهي ته جنت البقيع ۾ وڃي ۽ اُن ۾ دفن ٿيل شهيدن کي سلام به ڪري.[ii] مخالفت ڪندڙ گروهه پنهنجي اختلاف کي ٽن مختلف پهلوئن سان پيش ڪري ٿو. اختلاف جا ٽي مختلف پهلوءَ 1_قبر۽ مزار جو ٺاهڻ ئي درست ناهي 2_ قبر۽ مزار جي زيارت ڪرڻ.لاءِ وڃڻ درست ناهي 3_عورتن جو قبرن يا مزارن جي زيارت جي لاءِ وڃڻ صحيح ناهي. انهن ٽنهي پهلوئن جي ثابت ڪرڻ لاءِ ان گروهه اهڙين روايتن جو سهارو ورتو آهي جن جي يا ته سند ضعيف آهي يا وري غلط آهي. تاريخي شاهديون قديم زماني کان وٺي بزرگن جي قبرن جو احترام ڪرڻ هر قوم جي لاءِ عزت۽ افتخار جي علامت رهيو آهي. ماڻهو هزارين سالن کان وٺي پنهنجي پنهنجي بزرگن جي مزارن جو احترام ڪندا آيا آهن جنهن جا ڪيترائي اخلاقي ۽ روحي ۽ نفسياتي اثر آهن گذريل ماڻهن کي محترم سمجھڻ جا فائدا 1_ اولياء الله جو احترام ڪرڻ جو پهريون فائدو هيءُ آهي ته ائين ڪرڻ سان سندن حرمت هميشه باقي رهي ٿي بلڪه حقيقت ۾ ائين ڪرڻ اسلام لاءِ سندن پيش ڪيل خدمتن جو اعراف ۽ ان جي بدلي ۾ هڪ قسم جو کين خراج عقيدت پيش ڪرڻ آهي اهو سڀ انساني عزت ۽ شرافت جي تقاضا جي عين مطابق آهي،اها اولياء الله جي عزت ۽ عظمت نئين نسلن لاءِ سندن راهه تي هلڻ ۽ سندن سيرت جي پيروي جو بهترين وسيلو آهي. 2_ اهي خاموش نظر ايندڙ قبرون انسان لاءِ ڪيترائي درس ۽عبرت ڀريا پيغام پنهنجي اندر رکن ٿيون جيڪي اگهور ننڊ ۾ستل دلين تان غفلت جا غبار کي صاف ڪرڻ ، دنيا جي خطرناڪ گمراهين کان بچڻ ۽ هوشيار ڪرڻ سان گڏوگڏ نفساني خواهشن جي تسلط کان بچڻ جو سبب آهي.جيئن مولاءِ ڪائنات علي عليه السلام جن فرمائن ٿا: بهترين وعظ ۽ نصيحت ڪرڻ وارا آهن،اهي آهن جيڪي هن دنيا مان هليا ويا. 3_ پنهنجي عزيزن جي قبرن تي وڃڻ سندس وارثن جي تسليءَ جو سبب بڻجي ٿو. ڇوجو کين پنهنجي عزيزن جي قبرن تي وڃي ڪري سڪون ملي ٿو، ۽هو اهو محسوس ڪندا آهن،ڄڻ ته اهي پنهنجي عزيزن سان گڏ هجن کي محسوس ڪندا آهن،۽ اهو سندن ڏکن ۽غمن جي بهترين دوا آهي. 4_ اولياء الله جو احترام ڪرڻ سبب ٿئي ٿو ته ٻئي هر قوم وانگر مسلمانن جي ثقافت ۽ ڪلچر محفوظ رهي،اسلامي ثقافت هڪ عظيم ثقافت آهي جنهن جو هڪ وسيع حصو شهيدن ،عالمن ۽ خاص ڪري بزرگن جي مزارن جي صورت ۾ موجود آهي . بزرگن جي ياد کي باقي رکڻ اسلام جي بقا جو ضامن ۽ رسول خدا ص جي سنت آهي، اُهي ماڻهو ڪيترا نه ڪريل انسان آهن جن مڪي ، مديني ۽ ان جي آس پاس ۾ اسلام جي شروعاتي دور جي عظيم ۽ با قيمتي هستين جي نشانين کي مليا ميٽ ڪري ڇڏيو۽ اسلام جي هڪ وڏي ثقافتي حصي مٽائي ڇڏيو. 5_ اولياء الله جو احترام ڪرڻ ۽ سندن مزارن جي زيارت۽ انهن کان طلب شفاعت ڪرڻ خدا وند متعال جي بارگاهه ۾ توبه ۽ استغفار سان مليل هجي ٿو ۽ اها شيءُانسان جي تربيت،اخلاق ۽ ايمان کي سنوارڻ جي لاءِ تمام گهڻي موثر آهي. ڇا اولياء الله ۽ مومنن جي قبرن جي زيارت شرڪ آهي؟ ڪجهه ماڻهو آگاهه يا نا آگاهه ان وهم جو شڪار آهن ته ائمہ معصومين عليهم السلام جي زيارت شرڪ ۽ سندن زائر نعوذ بالله مشرڪ آهن، پر اسان کي سئو فيصد يقين آهي ته جيڪڏهن اهي ماڻهو زيارت جي فلسفي کان آگاه هجن ها ته اُهي ڪڏهن به اهڙا الفاظ پنهنجي زبان تي جاري نه ڪن ها. ڪوبه عاقل انسان پيغمبر اڪرم ص ۽ آئمہ معصومين عه جي عبادت نه ڪندو آهي، بلڪه هر مومن بزرگن جي احترام ۽ انهن جي شفاعت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪري انهن جي زيارت ڪندو آهي. اڪثر ڪري زيارت ڪندڙ شخص زيارت ڪرڻ کان پهريان سئو مرتبه الله اڪبر چوندي هر قسم جي شرڪ کان پاڪ ۽ پنهنجي موحد ( خدا پرست) هجڻ جو اعلان ڪندو آهي. اسان زيارت امين الله ۾ چوندا آهيوناشهد انک جاهدت في الله حق جهاده و عملت بکتابہ و اتبعت سنن نبيہ حتى دعاک الله الى جواره) آءُ گواهي ڏئي رهيو آهيان ته توهان خدا جي راهه ۾ جهاد ڪيو جيئن جهاد ڪرڻ جو حق آهي ۽ ان جي ڪتاب تي عمل ڪيو ايستائين جو هن توهان کي پنهنجي جوار ۾ گھرايو. ايمان سان ٻڌايو ته ڇا ان کان وڌيڪ ڪو موحد ٿي سگھي ٿو؟ اسان زيارت جامعہ ڪبيره ۾ آئمہ معصومين عليهم السلام کي مخاطب ٿيندي چوندا آهيون: (الى الله تدعون و عليه تدلون و بہ تومنون و لہ تسلمون و بامره تعلمون و الى سبيلہ ترشدون) انهن سڀني جملن ۾ ضميرن جو مرجع خدا آهي، زائر چوي ٿو : توهان خدا جي طرف دعوت ڪندا آهيو، ان ڏانهن ئي راهنمائي ڪندا آهيو، ان تي ايمان رکندا آهيو، ان جي سامهون سر تسليم خم ڪندا آهيو ۽ ماڻهن کي اُنجي طرف ئي دعوت ڪندا آهيو. انهن سڀني زيارت نامن ۾ خدا جي ساراهه ڪئي وئي آهي ۽ توحيد جي طرف دعوت ڏني وئي آهي، هر عاقل انسان جيڪڏهن تعصب جي عينڪ لاهي حقيقت جي آئيني سان انهن جملن تي غور ڪندو ته کيس خبر پئجي ويندي ته هي شرڪ ناهي بلڪه توحيد جو حقيقي روح آهي ؟ ڇا اولياء الله کان شفاعت طلب ڪرڻ توحيد جي خلاف نه آهي؟ ڪجهه ماڻهن ان غلط فهميءَ جو شڪار آهن ته خدا جي بارگاهه ۾تقرب حاصل ڪرڻ لاءِ اولياء الله کان شفاعت طلب ڪرڻ کي بي جان ۽ بي عقل بتن کان شفاعت طلب ڪرڻ جي برابر سمجھن ٿا. جڏهن ته قرآن جي گواهي مطابق محشر واري ڏينهن خدا جي حضور الله جا وليءَ گناهگار ماڻهن جي شفاعت ڪندا. مثال طور بيان ڪجي ٿو: 1 _ جڏهن حضرت يوسف (ع) جي ڀائرن کي حضرت يوسف (ع) جي عظمت جي خبر پئي ته حضرت يعقوب (ع) کان شفاعت جي درخواست ڪئي ۽ حضرت يعقوب (ع) به واعدو ڪيو ته مان توهان لاءِ خدا کان شفاعت طلب ڪندم. انهن چيو بابا سائين! توهان اسان جي گناهن جي لاءِ استغفار ڪيو، بيشڪ اسان خطا ڪار آهيون، ته حضرت يعقوب (ع) فرمايو آءُ عنقريب توهان جي لاءِ استغفار ڪندم،بيشڪ منهنجو پالڻهار وڏو مهربان ۽ معاف ڪرڻ وارو آهي. {[iii]} ڇا حضرت يعقوب (ع) معاذ الله مشرڪ پيغمبر هيو؟ 