ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
سنڌ ۾ پيري مُريدي ( توهمات وسوسه ۽ ذهني ڪمزوري )

حصو پهريون
سنڌ ۾ وهابيت، در حقيقت، ردعمل هئي هتان جي پيرن، ساداتن، سجادن ۽ خانقاهه نشينن جي بداعمالين، سياهه ڪارِن ۽ دين کان دور ڪردارن، عادتن ۽ اطوارن جو. سنڌ جو عوام جاهل، نه خبر نه تعليم، نه صحيح رهنما، نه سچ ڪوڙ جي سُڌ. ويچارا اٻوجهه ۽ خوش اعتقاد، عقيدن ۾ اهڙا ڪمزور ۽ توهمات ۾ ايترو مبتلا ٿي ويا، جو پيريءَ مريديءَ، سڳي ڌاڳي، دعا ڦيڻي، ڪاني ڪرامت جي صورت ۾ خانقاه نشينن، سجاده نشينن ۽ قبرن جي مجاورن جيڪي ڪوڙڪيون اڏي ڇڏيون هيون، انهن ۾ ڦاسندا ويا.
سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڏيون وڏيون درگاهون، شاندار سجادا، ۽ ڌوم ڌام وارا پير ۽ مرشد – ڄڻ هر ڪنهن جو مڪو مچي ويو! ڪن بزرگن صديون اڳ پورهيو ڪيو هو، جنهن جو ناجائز ۽ سراسر غلط فائدو انهن جا جاهل ۽ دين کان دور، پنهنجي بزرگن جي رستي کان پري پيل پونئير وٺي رهيا هئا. جن بزرگن ۽ خدا جي نيڪ ٻانهن دين ۽ شريعت جي صحيح رستي ڏيکارڻ لاءِ مرڪز قائم ڪيا هئا، اُهي کانئن پوءِ لادينيءَ جا اڏا بڻجي پيا، ۽ انهن مرڪزن کي سجادن ۽ مسندن ۾ منتقل ڪري، پنهنجن ابن ڏاڏن جي نالي ۽ انهن جي نيڪين کي تجارت جو مال بڻائي، انهيءَ آمدنيءَ تي پنهنجين زندگين ۽ آڪهين جي قوت گذر جو دارومدار رکيو ويو.ل ماڻهن کي مرعوب ڪرڻ لاءِ عوام جي دلين تي ڌاڪي وهارڻ خاطرن، مٽيءَ جي قبرن کي سنگ مرمر سان سينگاريو ويو، انهن تي شاندار قبا، گنبذ ۽ روضا کڙا ڪيا ويا، انهن تي ڪاشي ڪاريءَ جا ڪم ڪرائي خوبصورت ۽ رنگ برنگي بڻايو ويو، خاڪ نشينن جي آستانن کي قيصرو ڪسريٰ جي ايوانن م تبديل ڪيو ويو، دلق پوشن جي مرڪزن کي ڪمِ خواب ۽ ريشمي عبائن ۽ قبائن ۾ گرانبار ڪيو ويو. اهي سڀئي شاهي ٺاٺ اِنهيءَ ڪري، ته سندن تجارت چمڪي، زور وٺي ۽ خريدارن جي آمد رفت انهيءَ چمڪ دمڪ کي ڏسي، وڌي ۽ گهڻي ٿئي، يعني انهيءَ آرائش سبب جيئن سندن دڪانن جي رونق وڌي!
انهيءَ تجارت ۾ جڏهن ماڻهن مالي منفعت ڏٺي، ته ڪيترن ڪوڙيون قبرون به ٺاهيون، ڪن نامعلوم قبرن تي ڪنهن نه ڪنهن پير، شاهه يا شهيد جو نالو رکي، درگاهون پيدا ڪيون ويون. ڪن ته مورڳوئي وڻن جي ٽامن ۽ لامن ۾ اڳڙنِ ٿِڳڙنِ جا ٽڪر ٽوٽا ٽنبي، کٻڙن، لوَن ۽ ڪَنڊِن کي ”ٿڳڙيال پير“ بڻائي، پنهنجو روزگار چالو ڪيو. انهيءَ حد تائين دين کان دوري ۽ اسلام کان انحرافي ڪئي وئي، ايستائين عقيدن جو ضعف، ايمان جي ڪمزوري، ۽ توهمات جو زور ٿي ويو، جو قبرن جون باسون باسيون ويون، پيرن جون ڪُنيون ڪيون ويون، مزارن تي سُکائون آنديون ويون، درگاهن تي ميلا لڳايا ويا، مئن جي نالي ۾ درگاهن تي ڳئون ۽ سانهَه ڪُٺا ويا – ماڻهو بيمار ته سڌو ڪنهن مئي جي مقام تي، چي اتان شفا ٿيندي، اڙِي موڙهي ٿي، جهٽ ڪنهن قبر تي سلامي، ماهه پهريون سومر، ماهه پهريون جمعو، ماه پهريون آچر، مطلب ته ست ئي ڏينهن هفتي جا ڪنهن نه ڪنهن پير جي نالي مخصوص. اڄ هن پير جي سک آهي، سُڀنهن هُن قبر تي ميلو، پَرينءَ هن جي مِٺي ڪُني. پُٽ به پير ڏيڻ لڳا ۽ اولاد جو جيئڻ بچڻ به انهن جي وڃي هٿ ٿيو. عورتن ۽ مردن کي جن ڀوت وٺڻ لڳا، ۽ انهن جو نيڪال به ڪنهن نه ڪنهن پير يا مرشد جي درگاهه تي ٿيندو رهيو – چي حساب (جن) ٿيو آهي، فلاڻي پير کي اُن جو هُدو (عهدو) آهي، هلو ته اوڏانهن هلون! قبرن اڳيان سجدا، مئن اڳيان رڪوع ۽ سجود! مزارن جي چوڌاري صدقا، هٿ ٻڌي ڳچيءَ ۾ ڳارا وجهي، ائين حاجت بيان ڪرڻ جيئن ڪو جئري جي اڳيان پنهنجو حال ڪري. مطلب ته سنڌ جي سڀني جئرن جي سموري اٿي ويٺي وڃي مُئن جي حوالي ٿي، يا انهن جي مجاورن، سجادن ۽ پيرن جي. هر قبر ولايت ماب ۽ هر مٽيءَ جو ڍير ڪرامت جو مرڪز بڻجي ويو. قبرون ته قبرون، پر وڻن ٽڻن جي پوڄا ٿيڻ لڳي. انهن تي به سوالي پنهنجون حاجتون وٺي وڃڻ لڳا.
