• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ايم ڪيو ايم ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث آهي ( ذوالفقار مرزا جا الزام )

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
سنڌ جي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو آهي ته ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث قاتلن جو تعلق ڪراچي جي سڀ کان وڏي پارٽي سان آهي. عمران فاروق لنڊن ۾ قتل ٿئي ٿو ۽ دڪان ڪراچي ۾ پٺاڻن جا ساڙيا وڃن ٿا. ڪراچي ۾ پٺاڻن، پنجابين، سنڌين ۽ بلوچن کي ڳولي ڳولي ماريو پيو وڃي، جيڪڏهن سمورين قومن اتحاد ڪري برسٽ هنيون ته بي گناهه اردو ڳالهائيندڙ ماريا ويندا. هن چيو ته مون گورنر سنڌ کي چيو ته خدا جي واسطي ڪراچي جي رستن تي رحم ڪريو، گذريل 20 سالن کان بندوق جي زور تي کلون ورتيون پيون وڃن. هن چيو ته 60 ڏوهارين کي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. جنهن مان 26 جو تعلق ڪراچي شهر جي وڏي پارٽي ۽ باقي ٻين سان آهي.

اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه ڪراچي چئمبر آف ڪامرس ۾ خطاب ڪندي ڪيو. گهرو وزير وڌيڪ چيو ته لنڊن ۾ متحده جو اڳواڻ عمران فاروق ماريو وڃي ٿو ته ڪراچي ۾ پٺاڻن جا دڪان ساڙيا وڃن ٿا ۽ انهن کي ماريو وڃي ٿو ڇا عمران فاروق کي اسفنديار ولي قتل ڪيو هو، هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي شهر ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث 60 دهشت گردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن مان 26 جو تعلق شهر جي وڏي پارٽي آهي، جن کان آءِ ايس آءِ، ايم آءِ، ايف آءِ اي، پوليس، رينجرز ۽ ٻين ڳجهن ادارن گڏيل پڇاڳاڇا ڪئي آهي، جنهن جا اسان وٽ ثبوت آهن. هن چيو ته ڪراچي ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد وٽ اجلاس ٿيو، مون چيو ته ڪراچي جي رستن تي رحم ڪريو. گذريل 20 سالن کان بندوق جي زور تي کلون ورتيون پيون وڃن. هن چيو ته لياقت آباد مان هڪ اغوا ٿيل شخص کي رکيو ويو. ان کان ڀنگ وٺي ڇڏيو ويو. اسان اتان وڏي تعداد ۾ هٿيار هٿ ڪيا. ان ۾ سيڪٽر انچارج ملوث آهي. هن واپارين کي چيو ته ڪاروباري سياست کان بچو اٺ پکي وانگر منڍي لڪائڻ سان خيريت نه ٿيندي. اڳ ۾ ڪراچي جا ٿاڻا وڪروٿيندا هئا. هن واپارين کي چيو ته واپاري تنظيمون ڀتو ڏين ٿيون. اوهان ڪاروباري پنهنجي پئسن مان ڀتو به ڏيو ٿا ۽ طالبان کي زڪوات به ڏيو ٿا. پوليس وٽ موٽر سائيڪلون ۽ موبائيل گاڏيون ناهن ۽ انهن گاڏين لاءِ اسان وٽ پيسا ناهن. اوهان ڪاروباري ماڻهو اهو پيسو پوليس کي گاڏيون وٺڻ لاءِ ڇو نٿا ڏيو. هن چيو ته ڪراچي ۾ ڏوهارين جون فيڪٽريون آهن. ماڻهو ڀتا خورن جو نالو وٺڻ کان ڊڄن ٿا. هن چيو ته ڪراچي ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ شهر کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ آپريشن ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته سموريون سياسي ڌريون ڪراچي جي حالتن جون ذميوار آهن. هن چيو ته هن مٿان الزام هنيا پيا وڃن ته هو ڀتا خور آهي. هن چيو ته مون کي ڀتا وٺڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. هن چيو ته مون ڪراچي کي ٻرندي ڏنو آهي. هن جي خواهش آهي ته شهر ۾ امن امان قائم ٿي. هن چيو ته شهري جن ڀتا خورن تي ووٽ ڏين ٿا، امن امان بابت سوال به انهن کان ڪيا وڃن. هن چيو ته ڪراچي ۾ جيڪو ٿي رهيو آهي ان جو هو ذميوار آهي.​

روزانه عوامي آواز

وڌيڪ هي وڊيو ڏسو ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ڇا پيو چوي :

http://www.youtube.com/watch?v=sgmGnGO6Z5c
 
جواب: ايم ڪيو ايم ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث آهي ( ذوالفقار مرزا جا الزام )