2_ قرآن مجيد گناهگارن کي رسول خدا (ص) کان شفاعت طلب ڪرڻ لاءِ تشويق ڪئي (اُڀاريو) آهي. اهي ماڻهو جڏهن به پنهنجي پاڻ تي ظلم ڪندا ها ته اهي تون وٽ اچي توبه ڪندا ها ۽ رسول خدا انهن جي لاءِ استغفار ڪندا هئا، بيشڪ اُهي ماڻهو خدا کي توبه قبول ڪرڻ وارو مهربان ڄاڻِندا ها. ([iv]) ڇا هي ڳالهه شرڪ جي طرف دعوت ڪندڙ آهي؟ 3_ قرآن مجيد منافقن جي مذمت ڪندي فرمائي رهيو آهي: جڏهن انهن ماڻهن کي چيو ويندو آهي اچو ته رسول خدا توهان جي لاءِ استغفار ڪري ته (مذاق ڪندي) پنهنجي سرن کي هلائيندا هئا، ۽ توهان ڏسندئون انهن ماڻهن کي ته اُهي توهان جي ڳالهين کان منهن ڦيرائيندا هئا ۽ تڪبر ڪندا هئا. ([v]) 4_ اسان کي چڱي طرح خبر آهي ته حضرت لوط (ع) جي قوم گندي کان گندي قوم هئي، ان جي باوجود حضرت ابراهيم (ع) ان قوم جي شفاعت جي خدا کان درخواست ڪئي، ڇوجو انهن ماڻهن گناهن جي ڪري توبه جي توفيق به وڃائي ڇڏي هئي، ان جي ڪري حضرت ابراهيم (ع) کي خطاب ڪيو ويو ته انهن ماڻهن جي لاءِ شفاعت جي دعا نه ڪر. جڏهن حضرت ابراهيم (ع) کان خوف ختم ٿي ويو ۽ ابراهيم کي پٽ جي بشارت ڏني وئي ته حضرت لوط (ع) جي قوم بابت ڳالهه ڪرڻ لڳو ([vi]) الفقہ على المذهب الاربعه ج 1 ص 590 [ii] الجريره رسالي جي حوالي سان ڏسو شمارو 6826 (ذو القعد 1411هه) [iii] سوره يوسف آيت 97،98 [iv] ـ سوره نساء آيت 64 [v] ـ سوره منافقون آيت 5 [vi] ـ سوره هود آيت 74، 76 __________________
جواب: سنڌ ۾ پيري مُريدي ( توهمات وسوسه ۽ذهني ڪمزوري ) ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جي ڀائين جوڳي ٿيان، ته سڱ سڀيئي ٽوڙ جي ڄاوا نه ڄاپندا، جيءُ تنين سين جوڙ ته تون پهچين توڙ، محبت جي ميدان ۾ ادا علي صاحب دعا آهي ته رب پاڪ توهان کي هميشه خوش رکي ۽ حق سچ چوڻ ، ٻڌڻ ۽ سمجهڻ جي طاقت عطاء ڪري آمين۔ادا ڀاء مان ڪو ديني عالم نه آهيان، مگر پوء به اهيا ڪوشش ڪندس ته حق سچ قرآن جي روشني ۾ سامهون اچي ۽ توهان ۽ اسان جي صحيح رهنمائي ٿئي سگهي، نمبر هڪ توهان قبرن تي وڃڻ لاء پڇيو آهي ان لاء عرض ته قبرن تي وڃڻ ۾ ڪو به ڏوهه ڪونهي جنهن جو ذڪر مان مٿي ڪري چڪو آهيان ٿورو ڌيان ڪندا ته توهان کي نظر اچي ويندو، باقي مان اهيو ضرور چوندس ته قبرن تي وڃي انهن کي سجدا ڪرڻ ۽ انهن کان گهرڻ ڏوهه آهي بلڪه وڏو ڏوهه ۽ شرڪ آهي جنهن جي معافي سواء توبهن جي ممڪن نه آهي، ۽ شرڪ اها بيماري آهي جيڪا تمام عملن کي کائي ويندي آهي، سروري ڪائنات حضور ص سان به مشرڪ ان ڳالهه تي دشمن ٿئي بيٺا هئا، ( جو حضور سائين انهن کي شرڪ ڪرڻ کان منع ڪيو هو ۽ الله سان گڏ ٻين کي سڏڻ انهن کي پوڄڻ کان منع ڪيو هو ) نه ڪي نماز روزي تي۔ ادا سجدي جي لائق صرف رب جي ذات آهي، پوء اهو سجدو ڪهڙي به قسم جو هجي، ( پوء توهان لفظن کي گهمائي ڦرائي ڇو نه ان کي ڪهڙو به نالو ڏيو، فلاڻو سجدو، ٽيرو سجدو يا وري تعيظيمي سجدو۔ ادا سجدو سجدو هوندو آهي ۽ اهو صرف الله کي ڪرڻو آهي، اگر الله کانسواء سجدو جائز هجي هان ته حضور سائين پاڻ کي ضرور سجدو ڪرائين هان۔ توهان پاڻ تاريخ پڙهو توهان کي ڪٿي به اهيو نه ملندو ته حضور سائين ڪڏهن سجدا ڪرائيندا هئا، يا صحابه پاڻ کي سجدا ڪرائيندا هئا، يا امام سڳورا پاڻ کي سجدا ڪرائيندا هئا۔ ) ۽ گهرڻ به ان کان جڳائي، ڇو جو ڪائنات ۾ صرف رب جي ذات ئي آهي جيڪا دنيا جي هر زبان ڄاڻي ٿي بلڪه دلين جا راز به ڄاڻي ٿي، باقي ڪائنات ۾ ٻئي ڪابه ڪا اهڙي هستي نه آهي جيڪا رب جي صفات جي برابر هجي، پوء توهان ڇو نه ان سان ڪيڏي به عقيدت رکندا هجو۔ ۽ انهن کي ڪا به طاقت نه آهي، جنهن ۾ الله سان صفات ۾ برابر هجن۔ هي ڏسو قرآن جي سوره ( ۽ جن کي الله کانسواء سڏيندا آهيو سي کارڪ جي ککڙيء جي ڇُل ( جيتري ذري ) جا (به ) مالڪ نه آهن۔۔۔ سورت فاطر۔۔ آيت 13۔ ) ۽ مشڪل ڪشاء به صرف رب جي ذات آهي ڇو جو ان تي ڪڏهن به ڪا مشڪل ناهي ايندي، باقي دنيا جي ڪهڙي به هستي هجي ان تي مشڪلات اينديون رهيون آهن۔اگر توهان تاريخ جو مطالعو ڪندا ته توهان کي اهيو معلوم ٿيندو ته حضور سائين تي ، حضرت علي سائين تي ۽ ٻين صحابن تي امامن تي ڪيتريون ئي مشڪلات آيون آهن، توهان کي هڪ ٻه وڏا مثال ٿو ڏيان، ته حضرت عمر فاروق رضه، حضرت عثمان رضه ۽ حضرت علي رضه، جن جي شهادت به انهن لاء هڪ ظاهرن مشڪلات هئي ۽ اهي انهيء کي ٽاري نه سگهيا، جنگ جمل ۾ بيبي عاشه رضه ۽ حضرت علي رضه جن جي جنگ مشهور قصو آهي جڏهن ته اهيا به هڪ مشڪل گهڙي هئي ۽ حل نه ٿئي سگهي، امامن جي ڪربلا وارو واقعو توهان جي سامهون آهي ته ڪربلا ۾ انهن سان ڪهڙيون نه زيادتيون ڪيون ويون ، انهن کي اڃيو، بکيو رکيو ويو، انهن جي ٻچن کي پاڻي لاء سڪايو ويو، انهن جي پاڪ بيبين کي ستايو ويو، انهن سان ظلم ۽ ستم ڪيو ويو، انهن تي وڏا وڏا ظلم ڪيا ويا، انهن کي شهيد ڪيو ويو، ادا جيڪڏهن انهن کي مشڪل ڪشا جا اختيار هجن هان ته شايد اهي ايتريون تڪليفون ڪو نه ڏسن هان، ۽ پنهنجون مشڪلات پاڻ حل ڪن هان، مگر ادا مشڪلات حل ڪرڻ ، مشڪل ڪشا جي صفت صرف رب جي آهي، ۽ اهيو ته حضرت علي سائين جو مشهور قول آهي ته (مون پنهنجن مظبوط ارادن مان الله کي سڃاتو،) ادا ان مان مراد ڇا آهي ؟ ، ان جو مطلب ته حضرت علي سائين پنهنجي لاء به اگر ڪو مظبوط ارادو ڪري نڪرندا هئا ته انهن کي به ناڪامي ملندي هئي، سو ادا جڏهن اهڙين شخصيتن کي به ناڪاميون ملن ٿيون ۽ مشڪلاتون اچن ٿيون ۽ اهي پنهنجي مٿان آيل مشڪلات کي به ٽاري نه ٿا سگهن ته پوء ٻين جي مشڪلات ڪيئن ٽاريندا، ( جڏهن ته اهي به هن دنيا ۾ زنده حالت جي صورت ۾ ) جڏهن ته هاڻي ته اهي هي دنيا ڇڏي هڪ ٻئي دنيا ۾ هليا ويا آهن، ان تي توهان اهيو چوندو ته اهي ته شهيد آهن پر ڀاء توهان کي اهيو به ٻڌائيندو هلان ته شهيد واقعي زنده آهن ۽ ان ڳالهه کان ڪنهن کي به ڪو عتراض ڪونهي ۽ ان جي گواهي به قرآن مان ملي ٿي۔ مگر اها زندگي هڪ الڳ زندگي آهي انهن جي زندگي ڪا هي دنيا واري زندگي ناهي۔ ذرا سوچيو اگر هي دنيا واري زندگي آهي ته پوء اهيا زندگي قبر ۾ گذارڻ تمام ڏکي ۽ ناممڪن آهي، ڇو جو هن زندگي سان 4،5 فٽ زمين جي اندر گذارڻ نا ممڪن آهي، اگر ڪنهن زنده ماڻهون کي به 4،5 فٽ اندر زمين ۾ پورجي ته اهو به مري ويندو۔ ادا ڪجهه عقل غور فڪر ڪريو جيڪو توهان جو فارمولو آهي، قبر وارن کان گهرڻ به شرڪ آهي ڇو جو اهي به انهي الله جا بندا ۽ مهتاج آهن ۽ اهي به رب جي رحم جا طالبگار آهن، ڏسو قرآن جي هي آيت (کين ) چئو ته الله کان سواء جن ۾ اوهين گمان ڪندا آهيو تن کي سڏيو ۔اهي نڪي آسمانن ۾ ۽ نڪي زمين ۾ ذري جيترا به مالڪ آهن، منجهن ڪا ڀائيواري آهي ۽ نڪي منجهائن ڪو الله جو مددگار اهي، ۔۔۔ سوره سبا۔ آيت 22 ) ۽ اهي به انسان آهن ۽ انسان ته ڄمڻ سان ئي الله جي رحم ڪرم جو محتاج آهي پوء ڀلي اهو ان وقت کير جي هڪ ڦري لاء ئي ڇو نه هجي، ادا ٻيو مان ته اهيو چوندس ته توهان کي اسان کي ڪهڙي خبر ته جيڪو شخص ان قبر ۾ آهي يا مزار ۾ آهي اهو الله جو پسنديده بندو آهي اهو ته صرف ئي صرف الله ٿو ڄاڻي، ۽ اهيو به ضروري نه آهي ته هر مزار وارو الله جو پيارو بندو هجي، بقول شاه صاحب ته ڪونهي قبن پير، مرشد مسڻ ۾ ادا ان جو مطلب ته اهيو ضروري نه آهي ته جنهن جي مٿان قبو آهي اهو پير يا ولي الله آهي، پر مسڻ ته هندن جي مردي سارڻ جي جاء آهي ۽ اتي ته الله واري جو هجڻ هڪ عجيب ڳالهه آهي مگر شاه صاحب چوي ٿو ته الله وارا ته اتي به ٿئي سگهن ٿا جتي انهن جو گمان به نه هجي۔ ادا توهان لکيو آهي ته ( رسول خدا ص جي زيارت سڀني عملن کان سٺو (بهتر) عمل آهي ) ادا ان ڳالهه کان ڪنهن کي به ڪو عتراض ڪونهي، باقي حضور سائين جي روضي مبارڪ کي به سجدو ڪرڻ شرڪ آهي سجدو صرف الله لاء آهي، ۽ پڪارڻو به صرف الله جي ذات کي آهي، جنهن جو مثال توهان کي مان هن قرآن جي آيت مان ٿو ڏيان، (اي پيغمبر ) تنهن ڪري الله سان گڏ ڪنهن ٻئي معبود کي نه سڏ نه ته (تون به ) عذاب وارن مان ٿيندين ۔۔۔۔۔ سورت شعراء ايت 213 ادا جنهن لاء پڻ شاه صاحب ڪيڏو نه خوب فرمايو اهي ته اي بندا وڃين ڇو وڻڪار هت نه ڳولين هوت کي، شاه صاحب چوي ٿو ته اي بندا الله ته تنهنجي اندر ۾ آهي تون ان سان ملڻ لاء ٻئي هنڌ ڇو ٿو وڃين، اهو ته تو سان گڏ آهي، ۽ اسان کي ته قرآن به اهيو ٿو چوي ته الله ته توهان جي شهه رڳ کان به ويجهو آهي، ادا الله جي ذات ۾ ۽ نه وري صفات ۾ ڪو به برابر جو شريڪ نه آهي، ۽ اسان جا ماڻهون الله کي زبان سان ته هڪ ڪري مڃيندا آهن مگر پوء عمل ۾ الله جي صفات ۾ ٻين کي به شريڪ ڪندا آهن، جيڪو پڻ شرڪ آهي ۽ وڏو گناهه آهي، مثلن هيئن چوندا آهن ته ادا الله ته الله آهي مگر فلاڻو پير مرشد به گهٽ ڪونهي، ۽ اهو به ڏئي ٿو اميدون پڄائي ٿو ۔ ادا تمام انسانن جون اميدون به صرف ۽ صرف الله پوريون ڪندڙ آهي ۔ توهان ڏسو ته هندو جڏهن پنهنجن بتن کان گهرندا آهن ته الله ته انهن کي به ڏيندو آهي ۽ ڏيندڙ صرف الله جي ذات آهي مگر جڏهن ته هندن جو اهيو ڪانسيپٽ ( خيال ، گمان عقيدو ) هوندو آهي ته مون کي هن بت ڏنو آهي، سو ادا الله سڀني کي ڏيڻ وارو آهي پوء اهو هندو هجي مسلم هجي، يا ڪافر ۽ دهريو هجي، باقي حساب ته ڏينهن قيام جي ٿيڻو آهي، جنهن جو ذڪر قرآن ۾ آهي، شاه صاحب جو ته پورو رسالو توحيد سان ڀريو پيو آهي، شاه صاحب هڪ هنڌ وري توحيد لاء فرمائين ٿا ته ڇاکي وڃين ڇو ٻيلي ٿئين ٻين جووٺ ڪنجڪ ڪريم جي جڳ جو والي جو سوکو هوندو سو جنهن جو عشق الله سين ادا توهان جو ٻيو سوال اهي ته ( قبر ۽ مزار جو ٺاهڻ ئي درست ناهي) ادا ان لاء عرض ته پڪي قبر ٺاهڻ لاء منع آهي اهو ان لاء ته جيئن قبرن کي عبادتگاهه نه بڻايو وڃي ، باقي حضور سائين جي روضي لاء اهيو عرض آهي ته اتي الله پاڻ انهيء جي حفاطت لاء بندو بست ڪري ڇڏيو آهي جو ڪير به اتي حضور جن جي روضي کي سجدو نه ٿو ڪري سگهي، ان معاملي ۾ اتان جي حڪومت تمام گهڻي سخت آهي، ۽ الله جو دين اسلام اتان شروع ٿيو آهي ۽ اتي ئي ختم ٿيندو۔ ادا توهان جو هڪ ٻيو سوال هي آهي ته (2_ قبر۽ مزار جي زيارت ڪرڻ.لاءِ وڃڻ درست ناهي 3_عورتن جو قبرن يا مزارن جي زيارت جي لاءِ وڃڻ صحيح ناهي ) ادا ان لاء مان اهيو عرض ڪندس ته قبرن جي زيارت ڪرڻ ۾ ڪو به عيب ڪونهي بلڪه قبرن تي ضرور وڃڻ گهرجي،قبرن تي وڃڻ کان ته اسلام ڪڏهن به منع ڪونه ٿو ڪري، بلڪه قبرن تي وڃڻ لاء ته حڪم ٿو ڪري ته توهان پنهنجن وڏڙن توڙي ٻين عزيزن، دوستن جي قبرن تي پڻ ويندا ڪريو ۽ انهن قبرن کي ڏسي ڪري سبق حاصل ڪريو، ۽ ڏسو ته ڪڏهن اهي به توهان وانگر ڪنهن وڏي ٺاٺ باٺ سان پنهنجي زندگي گذاريندا هئا ۽ اڄ اهي مٽي جي هڪ دير هيٺان آهن، جنهن لاء پڻ شاه صاحب ڪيڏو نه خوب فرمايو آهي جا پيرن هيٺان ڀونءُ، سا مٿان سڄڻين ڏنڱ لٽيائون ڌوڙ ۾ ، اڀئي ڏٺاسون ڏينهن مڙوئي ڏون ، اٿي لوچ لطيف چئي۔۔ مگر ڀاء انهن قبرن تي غير شرعي عملن کان ضرور منع ڪيو ويو آهي، جيڪي انهن قبرن تي انهن مزارن تي اڄڪلهه ٿين ٿا، جيڪي انهن اوليائن کي به پسند نه هئا، مگر انهيء ۾ انهن جو ڪهڙو ڏوهه ، ڇو جو اهي هاڻي بيوس آهن، جنهن جو ذڪر مان مٿي به ڪري آيو آهيان۔ باقي عورتن لاء قبر تي وڃڻ سخت منع آهي جيڪا ڳالهه حديث مان پڻ ثابت آهي، ادا توهان ته هي الفاظ به لکيا آهن ( قديم زماني کان وٺي بزرگن جي قبرن جو احترام ڪرڻ هر قوم جي لاءِ عزت۽ افتخار جي علامت رهيو آهي. ماڻهو هزارين سالن کان وٺي پنهنجي پنهنجي بزرگن جي مزارن جو احترام ڪندا آيا آهن جنهن جا ڪيترائي اخلاقي ۽ روحي ۽ نفسياتي اثر آهن ) ادا قبر جو احترام ڪرن ۾ ڪو به عيب نه آهي بلڪه احترام ڪرڻ ضروري آهي باقي ڪنهن ڳالهه جو درست هجڻ لاء اهيو ضروري نه آهي ته اها قديم هجي، ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي قديم آهن مگر غلط آهن، جڏهن مڪي ، مديني جي مشرڪن کي چيو ويندو هو ته اهيو بتن کي پوڄڻ درست نه آهي ته اهي به اهيو ئي چوندا هئا ته هي عمل ته اسان جو قديم عمل آهي ۽ اسان جي ابن ڏاڏن کان هلندو پيو اچي، سو اهيو غلط ڪيئن ٿئي سگهي ٿو، ادا اهيو به ضروري نه آهي ته هر ڪنهن جا وڏا ڪي نيڪ هجن، ديندار هجن، ايماندار هجن، سمجهدار هجن، پڙهيل لکيل هجن، شريف شهري هجن ، مسلمان هجن، بلڪه توهان کي اهرا ڪيترائي مثال ملندا ڪه ڪيترن ماڻهون جا وڏڙا غير مسلم هئا، ايماندار نه هئا، شريف شهري نه هئا، چور هئا، بدماش هئا، ڌاڙيل هئا، ادا سنڌ ۾ جيڪي ڌاڙيل هئا اهي ڪنهن جا ته وڏڙا هوندا، سو ادا اهيو ضروري نه آهي ته هر ڪنهن جا وڏڙا صحيح هجن يا جيڪو ڪم قديم زماني کان هلندو پيو اچي اهو صحيح آهي، ڪو زمانو هو ته وڏڙا چوندا هئا ته ابا وڻ هيٺان نه سمجهو ڇو ته وڻ هيٺان رات جو جن هوندا آهن، جڏهن ته هاڻ سائنس ته اسدان کي اهيو ٿي چوي ته يرات جو وڻ هيٺان ان ڪري نقصان ڪار آهي جو وڻ رات جو ڪاربانڊاء گئس ڇڏيندا آهن۔ ادا توهان لکيو آهي ته ( گذريل ماڻهن کي محترم سمجھڻ جا فائدا ۔۔۔۔۔۔1_ اولياء الله جو احترام ڪرڻ جو پهريون فائدو هيءُ آهي ته ائين ڪرڻ سان سندن حرمت هميشه باقي رهي ٿي بلڪه حقيقت ۾ ائين ڪرڻ اسلام لاءِ سندن پيش ڪيل خدمتن جو اعراف ۽ ان جي بدلي ۾ هڪ قسم جو کين خراج عقيدت پيش ڪرڻ آهي اهو سڀ انساني عزت ۽ شرافت جي تقاضا جي عين مطابق آهي،اها اولياء الله جي عزت ۽ عظمت نئين نسلن لاءِ سندن راهه تي هلڻ ۽ سندن سيرت جي پيروي جو بهترين وسيلو آهي. ) ادا گذريل ماڻهن مان نيڪ ماڻهن جو احترام ڪرڻ ۾ ڪو به عيب ڪونهي، مگر احترام ۾ انهن کي نه سجدو جائز آهي نه انهن کي اهيو سمجهڻ جائز آهي ته هي اسان جا مشڪل ڪشا آهن، باقي مشڪل ڪشا جي لاء وضاحت مان مٿي ڪري آيو آهيان، جنهن کي توهان وري به پڙهي سگهو ٿا،۽ مشڪل ڪشا صرف الله جي ذات آهي جنهن لاء توهان قرآن جي هي آيت پڙهي ۽ غور فڪر ڪريو۔ (کين ) چئو ته الله کان سواء جن ۾ اوهين گمان ڪندا آهيو تن کي سڏيو ۔اهي نڪي آسمانن ۾ ۽ نڪي زمين ۾ ذري جيترا به مالڪ آهن، منجهن ڪا ڀائيواري آهي ۽ نڪي منجهائن ڪو الله جو مددگار اهي، ۔۔۔ سوره سبا۔ آيت 22 ) ادا توهان هي به لکيو آهي ته ( ڇا اولياء الله ۽ مومنن جي قبرن جي زيارت شرڪ آهي؟ ) ادا ان لاء ساڳيو مٿيون عرض ته زيارت ڪرڻ شرڪ نه آهي اولياء الله جي قبرن تي مزارن تي وڃجي مگر اتي انهن لاء دعا فاتحه پڙهي ڪري انهن جي مغفرت لاء دعا گهرجي، يا اهيو چئجي ته يا الله مان ته حقيقت نه ٿو ڄاڻان حقيقت ته تون ٿو ڄاڻي سو يا الله اگر هي قبر وارو شخص تنهنجو نيڪ بندو آهي ته ان جا درجه بلند ڪر، ۽ اگر هي قبر وارو شخص گنهگار آهي ته تون هن جا گناه بخش ڪر ۽ هن جي مٿان پنهنجو رحم نازل ڪر ۽ هن کي پنهنجن نيڪ ٻانهن م شامل ڪر۔ باقي انهن کان گهرڻ انهن کي مشڪل ڪشا سمجهن شرڪ آهي۔ گهڻا ماڻهون اهيو چوندا اهن ته ڀاء اهي ته الله جا پهتل ٻانها آهن سو انهن کان اسان تڏهن گهرندا آهيون جڏهن ته اهيو به شرڪ آهي جنهن لاء پڻ هت هڪ قرآن جي آيت پيش ڪريان ٿو، ( ۽ جن الله کان سواء ٻيا دوست ڪري ورتا (سي چوندا آهن ته ) انهن کي رڳو هن لاء پوڄيندا آهيون ته الله ڏانهن مرتبي ۾ وجهو ڪن۔۔۔ سوره زمر۔۔ ايت 3 ) ادا توهان جو اهيو پڻ سوال آهي ته (ڪجهه ماڻهن ان غلط فهميءَ جو شڪار آهن ته خدا جي بارگاهه ۾تقرب حاصل ڪرڻ لاءِ اولياء الله کان شفاعت طلب ڪرڻ کي بي جان ۽ بي عقل بتن کان شفاعت طلب ڪرڻ جي برابر سمجھن ٿا.جڏهن ته قرآن جي گواهي مطابق محشر واري ڏينهن خدا جي حضور الله جا وليءَ گناهگار ماڻهن جي شفاعت ڪندا ) ادا ان لاء عرض ته جنهن شفاعت جي ڳالهه ڪئي وئي آهي اها ڏينهن قيامت واري شفاعت ٍآهي اها به تڏهن ٿئي سگهندي جڏهن الله جو حڪم ٿيندو، ۽ اها شفاعت به انهن جي ٿيندي جن شرڪ نه ڪيو هوندو، باقي شرڪ ڪندڙ جي نه سفاعت آهي نه بخشش ۔ ( جيڪڏهن شرڪ کان توبهن نه ڪري مئا ته ) ادا هن لاء به قرآن جي هڪ آيت ٿو توهان کي پيش ڪيان، ( کين چئو ته سڀ شفاعت الله جي وس آهي ۔۔۔ سورت زمر ۔۔ آيت 44 ) ادا توهان کي توهان جي ڪيل سوال ۾ هڪ ٻئي به قرآن جي آيت ٿو پيش ڪريان، ( ۽ جن کي الله کانسواء سڏيندا آهيو سي کارڪ جي ککڙيء جي ڇُل ( جيتري ذري ) جا (به ) مالڪ نه آهن۔۔۔ سورت فاطر۔۔ آيت 13۔ ) سو ادا هر شيءُ جو مالڪ خالق ۽ ڏيڻ وارو صرف الله آهي، باقي سڀ محتاج ۽ گهرڻ وارا آهن بقول شاه صاحب ڏاتار ته تون، ٻيا مڙوئي مڱڻا ادا توهان جي هن سوال جو به جواب ڏيان ٿو ته ( بحرحال ادا جي اوهان جيڪا تصوير ڏني آهي جنهن ۾ ڪنهن در تي جهڪيل ماڻهون يکاريو ويو آهي ڇا اهو غلط آهي ؟؟؟؟) ادا اهيو سجدو آهي ۽ سجدو صرف الله کي ڪرڻو هوندو آهي، الله کانسواء سجدو ٻئي ڪنهن کي جائز نه آهي حضور سائين جو ارشاد آهي ته اگر الله کانسواء ٻئي ڪنهن کي سجدو جائز هجي هان ته مان زالن کي حڪم ڪيان هان ته اهي پنهنجي مڙسن کي سجدو ڪن۔ باقي ادا توهان لفظن کي گمائي ڦرائي اهيو چوندو ته اهيو ته فلاڻو سجدو آهي اهيو تيرو سجدو آهي اهيو ته تعيظيمي سجدو آهي وغيره وغيره سو ادا سجدو ته سجدو هوندو آهي ان لاء عرض ته ادا اها توهان جي مرضي، ڇو جو توهان جو حساب توهان کي ئي ڏيڻو آهي، نه ڪي مون کي۔ ۽ هر شخص پنهنجي عملن جو ذميدار پاڻ آهي ۽ الله جو هڪ ئي سجدو باقي ٻين سجدن کان جان ڇڏائي ٿو، اگر اهو عقل سوچ سمجهه سان ڪيو وڃي ته ادا علي علي صاحب هي آهي توهان جي آخري سوال جو جواب۔ توهان جو سوال آهي ته ( ادا هر مسلمان قرآن تي ايمان رکي ٿو ۽ پنجن وقت نماز ۾ اهو چوي ٿو ته اياڪ نعبد و اياڪ نستعين ۔ ا ي الله مان تهنجي صرف و صرف تهنجي ئي عبادت ڪيان ٿو ۽ توکان ئي مدد گهران ٿو ٻيو ڪو به ان عبادت جي لائق نه آهي ۔ مطلب ته پوء ڪنهن ولي جي در تي سجدو ڪرڻ خدا تعالي کي سجده تعيظيمي سجدو آهي ۽ در حقيقت ان لله جو شڪريو ادا ڪرڻ آهي جنهن ان کي اها توفيق ڏني ته ان الله جي ان ولي جو در چميو ۔۔۔۔۔۔۔ ۽ اهو ئي ته عين ايمان آهي ۔ باقي اسان جي احترام ۾ ڪنهن بزرگ جو پهنيجي اولاد جو بوسه وٺون ته شرڪ نه آهي پر جي ڪنهن ولي جي قبر کي پمون ته عيب ۽ شرڪ آهي مان ان سان به متفق نه آهيان ) ادا هت مان توهان جي ئي سوال مان توهان کي جواب ڏيندس، ادا واقعي اسان روزانه نماز ۾ اها دعا گهرندا آهيون ته اي الله اسان تنهنجي ئي عبادت ڪيون ٿا ۽ توکان ئي مدد گهرون ٿا، سو ادا ات جيڪو لفظ ئي آهي ان مان مراد ڇا آهي؟ تو کان ئي مدد گهرون ٿا جو مطلب آهي صرف توهان ئي اسان مدد گهرون ٿا ۽ ڪنهن ٻئي کان مدد به ڪو نه ٿا گهرون، جڏهن ته اهي الفاظ اسان زبان سان ته روزانه چئون ٿا مگر پريڪٽيڪل ۾ ته اسان ٻين کان به مدد گهرون ٿا ( ڪهڙي مدد، غيبي مدد ) باقي جسماني مدد ڪنهن به زنده ماڻهون کان گهري سگهجي ٿي ان ۾ ڪو به عيب نه آهي، ڇو جو اهو زنده آهي ۽ اها مدد جيڪا هن جي وس ۾ آهي اها ته اهو شخص مدد ڪري سگهي ٿو مگر غيبي ، روحاني مدد نه ٿو ڪري سگهي، اها صرف رب ٿو ڪري سگهي، دنيا ۾ صرف الله جي ذات ئي آهي جيڪا هڪ ئي وقت ۾ ڪروڙن جا سوال هر زبان ڳالهائيندڙ جا ٻڌي ٿو ۽ انهن جا سوال پورا ڪري ٿو، جڏهن ته دنيا ۾ ٻئي ڪا به اهڙي هستي نه آهي جيڪا هڪ ئي وقت ۾ هر زبان ڳالهائيندڙ جي سوال کي حاجت کي ٻڌي ۽ ان جي مدد ڪري، الله کانسواء دنيا ۾ ڪا به احري هستي نه آهي جيڪا دنيا جون سڀ زبانون سمجهي، ۽ هڪ ئي وقت ۾ ڪروڙن اربن جا سوال ٻڌي ۽ انهن کي پورو ڪرڻ جي سگهه رکي، سو ڀاء ان لاء اسان جو شاه ڪريم رح جن به ڪيڏو نه سٺو چيو آهي تون چئو الله هيڪڙو، وائي ٻي م سک سچو اکر من ۾ ، سو ئي لکيو لک ادا توهان چمي، يا بوسي جو ذڪر ڪيو آهي ان لاء عرض ته ڀاء اسان جڏهن پنهنجي اولاد کي پنهنجي پٽ کي بوسو يا چمي ڏيندا آهيون ته ان ۾ نه عقيدت شامل هوندي آهي نه وري اسان اهيو ڪو مذهبي عقيدو رکندا آهيون، پر اسان اها چمي پنهنجي شفقت ۽ اولاد جي محبت واري لحاظ سان چمي ڏيندا آهيون، جڏهن ته پير جي قبر کي اسان عقيدو سمجهي ثواب سمجهي چمندا آهيون، جيڪوپڻ درست نه آهي، قبر کي چمڻ مان ڇا مراد آهي، جڏهن ته اهو شخص مردا حالت ۾ زمين کان 4،5 فٽ هيٺ مٽي اندر دفن ٿيل آهي مٿين قبر ته هڪ مٽي جو دير آهي، ادا علي علي اميد ته توهان جو جهڙو نالو آهي توهان پنهنجي سوچ به ان هستي جهڙي رکندا ۽ جيئن حضرت علي رضه سائين دنيا جي تمام بتن کان نفرت ڪئي هئي توهان به ائين ڪندو۔ آمين، پوء اهي بت ڇو نه سوچ جا هجن۔ باقي ادا توهان جي متفق هجڻ يا نه هجن سان گهٽ ۾ گهٽ مون کي ڪو به فرق نه ٿو پوي۔ دعا آهي ته رب پاڪ هر انسان کي هدايت ڏئي ۽ صحيح واٽ تي هلڻ جي سگهه عطا ڪري آمين۔
جواب: سنڌ ۾ پيري مُريدي ( توهمات وسوسه ۽ذهني ڪمزوري ) جزاڪ الله ادا تمام بهترين ونڊ ڪئي اٿئو۔ اولياء ڪرام سان محبت ۽ عقيدت کان انڪاري ڪير به ناهي اصل ڳاله آهي غلط رسمن جي نشاندگي ۽ هن کان پرهيز ڪرڻ۔ دوستن به پنهنجا راين ۾ مڃيو آهي ته پوء بحث ڪرڻ اڄايو ٿو سمجهان ۔ باقي دوستن جي مرضي۔ واما علينا الاالبلاغ
جواب: سنڌ ۾ پيري مُريدي ( توهمات وسوسه ۽ذهني ڪمزوري ) ادا ممتاز هينئر ته تمام جلدي ۾ آهيان اصل گودڙي تيار لڳي پئي آهي سنگت سڄي انتظار ۾ آهي 11 محرم کان پوء ئي ملاقات ٿيندي بس ادا الله جو ڪرم آهي ته اوهان ايترو ته مڃيو ته قبرن جي زيارت ڪرڻ جائز آهي باقي قبرن وارن سان توسل ڪرڻ کي مڃائڻ به سولو آهي ان حوالي سان ڪيترا ئي حوالا پيش ڪري سگهان ٿو ۔ بس هڪ حوالو خليفه ثاني جي پٽ ابن عمر جو توسل ڪرڻ بني ڪريم سان اوهان سامهون مختلف ڪتابن مان پيش ڪيان ٿو ترجمو ڪري پاڻ ئي پڙهي وٺجو نه ته ادي رشيد جي ڳاله وانگر گوگل ترجمي لاء موجود آهي الأدب المفرد - جزء 1 - صفحة 335 حدثنا أبو نعيم قال حدثنا سفيان عن أبي إسحاق عن عبد الرحمن بن سعد قال : خدرت رجل بن عمر فقال له رجل اذكر أحب الناس إليك فقال محمد . و في بعض الطبعات "يا محمد" - تهذيب الكمال - المزي ج 17 ص 143 : أخبرنا به أبو الحسن ابن البخاري ، وزينب بنت مكي ، قالا : أخبرنا أبو حفص بن طبرزذ ، قال : أخبرنا الحافظ أبو البركات الانماطي ، قال : أخبرنا أبو محمد الصريفيني ، قال : أخبرنا أبو القاسم بن حبابة ، قال : أخبرنا عبدالله بن محمد البغوي ، قال : حدثنا علي بن الجعد ، قال : أخبرنا زهير ، عن أبي إسحاق ، عن عبد الرحمان بن سعد ، قال : كنت عند عبدالله بن عمر ، فخدرت رجله ، فقلت له : يا عبد الرحمان ما لرجلك ؟ قال : اجتمع عصبها من هاهنا . قال : قلت : ادع أحب الناس إليك ، فقال : يا محمد ، فانبسطت . -مسند ابن الجعد- علي بن الجعد بن عبيد ص 369 : حدثنا علي أنا زهير عن أبي إسحاق عن عمرو بن الحارث الهدي أخي جويرية بنت الحارث قال لا والله ما ترك رسول الله صلى الله عليه وسلم عند موته دينارا ابن درهما ابن عبدا ابن أمة ابن شيئا إلا بغلته البيضاء وسلاحه وأرضا تركها صدقة وبإسناده عن أبي إسحاق عن هبيرة بن يريم قال رأيت قيس بن سعد بن عبادة على شط دجلة فتوضأ ومسح على خفين له من أرندج فرأيت أثر أصابعه على الخفين وبه عن أبي إسحاق عن عبد الرحمن بن سعد قال كنت عند عبد الله بن عمر فخدرت رجله فقلت له يا أبا عبد الرحمن ما لرجلك قال اجتمع عصبها من ها هنا قلت أدع أحب الناس إليك قال يا محمد فانبسطت - الكلم الطيب )جزء 1 صفحة 173) *عن الهيثم بن حنش قال : كنا عند عبد الله بن عمر رضي الله عنهما فخدرت رجله فقال له رجل : اذكر أحب الناس إليك فقال : يا محمد فكأنما نشط من عقال * وعن مجاهد قال : خدرت رجل رجل عند ابن عباس رضي الله عنهما فقال له ابن عباس : اذكر أحب الناس إليك فقال : محمد صلى الله عليه وسلم فذهب خدره - الأذكار النووية- يحيى بن شرف النووي ص) 305 باب ما يقوله إذا خدرت رجله ) روينا في كتاب ابن السني عن الهيثم بن حنش قال : " كنا عند عبد الله بن عمر رضي الله عنهما فخدرت رجله ، فقال له رجل : اذكر أحب الناس إليك ، فقال : يا محمد ( صلى الله عليه وسلم ) ، فكأنما نشط من عقال " ( 3 ) . 