انهن سڀني غير شرعي ڳالهين جو جڏهن عام رواج ٿيو، جيڪو تنزلي جي دور جو خاصو ٿئي ٿو، ان وقت سنڌ جو ڪوبه اهرو شهر باقي ڪونه رهيو، جنهن لاءِ ٻڌڻ ۾ نه آيو ته منجهس سوا لک اولياءَ ستل آهن – روهڙي سوا لک پير، سيوهڻ سوا لک پير، ٺٽو سوا لک پير، ۽ مڪلي سوا لک پير! انهن ”اجتماعي مرڪزن“ کان سواءِ هر ڳوٺ ۽ هر واهڻ کي پنهنجون جدا مزارون ۽ درگاهون هيون. هي جمن شاهه آهي، هي ڦتن شاهه آهي، هي لالڻ گهوٽ آهي، هي ڀورل بادشاهه آهي، هي پير پنجو آهي، ۽ هي پير چنڊام آهي. شهيد ۽ شاهه کان گهٽ ڪوبه مِٽيءَ جو ڍير سنڌ ۾ ڪونه هو – ڪنهن ماڻهوءَ کي گهر گهاٽ ڪونه هوندو، ڪمائڻ ڪرتڻ کان گوساڪڙ، نڪمو ۽ ٽوٽي هوندو، جهٽ ڪنهن جاءِ تي پراڻي قبر ڏسي يا قبر ٺاهي، پاڻيءَ جو ڇڻڪار ڪري ويهي رهندو، چي: ”فقير آهيون، مڙئي پيا عاشق جي در جي چاڪري ڏيئون ۽ رياضتڙي ڪيئون!“ مهيني اڌ ۾ ٻن ٽن ايڪڙن کي ولو (1) چاڙهي، چوڌاري پيهر به اچي ويندو، ۽ رتن جوت، ناز بوءِ ۽ ڪنوار ٻوٽيءَ جا ٿڏا به لڳي ويندا. هڪ سٺو مَنَهُن به اڏجي ويندو، جنهن ۾ تڏا، مَٽ، ڪَپيون، يڪتارو ۽ ڀنگ گهوٽڻ جو ڏنڊو ڪونڊو موجود ٿي ويندو، بس جمن شاهه شهيد جي درگاهه تيار، نه پيسو خرچ نه پائي اولياءَ جو آستان جو ٿي ويو! پهريون پِني سِني پاڻ ماهه پهريون سومر ملهائيندو، ان کان پوءِ باقي معاملو پنهنجو پاڻ چالو ٿي ويندو- سُکون، باسون، ڪُنيون، خيراتون، ختما ۽ ميلا ملاکڙا، ڄڻ بر ۾ بازاريون لڳي وينديون. جيسين مجاور جئرو، تيسين فقير به پيو سڏبو ۽ سندس سڀئي لايو سجايو. مرندو، ته پاڻ به پير ٿي پوندو! مطلب ته جيڪر ايڏو ٽوٽي ۽ نڪمو هو جو ڪک ڀڃي سنئون ڪري نٿي سگهيو، سو انهيءَ ترڪيب سان جڏهن مئو، ته اوڏو وليءُ ٿي پيو! چي:
”پر، واهه جو فقير سائين هو!“
”هائو سائين، ذري وارو مڙس هو!“
”هائو ادا، تڏهن ته ايڏيءَ مئيزل (منزل) رسيو!“
”سندس ٻالڪو به گهٽ نه ٿيندو!“
”ٻالڪو“ معنيٰ جيڪو ٻيو ٽوٽي ۽ رولاڪ ڇورو پينو فقيرَ پنهنجي ٽانڊي ٽوپيءَ ۽ اڳ پوءِ لاءِ رکيو هو. ماڻهو ايترا مجهول، جو مٽيءَ ۾ اعتماد، اکين ڏٺي ٽوٽيءَ ۾ ايمان ۽ رولاڪ ڇوري ۾ خوش فهمي! (هلندڙ)
(ڪتاب: ”هُو ڏوٿي، هُو ڏينهن“ تان ورتل) ليکڪ۔۔۔سيد حُسام الدين راشدي ۔۔۔۔۔)