بلڪل صحيحي ٿو چئي سائين ٻيو ڪو اسان جهڙو سنڌي اهڙو ڪم ڪري سگهي ٿو؟ سڀ پٺاڻ ، مهاجر ان ديشتگردي ۾ ملوث آهن۔
 
جواب: ايم ڪيو ايم ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث آهي ( ذوالفقار مرزا جا الزام )

سائين ذوالفقار مرزا صاحب بلڪل سو فيصد صحيح ٿا چون۔ ۽ اهيو ان جو جهاد ئي چئبو جو ظالم کي منهن تي ظالم چئي رهيو آهي، ۽ ملڪ جو هر فرد ڄاڻي ٿو ته ايم ڪيو ايم دهشت گرد پارٽي آهي، ۽ هي پارٽي ڀتاخور پارٽي آهي۔
ايم ڪيو ايم دهشت گرد پارٽي ۽ هڪ منافق پارٽي آهي هي ته مفادن جي اڳيان پنهنجي پيءُ ماءُ سان به ڌوڪو ڪندا آهن، جنهن جو ثبوت سابقه دور آهي۔
جنرل پرويز مشرف به هنن جو پنهنجو هو ۽ انهيء هنن جو اٺ سال پيٽ ڀريو، مگر وقت اچڻ تي هنن ان سان به ڌوڪو ڪيو ۽ هن کان ڦري ويا، اهڙا ڪيترائي مثال توهان کي ملندا۔

mqm-firing.jpg
 
جواب: ايم ڪيو ايم ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث آهي ( ذوالفقار مرزا جا الزام )

سچ ته بيٺو نچ۔۔۔ خبر سڀني کي آهي پر الائي جي ڇو چپ ڪري ويٺا آهن، پر هاڻي ذوالفقار مرزا جي اهڙي تکي بيان کي ڏسي لڳي ٿو ته ٿي سگهي ٿو ته حڪومت ايم ڪيو ايم کي ٽيڏي اک ڏيکارڻ‌ چاهي ٿي۔۔۔
 
جواب: ايم ڪيو ايم ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث آهي ( ذوالفقار مرزا جا الزام )

چلو ڪنهن ته سچ ڳالهائڻ جي همت ڪئي!!!!
 
جواب: ايم ڪيو ايم ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث آهي ( ذوالفقار مرزا جا الزام )

سچ ٿا مرد چون ۔۔۔ ڪنهنکي وڻي يا نه ۔۔۔ جڏهن به ڪا اهڙي ڳالهه ٿيندي آهي ته محترم مرزا کي پاسيرو ڪري ڪراچي جا فيصلا ڪيا ويندا آهن ۔۔۔ پر پو به کيس شابس هجي هو پنهنجي وس آهر سنڌيت جي اک ڏيکاري پيو ۔۔۔

چڱي کي چڱو چئجي ۔۔۔ بري کي برو ۔۔۔ اهو به جهاد آهي ۽ اهو به ان پارٽي کي جنهن تي ڪنهن کي آڱر کڻندي به ڏڪڻي وٺي ويندي هجي ۔۔۔

لک شاباسون مرزا صاحب کي ۔۔۔
 
جواب: ايم ڪيو ايم ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث آهي ( ذوالفقار مرزا جا الزام )

سچ ٿا مرد چون ۔۔۔ ڪنهنکي وڻي يا نه ۔۔۔ جڏهن به ڪا اهڙي ڳالهه ٿيندي آهي ته محترم مرزا کي پاسيرو ڪري ڪراچي جا فيصلا ڪيا ويندا آهن ۔۔۔ پر پو به کيس شابس هجي هو پنهنجي وس آهر سنڌيت جي اک ڏيکاري پيو ۔۔۔

چڱي کي چڱو چئجي ۔۔۔ بري کي برو ۔۔۔ اهو به جهاد آهي ۽ اهو به ان پارٽي کي جنهن تي ڪنهن کي آڱر کڻندي به ڏڪڻي وٺي ويندي هجي ۔۔۔

لک شاباسون مرزا صاحب کي ۔۔۔

سائين نثار بلڪل شاباس جي لائق آهي مرزا صاحب

جنهن مفاهمت جي زنجيرن ۾ جڪڙيل هجڻ باوجود هيڏيون وڏيون ڳالهيون ڪيون آهن۔ ذوالفقار مرزا جو چوڻ آهي ته هن اها ڳاله پنهنجي پاران نه پر ستن انٽيليجنس ادارن جي رپورٽ جي آڌار چئي آهي جنهن ۾ آئي ايس آء ، ملٽري انٽيليجنس ، انتيليجنس بيورو ، سي پي ايل سي ، رينجرز جي انٽيليجنس ونگ وغيره شامل آهن۔
 
Back
Top