• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

صنفِ نازڪ تي انسانيت سوز تشدد۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
هي خبر عوامي آواز جي ڪالهوڪي ايڊيشن 12 ڊسمبر 2010ع ۾ پڙهي اٿم۔۔۔ توهان سان ونڊ‌ ڪرڻ‌‌ضروري سمجهيم۔۔ هن تصوير کي ڏسڻ‌کان پوءِ‌ته منهنجي ننڊ ئي ڦٽي وئي آهي۔۔۔ اهڙين تصويرن ۽ ظلمن کي ڏسي بابا چوندو آهي ته هاڻي سمجهه ۾ اچي ٿو ته - - - - - - - - ۔۔۔۔​

Larkano%20woman%20killed.JPG


شهدادڪوٽ ڀرسان وحشي مڙس ڪهاڙين سان زال جو نڪ، ڪنڌ ۽ ڳياڙي وڍي ڇڏي
لاڙڪاڻو / شهداد ڪوٽ (رپورٽ: نويد لاڙڪ/ رفيق ڀٽي) شهدادڪوٽ ڀرسان ٻوڏ دوران ذهني توازن وڃائي ويٺل شخص پنهنجي زال تي ڪهاڙي جا بيدردي سان وار ڪري نڪ، ڳياڙي ۽ ڪنڌ وڍي ڇڏيو. شهدادڪوٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڀانڙيءَ جي وانڍ ۾ ڪالهه صبح جو جوابدار بشير مگسي پنهنجي گهر اندر 25 ورهين جي نوجوان زال سهڻي مٿان ڪهاڙي جا بيدردي سان وار ڪيا، جنهن ڪري مائي سهڻي رتورت ٿي وئي، واقعي کان پوءِ جوابدار فرار ٿي ويو. واقعي ۾ مرڻينگ ٿيل مائي سهڻي کي وارثن علاج لاءِ شهدادڪوٽ جي اسپتال پهچايو، جتي طبي امداد ملڻ باوجود حالت ۾ سڌارو نه اچڻ سبب کيس لاڙڪاڻي ۾ چانڊڪا سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي هوءَ ڳالهائڻ ٻولهائڻ کان لاچار ۽ بيهوشي واري حالت ۾ پيل هئي. ڊاڪٽرن موجب سندس حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. اسپتال ۾ مائي سهڻي سان سندس ماءُ نصيبان، سس سڪينه ۽ سهرو عبدالقادر مگسي موجود هئا. صحافين سان ڳالهائيندي عبدالقادر مگسي ٻڌايو ته ڳوٺ ۾ آيل ٻوڏ سبب منهنجي پٽ بشير جو ذهني توازن خراب ٿي ويو ۽ ٻوڏ جو پاڻي داخل ٿيڻ کان پوءِ اسان بهرام ۾ سيد حاڪم شاهه جي درگاهه تي ترسيل هئاسين، جتان ڪجهه ڏينهن اڳ پاڻي سڪڻ کان پوءِ ڳوٺ آيا آهيون. واقعي وقت مان پنهنجي گهرواري سڪينه سان گڏ ٻنيءَ تي ويل هئس، خبر ناهي ته پٽ بشير ڪهڙي ڳالهه ۽ ڪهڙي اوزار سان نهن سهڻي کي زخمي ڪيو آهي. ان موقعي تي مائي نصيبان ٻڌايو ته مان ۽ بشير جي ماءُ پاڻ ۾ ڀينر آهيون ۽ ڏي وٺ جي بنياد تي منهنجي ڌيءَ سهڻي ڀاڻيجي بشير ۽ سندس ڀيڻ منهنجي پٽ کي ڏنل آهي. اسانجو ڳوٺ ڀانڙيءَ جي وانڍ کان ڪجهه پنڌ تي آهي، واقعي جو اطلاع ملڻ شرط جيئن پهتيس ته منهنجي ڌيءَ زخمي حالت ۾ هئي. هن چيو ته اسان پنهنجو پاڻ ۾ آهيون ۽ ڌيءَ کي زخمي ڪندڙ سندس مڙس بشير جو ذهني توازن به خراب آهي، ان ڪري ڪا به پوليس ڪارروائي نه ڪئي آهي. هوڏانهن مائي سهڻي جي زخمن جي چڪاس ڪندڙ نڪ، ڪن ۽ ڳلي جي ڊاڪٽر عبدالستار شيخ صحافين کي ٻڌايو ته عورت سهڻي تي تيز ڌار واري اوزار سان وار ٿيل آهن، جنهن ڪري سندس نڪ، ڳياڙي ۽ ڪنڌ چيرجي ويا آهن. جڏهن ته سندس مٿي تي به گهرا زخم موجود آهن. ڊاڪٽر انديشو ظاهر ڪيو ته ڪنڌ ۾ تيز ڌار واري اوزار سان وار ٿيڻ ڪري سندس ڪرنگهي وارو هڏو متاثر ٿيڻ سبب مائي سهڻي معذور ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته سندس گهڻو رت وهڻ ڪري سندس حياتيءَ کي به خطرو آهي. ٻئي پاسي ڪالهه صبح سان مائي سهڻي سان پيش آيل دردناڪ واقعي جو رات دير تائين شهدادڪوٽ پوليس ڪيس داخل نه ڪيو هو ۽ نه ئي جوابدار بشير مگسي کي گرفتار ڪيو هو. مائي سهڻي چانڊڪا اسپتال ۾ بي يارو مددگار پيل آهي. هوڏانهن گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، سڌسماءَ واري صوبائي صلاحڪار شرميلا فاروقي واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي پي او قمبر کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

