• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪراچي ۾ 8 کان 10 محرم تائين ماتمي جلوسن وارن رستن جا ڪاروباري مرڪز بند رهندا

همانگير سولنگي

سينيئر رڪن
ڪراچي جي سي سي پي او فياض لغاري چيو آهي ته ڪراچي ۾ 8 کان 10 محرم الحرام دوران سمورن ماتمي جلوسن وارن رستن جا ڪاروباري مرڪز ۽ دڪان بند رهندا جڏهن ته محرم الحرام دوران امن امان جي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ 5700 اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويندو جڏهن ته هڪ هزار اسپيشل پوليس گروپ، سي آءِ ڊي، اسپيشل برانچ ۽ ٽرئفڪ جي اهلڪارن کي به مقرر ڪيو ويندو. اهڙو اظهار هن پوليس هيڊ آفيس ۾ محرم الحرام جي سيڪيورٽي پلان بابت اعليٰ سطحي اجلاس کان پوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. سي سي پي او فياض لغاري چيو ته ڪراچي ۾ دهشتگردي جا خطرا موجود آهن جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ سخت انتظام ڪيا ويا آهن. هن چيو ته 5700 پوليس اهلڪارن کي محرم الحرام جي مرڪزي جلوسن وارن رستن تي مقرر ڪيو ويندو ۽ جلوسن جي روٽس تي ڳجهي ڪئميرائون لڳائي انهن ذريعي نگراني ڪئي ويندي. هن چيو ته ريگيولر پوليس کانسواءِ هڪ هزار اسپيشل پوليس گروپ، سي آءِ ڊي، اسپيشل برانچ ۽ ٽرئفڪ جي اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويندو. فياض لغاري چيو ته جلوس وارن رستن تي قائم ڪاروباري مرڪزن توڙي ننڍن وڏن دڪانن ۽ عمارتن کي 8 محرم الحرام کان تحويل ۾ وٺي انهن تي سيڪيورٽي پلان تحت اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويندو. هن چيو ته ميڊيا، جلوس ۾ شرڪت ڪندڙ گاڏين ۽ ايمبولينسن لاءِ خاص اجازت ناما جاري ڪيا ويندا. سي سي پي او ٻڌايو ته ڪراچي ۾ محرم الحرام جي موقعي تي 1196 روايتي جلوس نڪرندا جن کي اجازت مليل هوندي ۽ ان جي حفاظت جا انتظام پڻ ڪيا ويندا پر انهن کانسواءِ ڪنهن به علائقي ۾ بنا اجازت جلوس جي اجازت نه ڏني ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته دهشتگرد رضاڪار، اهلڪار يا مومن جي ويس ۾ جلوس اندر داخل ٿي سگهن ٿا جنهن کي نظر ۾ رکندي سخت حڪمت عملي جوڙي وئي آهي. هن چيو ته ماتمي جلوسن کان اڳ روٽ جي بم ڊسپوزل اسڪواڊ ۽ کوجي ڪتن ذريعي سرچ ڪري اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويندو . هن چيو ته سڄي شهر ۾ جلوسن کي حساس قرار ڏئي حڪمت عملي جوڙي وئي آهي. هوڏانهن سنڌ سرڪار 7 محرم کان ڪراچي شهري سرڪار جي ايمبولينسن، فائر برگيڊ جي گاڏين ۽ عملي کي رينجرز جي ڊائريڪٽر جنرل جي ماتحت ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. گهرو کاتي پاران جاري ڪيل حڪمن تحت ڪراچي شهري سرڪار جي ماتحت ايمبولينسون ۽ فائر برگيڊ سروس کي 7 محرم کان 11 محرم تائين رينجرز جي ماتحت هونديون، جنهن دوران رينجرز ڪنهن به امدادي سرگرمي لاءِ انهن کي استعمال ڪري سگهي ٿي.
 
Back
Top