سنڌ جي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو آهي ته ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث قاتلن جو تعلق ڪراچي جي سڀ کان وڏي پارٽي سان آهي. عمران فاروق لنڊن ۾ قتل ٿئي ٿو ۽ دڪان ڪراچي ۾ پٺاڻن جا ساڙيا وڃن ٿا. ڪراچي ۾ پٺاڻن، پنجابين، سنڌين ۽ بلوچن کي ڳولي ڳولي ماريو پيو وڃي، جيڪڏهن سمورين قومن اتحاد ڪري برسٽ هنيون ته بي گناهه اردو ڳالهائيندڙ ماريا ويندا. هن چيو ته مون گورنر سنڌ کي چيو ته خدا جي واسطي ڪراچي جي رستن تي رحم ڪريو، گذريل 20 سالن کان بندوق جي زور تي کلون ورتيون پيون وڃن. هن چيو ته 60 ڏوهارين کي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. جنهن مان 26 جو تعلق ڪراچي شهر جي وڏي پارٽي ۽ باقي ٻين سان آهي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه ڪراچي چئمبر آف ڪامرس ۾ خطاب ڪندي ڪيو. گهرو وزير وڌيڪ چيو ته لنڊن ۾ متحده جو اڳواڻ عمران فاروق ماريو وڃي ٿو ته ڪراچي ۾ پٺاڻن جا دڪان ساڙيا وڃن ٿا ۽ انهن کي ماريو وڃي ٿو ڇا عمران فاروق کي اسفنديار ولي قتل ڪيو هو، هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي شهر ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث 60 دهشت گردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن مان 26 جو تعلق شهر جي وڏي پارٽي آهي، جن کان آءِ ايس آءِ، ايم آءِ، ايف آءِ اي، پوليس، رينجرز ۽ ٻين ڳجهن ادارن گڏيل پڇاڳاڇا ڪئي آهي، جنهن جا اسان وٽ ثبوت آهن. هن چيو ته ڪراچي ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد وٽ اجلاس ٿيو، مون چيو ته ڪراچي جي رستن تي رحم ڪريو. گذريل 20 سالن کان بندوق جي زور تي کلون ورتيون پيون وڃن. هن چيو ته لياقت آباد مان هڪ اغوا ٿيل شخص کي رکيو ويو. ان کان ڀنگ وٺي ڇڏيو ويو. اسان اتان وڏي تعداد ۾ هٿيار هٿ ڪيا. ان ۾ سيڪٽر انچارج ملوث آهي. هن واپارين کي چيو ته ڪاروباري سياست کان بچو اٺ پکي وانگر منڍي لڪائڻ سان خيريت نه ٿيندي. اڳ ۾ ڪراچي جا ٿاڻا وڪروٿيندا هئا. هن واپارين کي چيو ته واپاري تنظيمون ڀتو ڏين ٿيون. اوهان ڪاروباري پنهنجي پئسن مان ڀتو به ڏيو ٿا ۽ طالبان کي زڪوات به ڏيو ٿا. پوليس وٽ موٽر سائيڪلون ۽ موبائيل گاڏيون ناهن ۽ انهن گاڏين لاءِ اسان وٽ پيسا ناهن. اوهان ڪاروباري ماڻهو اهو پيسو پوليس کي گاڏيون وٺڻ لاءِ ڇو نٿا ڏيو. هن چيو ته ڪراچي ۾ ڏوهارين جون فيڪٽريون آهن. ماڻهو ڀتا خورن جو نالو وٺڻ کان ڊڄن ٿا. هن چيو ته ڪراچي ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ شهر کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ آپريشن ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته سموريون سياسي ڌريون ڪراچي جي حالتن جون ذميوار آهن. هن چيو ته هن مٿان الزام هنيا پيا وڃن ته هو ڀتا خور آهي. هن چيو ته مون کي ڀتا وٺڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. هن چيو ته مون ڪراچي کي ٻرندي ڏنو آهي. هن جي خواهش آهي ته شهر ۾ امن امان قائم ٿي. هن چيو ته شهري جن ڀتا خورن تي ووٽ ڏين ٿا، امن امان بابت سوال به انهن کان ڪيا وڃن. هن چيو ته ڪراچي ۾ جيڪو ٿي رهيو آهي ان جو هو ذميوار آهي.

روزانه عوامي آواز
وڌيڪ هي وڊيو ڏسو ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ڇا پيو چوي :
http://www.youtube.com/watch?v=sgmGnGO6Z5c