سهڻي جو چهرو بگڙجي ويو، ڳالهائڻ کان لاچار

لاڙڪاڻو: ڳوٺ ڀانڙيءَ جي وانڍ ۾وحشي مڙس هٿان ڪهاڙين جا وار ڪري مرڻينگ ڪيل مائي سهڻي کي ٻن پٽن ۽ هڪ نياڻي جو اولاد آهي. منهن تي ڪهاڙيءَ جا وار ٿيڻ سبب جتي سندس نڪ ڪپجي ويو آهي اتي سندس چهرو به مڪمل طور تي بگڙجي ويو آهي ۽ هوءَ ڳالهائڻ ٻولهائڻ کان به لاچار بڻيل آهي. مائي سهڻي جو جوابدار مڙس بشير مگسي توڙي سندس گهر جا ٻيا ڀاتي زميندار ڊاڪٽر درشن عرف جئه جي ٻنيءَ تي ڪڙمت ڪندا آهن. مائي سهڻي کي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرائڻ وقت وارثن سان گڏ ڊاڪٽر درشن به موجود هو.ان موقعي تي ڊاڪٽر درشن صحافين کي ٻڌايو ته بشير مگسي ڪافي وقت کان ذهني مريض هو ۽ ٻوڏ اچڻ کان پوءِ سندس حالت وڌيڪ خراب ٿي وئي. هن اهو به ٻڌايو ته بشير مگسي جو ٻوڏ کان اڳ لاڙڪاڻي جي نفسيات واري ماهر ڊاڪٽر عنايت مگسي کان علاج ڪرايو هو، پر ٻوڏ سبب هن جو وڌيڪ علاج نه ٿي سگهيو ۽ هي پاڻ ٻوڏ سبب بک، بدحالي جو شڪار ٿي ڳوٺ ڇڏي ويا ۽ هاڻي هو جڏهن واپس ڳوٺ آيا ته هي اوچتو واقعو پيش آيو آهي
 
جواب: صنفِ نازڪ تي انسانيت سوز تشدد۔۔

يار مست ۔۔۔

اهڙا ٿريڊ نه موڪليندو ڪر جو هاڻي اهڙن ظلمن کي ڏسڻ ۽ پڙهڻ جي سگھ ئي ڪونه رهي آهي۔ خبر ناهي سنڌ کي چا ٿي ويو آهي ؟؟ ڪيڏانهن وئي لوئيء ۽ عورت جي عزت ، ڪيڏانهن ويا رشته ، ڪيڏانهن ويو رشتن جو ڀرم ۔۔ بس نه پڇ دوست۔۔۔۔۔۔

رب پاڪ اسان کي عقل ڏي، سمجھ ڏي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔آمين
 
جواب: صنفِ نازڪ تي انسانيت سوز تشدد۔۔

اهڙين تصويرن ۽ ظلمن کي ڏسي بابا چوندو آهي ته هاڻي سمجهه ۾ اچي ٿو ته اتر جا ضلعا اهڙي قدرتي عذاب ٻوڏ جي ور ڪيئن چڙهيا۔۔۔۔


ادا مڃون ٿا ته سنڌ ۾ جهالت جي ڪر اهڙا وقعا پيش ايندا رهن ٿا۔۔۔۔۔ جيڪا وڏي افسوس جي ڳالهه آهي

پر يار مست مونکي تهنجي مٿين جملي تي ڏاڍو ڏک ٿيو
ان جا هيٺان سبب آهن؛
_ جڏهن توهان اهو به چيو آهي ته همراه جو ذهني توازن صحيح نه هو۔۔۔۔

ڇا ٻوڏ اچڻ جو سبسب صرف اهو ئي آهي
ڪراچيء ۾ ٽا گيٽ ڪلنگ ء بم بلاسٽ جو سبب به اهوئي آهي
ڪشمير م زلزلي جو سبب به اتر سنڌ جي ضلعن جا وقعا آهن
جهاز ڪرڻ جا وا َقعا به اتر سنڌ جي ضلعن ۾ ٿيندڙ ظلمن جو سبب آهن