917 - وروينا فيه ( 4 ) عن مجاهد قال : " خدرت رجل رجل عند ابن عباس ، فقال ابن عباس رضي الله عنهما : اذكر أحب الناس إليك ، فقال : محمد ( صلى الله عليه وسلم ) فذهب خدره (5) - تاريخ مدينة دمشق - ابن عساكر ج 31 ص 177 : أخبرنا أبو عبد الله محمد بن طلحة بن علي الرازي وأبو القاسم إسماعيل بن أحمد قالا أنا أبو محمد الصريفيني أنا أبو القاسم بن حبابة نا أبو القاسم البغوي نا علي بن الجعد انا زهير عن ابن ( 3 ) إسحاق عن عبد الرحمن بن سعد قال كنت عند عبد الله بن عمر فخدرت رجله فقلت له يا أبا عبد الرحمن ما لرجلك قال اجتمع عصبها من ها هنا قال قلت ادع أحب الناس إليك فقال يا محمد فانبسطت - الطبقات الكبرى - محمد بن سعد ج 4 ص 154 : قال أخبرنا الفضل بن دكين قال حدثنا سفيان وزهير بن معاوية عن أبي إسحاق عن عبد الرحمن بن سعد قال كنت عند بن عمر فخدرت رجله فقلت يا أبا عبد الرحمن ما لرجلك قال اجتمع عصبها من هاهنا هذا في حديث زهير وحده قال قلت ادع أحب الناس إليك قال يا محمد فبسطها ادا جيڪو حڪم اوهان جو ابن عمر جي باري ۾ آهي اهو ئي ٻين جي باري ۾ لڳايو ته جي امعاذ الله جي انهن شرڪ ڪيو ته اسان پوء ٻيا به مشرڪ آهين جي اهي نبي ڪريم سان توسل ڪري مسلمان رهي سگهن ته ٻيا به مسلمان رهي سگهن ٿا باقي ادا جي اوهان سجدي تعظيمي يا ٻين سجدن کي نٿا مڃو ته پوء ته شيطان کان علاوه ٻيا سڀ ملائڪ ڪافر ٿي ويا جن غير الله کي سجدو ڪيو ڇو ته الله جو واضح حڪم هو ته اذ قلنا للملائڪه اسجدو لادم آدم کي سجدو ڪيو نه ڪي مون الله کي ته سڀني آدم کي سجدو ڪيو ۔ ڇا اهي ڪافر ۽ مشرڪ ٿي ويا ؟؟؟ ادا ٿورو غور ضروري آهي باقي مان اوهان کي چيلينج ٿو ڪيان ڪنهن به اولياء الله جي زيارت ڪندڙ کان اوها پڇو جي هو چوي ته مان ان ولي کي سجدو ڪيو آهي ته مان هر جرم ڏيڻ لاء تيار آهيان ۔ بلڪه هر سجدو الله کي آهي چاهي سجدي تعظيمي هجي يا ڪيو ٻيو هجي ۔ ۽ توسل جي معني جي اوهان کي سمجه اچي وڄي ته اوهان اهو اعتراض نه ڪندا ڇو ته وري به اهو ولي الله کي ناهي چوندو ته تون مون کي پٽ ڏي يا تون مهنجو فلان ڪم ڪر ۔ بلڪه اهو چوندو آهي ته اي الله هن پياري ولي جي صدقي مهنجا گناه معاف فرما وغيره ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ادا اوهان پهريان توسل جي معني سمجهو پوء اعتراض ڪيو ۔ باقي جي ڪوئي به الله جي ولي کي(ڪم علمي جي ڪري ) ۡخدا سمجهي ڪري ان کان دعا گهري ته بلڪل اهو گنهاگار آهي ۔ باقي ڳالهيون پوء ۔ ۔ ۔ ۔۔ ۔ ۔ ۔ ۔۔۔
جواب: سنڌ ۾ پيري مُريدي ( توهمات وسوسه ۽ذهني ڪمزوري ) ماشاء الله! ادي ممتاز ڪيتري نه ڏاهپ ڀريو جواب لکيو آهي ۽ مزي جي ڳالهه ته ان ۾ ڪابه ڪاپي پيسٽ ناهي بلڪ پنهنجي محنت سان لکيل ڏاهپ ڀريو ليک آهي، قرآن شريف ۽ لطيف سڳوري جي بيتن جي مدد سان لکيل ليک يقين سان ڏاهپ ڀريو ۽ خلوص نيت سان لکيل هوندو ۔۔۔ مون سرسري ته پڙهيو آهي پر انکي تفصيلي پڙهڻ جي خواهش ۾ طبع ڪري کنيو اٿم ۔۔۔ حق ۽ سچ کي جنهن هڪ دفعو به سمجهي ورتو يقين سان عمر ساري شيطان کان بچي ويندو ۔۔۔ رب العالمين قرآن شريف ۾ چيو آهي ته جنهن جو مونتي پڪو ايمان ايندو آهي ته آءُ ان انسان کي هڪ ڪسوٽي عطا ڪندو آهيان جنهن سان هو سچ ۽ ڪوڙ کي سڃاڻي وٺندو آهي ۔۔۔ جزاڪ الله ۔۔۔
جواب: سنڌ ۾ پيري مُريدي ( توهمات وسوسه ۽ذهني ڪمزوري ) [justify] ادي علي علي توسل جي چيلينج ڏئي موڪل جي ڳالهه ڪئي آهي ۔۔۔ خئير آهي موڪل جو انتظار به ڪبو ۽ توسل جي معني به پڇي وٺبي ۔۔۔ باقي ڪنهن وليءَ جي حمايت ۾ الله جي عمل سان ڀيٽ ڪرڻ يا وري رسول اڪرم سان وڃي ملائڻ، حيرت کان علاوه ڪجهه به ناهي. يا وري اسانجي سمجهه کان ڳالهه چڙهيل آهي ... الله تعالا ملائڪن کان سجدو ڪرايو انسان کي ... جنهنجو ثبوت انسان جي عظمت ۽ اشرف المخلوقات جو درجو آهي ۽ اهو ثابت ڪيو ويو ته ملائڪَ به انساني درجي کان هيٺ آهن ... نه ڪي انڪري ته هڪ انسان ٻي انسان جي آڏو سجدو ڪري ۔۔۔ يا ان جي عبادت ڪري ۔۔۔ يا وري مري وڃڻ کانپوءِ به انجي قبر تي وڃي مٿو ٽيڪي ... يار علي ڏاهو ٿيءُ !!! باقي رهيو وسيلو ته قرآن شريف سڄو ان سبق سان ڀريل آهي ته؛ اي ٻانها تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ ڪا ڀت ناهي ڪا رڪاوٽ ناهي ۽ نه ئي ڪو وسيلو آهي ها تنهنجي منهنجي وچ ۾ جيڪڏهن ڀت آهي ته ايمان جي آهي، ايمان مضبوط ڪري ته رب تنهنجي رڳن ۾ آهي، پر جنهن ماڻهونءَ جو ايمان ئي مضبوط نه هوندو ته وسيلو يا نه وسيلو ڳالهه ساڳي آهي ۔۔۔ رب ته فرمائي ٿو ته اي انسان! تون هڪ قدم اڳتي اچ ته پوءِ ڏس ته آءُ توکي ڪيئن ٿو پنهنجو ڪريان ۔۔۔ انسان کي الله سان رجوع ڪرڻ لاءَ ڪنهن به وسيلي جي ضرورت ناهي ۔۔۔ رب العالمين ڪنهن ملڪ جو صدر ناهي جو ان سان ملڻ لاءِ يا ان تائين عرضي پهچائڻ لاءَ وزير يا فقير جي ضرورت پوي ۽ انکي وسيلو بڻائجي ۔۔۔ رب ۽ انسان جو واسطو سڌو سنئون آهي ... باقي قبرستان ۾ وڃي مردن جي مغفرت لاءِ دعا گهرڻ جو حڪم ٿيل آهي ۽ ان لاءِ اسانکي پنهنجن پرين پيارن يا ولي الله جي قبرن تي وڃڻ کان منع ناهي پر انهن جي قبرن کي زيارت گاهه ٺاهڻ ۽ ان تي عجيب قسم جا ناٽڪ رچڻ ۽ دڪان کولڻ، قبرن جي تڪريم ڪرائڻ ۔۔ غلط آهي ۔۔۔ بدعت آهي ۔۔۔ دين جي مڪمل ٿيڻ کان بعد جي پئداوار آهي ... واپار آهي ۔۔۔ جي ماسو مڙئي مال ته پوڄارا پر ٿئين .... قرآن کان مٿي ولي هجي يا رسول کان مٿي امام هجي يا وري گهر جي مالڪ کان وڌيڪ انهن جي اولاد عزيز هجي ته ان لاءِ ڇا چئجي ۔۔۔؟ يا وري قرآن ۽ حديث جي واضح حڪم جي باوجود ڪنهن عابد يا انسان جي عمل کي حجت ٺاهجي ته، يار علي! اهو قرآن ۽ الله جي رسول سان مذاق جي برابر ٿيندو ... سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ” ٻوٽي حرام رهو حلال“ سو دوستو! اسان لاءِ رب ئي ڪافي آهي، انجي در تي ئي سجدا ڪنداسون، ان کان گهرڻ ۾ اسانکي ڪنهن وسيلي جي ضرورت ناهي ۔۔۔ ڪڏهن ڪا حاجت ٿي ته مسجد ۾ وڃي يا گهر جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ويهي نماز حاجت پڙهي ڇڏينداسون يا وري فرض پڙهڻ کانپوءِ روئيندي حاضري ڀرينداسون ته اميد آهي ٻيڙا پار ٿي ويندي ۔۔۔ ۽ پوءِ به جي ڪنهنکي ضرورت محسوس ٿئي ٿي ته بسم الله اسانجو الله اسان سان ... اوهانجو ولي الله اوهان سان ۔۔۔ باقي اهي انساني ٽوٽڪا ۽ سمجهه جا گهوڙا هر ڪو هلائي عجيب راڳ ڳائي ٿو ... انهن راڳن ۾ اسلام ناهي ڪو ٻيو مذهب نظر اچي ٿو ... ڪا ٻي راهه نظر اچي ٿي ... اکران دي وچ جو ئي اڙيا عشق دي چاڙهي مور نه چڙهيا ... اي رب الڪائنات ؛ آءُ تنهنجو ئي ٻانهو آهيان ۽ تنهنجي ئي مدد گهرانٿو ... رب العالمين اسانکي سڌي راهه تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي ... آمين[/justify]
جواب: سنڌ ۾ پيري مُريدي ( توهمات وسوسه ۽ذهني ڪمزوري ) ادا نثار ابڙا صاحب توهان جي مهرباني جو توهان منهنجي ڏنل جواب کي پڙهيو ۽ پسند ڪيو ادا منهنجي نيت ۾ صرف اهيو آهي ته حق سچ ٻئي تائين پهچي، نه ڪي منهنجي اهيا نيت آهي ته مان ڪنهن سان ڪو مقابلو ڪيان، برحال ادا ابڙا صاحب توهان جي مهرباني،
جواب: سنڌ ۾ پيري مُريدي ( توهمات وسوسه ۽ذهني ڪمزوري ) ادا علي صاحب خير آ توهان ڀلي پنهنجي عقيدي جي حساب سان پنهنجي سوچ جي حساب سان محرم مهيني جا طور طريقه ملهائي اچو، اسان تيسيتائين توهان جي جواب جو جواب تيار ڪري ٿا رکون، ادا توهان لکيو اهي ته ( اوهان ايترو ته مڃيو ته قبرن جي زيارت ڪرڻ جائز آهي ) ادا اسان ڪڏهن به ان ڳالهه جو انڪار ناهي ڪيو ته قبرن جي زيارت ناجائز آهي باقي جيڪي اتي طورطريقه اپنايا وڃن ٿا اهي غلط آهن، جنهن جو ذڪر مٿي ٿئي چڪو آهي، ادا علي صاحب توهان وڌيڪ اهيو لکيو آهي ته ( باقي قبرن وارن سان توسل ڪرڻ کي مڃائڻ به سولو آهي ) سو ادا اهيا وري ڪهڙي نئين ترقيب گهڻي آيا آهيو، جڏهن ته وسيلي جي باري ۾ ته قرآن جو واضع حڪم آهي ۽ الله فرمائي ٿو ته جنهن جو مفهوم آهي ته ( مان توهان جي ساه جي رڳن کان به ويجهو آهيان، ۽ توهان مون کي ياد ڪريو ته مان توهان کي ياد ڪندس، ) ادا جنهن لاء اسان جي سنڌ جي سهڻي شاعر عالم، مفڪر، حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي رح جن ڪيڏي نه سهڻي انداز ۾ اسان کي سمجهايو آهي ته ، اي بندا جيڪڏهن چاهين ٿو ته الله وارو ٿيان، يا الله جي ويجهو ٿيان ته دنيا جا ٻيا سنڱ، واسته، وسيلا، ڏاڪڻون، رڪاوٽون، سڀ ڦٽو ڪر، ۽ انهيء ذات سان پنهنجو واستو جوڙ جيڪو نه ڪنهن مان ڄائو آهي نه وري ڪو هن مان ڄائو آهي ، اي بندا تڏهن ئي تون حق سچ جي واٽ ماڻي سگهندين، ۽ الله جي عشق محبت ۾ پورو لهندين۔ جي ڀائين جوڳي ٿيان، ته سڱ سڀيئي ٽوڙ جي ڄاوا نه ڄاپندا، جيءُ تنين سين جوڙ ته تون پهچين توڙ، محبت جي ميدان ۾ ادا علي علي صاحب توهان وڌيڪ مون کي دليل ڏيڻ جي ڪوشس ۾ توهان هي الفاظ لکيا آهن ته ( ادا جيڪو حڪم اوهان جو ابن عمر جي باري ۾ آهي اهو ئي ٻين جي باري ۾ لڳايو ته جي امعاذ الله جي انهن شرڪ ڪيو ته اسان پوء ٻيا به مشرڪ آهين جي اهي نبي ڪريم سان توسل ڪري مسلمان رهي سگهن ته ٻيا به مسلمان رهي سگهن ٿا ) ادا علي صاحب اهيو اصول آهي ته اها ڳالهه يا حديث، يا قول، نقل جيڪو قرآن سان ٽڪر کائي اهو ڪوڙو آهي، سو ادا جڏهن قرآن ۾ اهيو واضع الله فرمايو آهي ته مان توهان جي ساه جي رڳن کان به ويجهو آهيان ۽ توهان ڊاريڪٽ مون کي ئي سڏيو، ۽ مون سان گڏ اگر توهان ٻئي کي سڏيندو ته اهو شرڪ ۽ گناه آهي، جنهن جي وضاحت لاء توهان هي قرآن جي آيت پڙهي سگهو ٿا، ۔۔۔۔۔۔ (اي پيغمبر ) تنهن ڪري الله سان گڏ ڪنهن ٻئي معبود کي نه سڏ نه ته (تون به ) عذاب وارن مان ٿيندين ۔۔۔۔۔ سورت شعراء ايت 213 ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۽ ان سلسلي ۾ محترم سائين نثار ابڙي صاحب به تمام سٺي وضاحت ڪئي آهي، جنهن کي پڻ هت پيش ڪجي ٿي۔۔۔۔۔۔۔ ( باقي رهيو وسيلو ته قرآن شريف سڄو ان سبق سان ڀريل آهي ته؛ اي ٻانها تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ ڪا ڀت ناهي ڪا رڪاوٽ ناهي ۽ نه ئي ڪو وسيلو آهي ها تنهنجي منهنجي وچ ۾ جيڪڏهن ڀت آهي ته ايمان جي آهي، ايمان مضبوط ڪري ته رب تنهنجي رڳن ۾ آهي، پر جنهن ماڻهونءَ جو ايمان ئي مضبوط نه هوندو ته وسيلو يا نه وسيلو ڳالهه ساڳي آهي ۔۔۔ رب ته فرمائي ٿو ته اي انسان! تون هڪ قدم اڳتي اچ ته پوءِ ڏس ته آءُ توکي ڪيئن ٿو پنهنجو ڪريان ۔۔۔ انسان کي الله سان رجوع ڪرڻ لاءَ ڪنهن به وسيلي جي ضرورت ناهي ۔۔۔ رب العالمين ڪنهن ملڪ جو صدر ناهي جو ان سان ملڻ لاءِ يا ان تائين عرضي پهچائڻ لاءَ وزير يا فقير جي ضرورت پوي ۽ انکي وسيلو بڻائجي ۔۔۔ رب ۽ انسان جو واسطو سڌو سنئون آهي ... ۔۔۔۔۔۔۔ نثار ابڙو ) ادا ان لاء ته سنڌ جي مفڪر شاعر حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي رح جن پڻ لاجواب مثال ڏئي سمجهايو آهي ته اي بندا جڏهن تنهنجو دنيا جي تمام وسيلن مان ذريعن مان، رڪاوٽن مان، آسرن مان جان ڇٽي ٿئي تڏهن ئي تون الله کي ويجهو ٿو ٿئين۔ گهڙو ڀڳو، منڌ مئي وسيلا وياتنهان پوء سنئان سهڻي سڏ ميهار جا۔ ادا علي علي صاحب توهان انهيء ساڳي مضمون ۾ پڻ ڪجهه هي ڳالهيون لکيون آهن جنهن جي وضاحت ڪرڻ به ضروري آهي، توهان لکيو آهي ته ۔۔ ( سجدي تعظيمي يا ٻين سجدن کي نٿا مڃو ته پوء ته شيطان کان علاوه ٻيا سڀ ملائڪ ڪافر ٿي ويا جن غير الله کي سجدو ڪيو ڇو ته الله جو واضح حڪم هو ته اذ قلنا للملائڪه اسجدو لادم آدم کي سجدو ڪيو نه ڪي مون الله کي ته سڀني آدم کي سجدو ڪيو ۔ ڇا اهي ڪافر ۽ مشرڪ ٿي ويا ؟؟؟ ادا ٿورو غور ضروري آهي ۔۔ ) ادا پهرين ڳالهه ته جڏهن ملائڪن انسان کي سجدو ڪيو هو ته اهو پنهنجي مرضي سان نه ڪيو هو بلڪه اهو صرف ۽ صرف الله جي حڪم تحت انهن انسان کي سجدو ڪيو هو، ۽ جڏهن ته انسان کي الله ڪڏهن به اهيو حڪم ناهي ڏنو ته توهان انسان، به انسان کي سجدو ڪيو، اگر توهان وٽ ڪا اهڙي قرآن جي آيت ذهن ۾ آهي ته اسان جي رهنمائي فرمائيندا، ته نوازش ٿيندي، باقي ادا انسان جو رتبو ملائڪن کان تمام مٿي آهي، ۽ دنيا ۾ جيڪي به نبي توڙي پيغمبر آيا آهن، حضرت آدم عليه سلام کان وٺي نبي آخرِ زمان سرورڪائنات، سردار دوجهان رحمت للعالمين حضرت محمد مصطفه صلي الله عليه واله وسلم جن تائين۔ اهي سڀ انسانن مان (۽ اهي به مردن مان) آيا آهن، ۽ ڪو به نبي يا پيغمبر ملائڪن مان نه آيو آهي، ۽ انسان اشرف المخلوڪات مان آهي، ملائڪن کان ڪئين درجه اتم ۽ درجن ۾ بلند آهي، جيڪو انسان پاڻ به ڪو نه ٿو ڄاڻي، ادا اسان جي دوست سائين نثار صاحب به تمام سٺو جواب ڏنو آهي جنهن کي پڻ هت ڏجي ٿو ۔۔۔ ( الله تعالا ملائڪن کان سجدو ڪرايو انسان کي ... جنهنجو ثبوت انسان جي عظمت ۽ اشرف المخلوقات جو درجو آهي ۽ اهو ثابت ڪيو ويو ته ملائڪَ به انساني درجي کان هيٺ آهن ... نه ڪي انڪري ته هڪ انسان ٻي انسان جي آڏو سجدو ڪري ۔۔۔ يا ان جي عبادت ڪري ۔۔۔ يا وري مري وڃڻ کانپوءِ به انجي قبر تي وڃي مٿو ٽيڪي ... يار علي ڏاهو ٿيءُ !!!،۔۔۔۔ نثار ابڙو ) ادا علي صاحب توهان جيڪا هي ڳالهه لکي آهي ان جو جواب ڏيڻ به مان ضروري ٿو سمجهان، ادا علي علي صاحب توهان جا الفاظ هي آهن ته۔۔۔ ( باقي مان اوهان کي چيلينج ٿو ڪيان ڪنهن به اولياء الله جي زيارت ڪندڙ کان اوها پڇو جي هو چوي ته مان ان ولي کي سجدو ڪيو آهي ته مان هر جرم ڏيڻ لاء تيار آهيان ۔ بلڪه هر سجدو الله کي آهي چاهي سجدي تعظيمي هجي يا ڪيو ٻيو هجي ۔ ۽ توسل جي معني جي اوهان کي سمجه اچي وڄي ته اوهان اهو اعتراض نه ڪندا ڇو ته وري به اهو ولي الله کي ناهي چوندو ته تون مون کي پٽ ڏي يا تون مهنجو فلان ڪم ڪر ۔ بلڪه اهو چوندو آهي ته اي الله هن پياري ولي جي صدقي مهنجا گناه معاف فرما وغيره ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ادا اوهان پهريان توسل جي معني سمجهو پوء اعتراض ڪيو ۔ باقي جي ڪوئي به الله جي ولي کي(ڪم علمي جي ڪري ) ۡخدا سمجهي ڪري ان کان دعا گهري ته بلڪل اهو گنهاگار آهي ۔ باقي ڳالهيون پوء ۔۔۔۔ ) ادا اوهان چيلينج ٿا ڪيو ته ڪو به شخص ان پير کي سجدو نه ٿو ڪري سو ادا اهيا ته تمام سٺي ڳالهه آهي، اگر ائين آهي ته پوء ته عتراض ئي اجايو آهي، ان جو مقصد ته توهان به ان ڳالهه کي مڃيو ته سجدو صرف الله کي آهي چاهي اهو سجدو ڪهڙو به هجي چاهي اهو سجدو تعظيمي ڇو نه هجي، سجدو عبادت ( چاهي اها ذاتي هجي يا صفاتي ) صرف الله جو حق آهي باقي ڪنهن ٻئي جو حق نه آهي پوء اهو ڇو نه پير، پيغمبر هجي، بقو شاه صاحب ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔( پوڄا ڪارڻ پاڻ کي شرڪ شيطاني شر،، پوڄا جهڙو پاڻ ڌڻي، ٻيو پير نه پيغمبر،،،هڪڙا پوڄاري پيرن جا، ٻيا بتن جا بدتر،، ٻنهيء واٽون ورسجي ناحق وڌو پاڻ کي ) سو ادا اهيو به شڪر آ جو توهان گهٽ مان گهٽ ان ڳالهه کي ته مڃيو ته سجدو صرف الله کي آهي جڏهن ته توهان پهرين واري جواب ۾ ته ان جي ابتر ڳالهه ڪئي آهي ، ادا علي علي صاحب توهان جي سابقه جواب مان توهان جا لکيل الفاظ هي آهن توهان پاڻ پنهنجا الفاظ ڏسو، ۔۔۔۔۔۔ ( بحرحال ادا جي اوهان جيڪا تصوير ڏني آهي جنهن ۾ ڪنهن در تي جهڪيل ماڻهون يکاريو ويو آهي ڇا اهو غلط آهي ؟؟؟؟ مهنجي نظر ۾ ته ان تي غلط هجڻ جو جلدي فتوي هڻڻ جلد بازي ٿيندي۔ ادا هر مسلمان قراان تي يمان رکي ٿو ۽ پنجن وقت نماز ۾ اهو چوي ٿو ته اياڪ نعبد و اياڪ نستعين ۔ ا ي الله مان تهنجي صرف و صرف تهنجي ئي عبادت ڪيان ٿو ۽ توکان ئي مدد گهران ٿو ٻيو ڪو به ان عبادت جي لائق نه آهي ۔ مطلب ته پوء ڪنهن ولي جي در تي سجدو ڪرڻ خدا تعالي کي سجده تعيظيمي سجدو آهي ۽ در حقيقت ان لله جو شڪريو ادا ڪرڻ آهي جنهن ان کي اها توفيق ڏني ته ان الله جي ان ولي جو در چميو ۔۔۔۔۔۔۔ ۽ اهو ئي ته عين ايمان آهي ۔۔۔۔۔ علي علي ۔۔۔ ) ادا باقي وسيلي بابت ته مٿي ڳالهه ٿئي چڪي آهي، ۽ الله قرآن ۾ ڪنهن به جاء تي اهيو حڪم نه ڏنو آهي ته توهان مون کان ڪنهن جي وسيلي گهرو، يا هيئين چئو ۔۔۔ اي الله هن پياري ولي جي صدقي مهنجا گناه معاف فرما وغيره ۔۔ بلڪه الله ته چوي ٿو ته اي بندا تون مون کان ڊاريڪٽ گهر، ۽ تنهنجي منهنجي وچ ۾ ته ڪو به فاصلو ڪونهي، ادا علي علي صاحب توهان هن ڳالهه کي به مڃون ٿا ته پوء ته تمام بهتر ڳالهه آهي، ۔۔۔ ( باقي جي ڪوئي به الله جي ولي کي(ڪم علمي جي ڪري ) ۡخدا سمجهي ڪري ان کان دعا گهري ته بلڪل اهو گنهاگار آهي ۔ ۔۔۔ ) ادا علي علي صاحب مون تمام گهڻي ڪوشش ڪئي آهي ته ڪو به اهڙو الفاظ استعمال نه ڪيان جنهن سان توهان جي يا ڪنهن ٻئي پڙهندڙ جي دل آزاري ٿئي مگر پوء به اگر ڪو اهڙو الفاظ لکجي ويو آهي جنهن سان توهان جي يا ڪنهن ٻئي پڙهندڙ جي دل آزاري ٿئي آهي ته ان لاء هي ناچيز ممتاز هٿ ٻڌي معذرت پيو ڪري، هُو پِڻُ ڪونهي هِنَ ري، هِيُ نَه هُنَهان ڌارَ؛ ”اَلۡاِنۡسَانُ سِرِّيۡ وَ اَنَا سِرُّهٗ“، پَرُوڙِج پَچارَ؛ ڪَندا وِيا تَنوارَ، عالِمَ عارِفَ اَهڙِي.
جواب: سنڌ ۾ پيري مُريدي ( توهمات وسوسه ۽ذهني ڪمزوري ) انسان جي رهنمائي جي بهترين واٽ قرآن پاڻ پڙهو ۽ ٻين کي پرهايو