پاڪستان ۾ هر هند اهڙا واقعا پيش اچن ٿا

ٻئي هند جٿي به ٻوڏ آئي انهن جو سبب به اتر۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

يار وڏي افسوس جي ڳالهه آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: صنفِ نازڪ تي انسانيت سوز تشدد۔۔

اهڙين تصويرن ۽ ظلمن کي ڏسي بابا چوندو آهي ته هاڻي سمجهه ۾ اچي ٿو ته اتر جا ضلعا اهڙي قدرتي عذاب ٻوڏ جي ور ڪيئن چڙهيا۔۔۔۔


ادا مڃون ٿا ته سنڌ ۾ جهالت جي ڪر اهڙا وقعا پيش ايندا رهن ٿا۔۔۔۔۔ جيڪا وڏي افسوس جي ڳالهه آهي

پر يار مست مونکي تهنجي مٿين جملي تي ڏاڍو ڏک ٿيو
ان جا هيٺان سبب آهن؛
_ جڏهن توهان اهو به چيو آهي ته همراه جو ذهني توازن صحيح نه هو۔۔۔۔

ڇا ٻوڏ اچڻ جو سبسب صرف اهو ئي آهي
ڪراچيء ۾ ٽا گيٽ ڪلنگ ء بم بلاسٽ جو سبب به اهوئي آهي
ڪشمير م زلزلي جو سبب به اتر سنڌ جي ضلعن جا وقعا آهن
جهاز ڪرڻ جا وا َقعا به اتر سنڌ جي ضلعن ۾ ٿيندڙ ظلمن جو سبب آهن

پاڪستان ۾ هر هند اهڙا واقعا پيش اچن ٿا

ٻئي هند جٿي به ٻوڏ آئي انهن جو سبب به اتر۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

يار وڏي افسوس جي ڳالهه آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

ادا مست صاحب جي ڳالهه ڀلي صحيح ڇو نه هجي، مگر مست کي ائين چوڻ جڳائي ڪونه ٿو، مست اهڙا الفاط استعمال ته ناهي ڪندو، مگر شايد مون وانگر اهيا ڳالهه ذهن تي تري آئي هوندس۔ ادا جڏهن ته مان به اتر جي ضلعي دادو سان تعلق رکان ٿو، مگر ادا اهيو به سچ آهي ته دادو کان مٿي جي علائقن ۾ ڪارو ڪاري جا واقعه تمام گهڻا ٿا ٿين۔ الائيڇو؟​
 
جواب: صنفِ نازڪ تي انسانيت سوز تشدد۔۔

ادا عرس ڳالهه کي واڌو ذهن سان پڙهه ۔۔۔ مست جو ڪو خاص ڪاٽو ريمارڪس نه آهي۔۔
ادا مست ضلع دادو پڻ ڪافي متاثر ٿيو ۔۔۔ ادا عرس جو ڳوٺ منهنجو ناناڻڪو آهي۔۔۔ جتي جا محبتي ميڙاڪا ۽ وڏن کي سياري جي مند ۾ باهه جي چوگرد ويهي مسئلا سلجهائيڻ ۽ صلاحون ڪرڻ مون کي ڏاڍيون وڻنديون آهن ان ڪري جڏهن به موڪل ملندي آهي ته ايڏانهن جو رخ ضرور ڪندو آهيان۔۔۔
پورو ڳوٺ ٻڏي ويو ۔۔۔ گهر ڪري پيا جانور لڙهي ويا۔۔۔ ايستائين جو قبرستان ۾ موجود قبرون پڻ پٽ ميدان ٿي ويون۔۔۔
رهي ٿوري گهڻي زمين سا به مسلسل پاڻي بيهڻ سان تباهه ٿي وئي۔۔۔ ان ڪري ڏکايلن کي وڌيڪ نه ڏکاء۔۔
 
جواب: صنفِ نازڪ تي انسانيت سوز تشدد۔۔

ادا عُرس ۔۔۔ يار ڳالهه توکي ڏکايو آهي، پر يار ڇا ڪجي اهي منهنجا ريمارڪس نه آهن، اهي بابا جا ريمارڪس آهن، منهنجو ڳوٺ درٻيلو (نوشهروفيروز) به ذري گهٽ اُتر جي وصف ۾‌ئي اچي ٿو پر اتي اهڙا ظلم نه آهن، توهان جي دل ڏکي آهي ان ڪري مان اهي لفظ حذف ڪرڻ لاءِ‌تيار آهيان۔۔۔
 
Back
Top