هاڻوڪي سنڌ جو مطلب مُهاجرستان(جناح پور) وفاقي صوبائي ادارن ۾ يا ته پناهگير يا پٺاڻ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏15 ڊسمبر 2010۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    مڙني وفاقي توڙي صوبائي ادارن ۾ يا ته پناهگير حاوي آهن ياوري پٺاڻ

    ۽ هاڻوڪي سنڌ جو مطلب به مُهاجرستان يا جناح پورآهي ڇو جو وڏيرن ، پيرن، ميرن، شاهن، راشي ڪامورن، رئيسن جاگيردارن جي مدد سان سنڌ جي مڙني وفاقي توڙي صوبائي ادارن ۾ يا ته پناهگير حاوي آهن ياوري پٺاڻ ۽ سنڌي پنهنجي ئي صوبي ۾ اوپرا، لاچار بيوس، ۽ مُهاجر ۽ پٺاڻ هاڻ سنڌ جي سمورن ادارن ، اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۽ شهرن تي مُڪمل ڪنٽرول رکندا وڃن، گڏوگڏ ڪن چور سنڌين کي ملائي، بچيل سنڌي ٽيلنٽس کي هڪ خاص پلاننگ ۽ سازش سان ڳولي ڳولي ڇيهو رسائين ٿا، مسلح غنڊا سنڌي ٽيلنٽس کي ڊي گريڊ ڪندا ڪنڊن ۾ ڌڪيلليندا وڃن ٿا، چاهي پوءِ انهن ادارن جا هيڊ سنڌي راشي ڪامورا ڇو نه هُجن ۽ چند ڀتا خور سنڌي، خود پسند، خود غرض ۽ وڏيرن، پيرن ميرن، راشي ڪامورن ۽( ايم اين اي۽ ايم پي اي ) جا سفارشي ڇاڙتا ۽ پاٿاريدار ، به ساڻن ڀائيوار آهن. ۽ اُهي پاڻ کي انهن سان گڏ رهي محفوظ سمجهندا تاڙيون وڄائيندا وتن ٿا ۽ آئينده وقت کان بيخبر هي سنڌي غدار ساڻن هائو ڪاري آهن ۽ ڊڄن به ٿا ڇو جو انهن جي ساٿ سان ئي هي ڪوڙا ڊوميسائيل، ڪوڙيون مارڪ شيٽون، ڪوڙا شناختي ڪارڊ، روينيو کاتن ۾ ردوبدل،گهوٻيون ُوغيره ۾ مگن آهن. سنڌ جي بقا ڪرڻي آهي ته پهرين گهران شروع ڪجي ۽ انهن راشين ۽ سنڌي غدارن کي اُگهاڙو ڪري نروار ڪجي. ۽ بغل ۾ ڇُري مُنهن ۾ رام رام ڪندڙن جو قوم کي ڏيک ڏجي ڇو جو اهي اسان جي نعرن ۾ به گڏ هوندا، اسان جا جهنڊا به کڻي هلندڙ هوندا، اسان کي ليڊ به ڪندا هوندا. سنڌي غريب ۽ وائيٽ ڪالر ، هاري مزدور ۽ نئين ٽهيءَ جو ووٽر نعرن ۽ جذباتي تقريرن جي سحر کان نڪري هوش ۾ نه آيو ته ايندڙ وقت سنڌي قوم لاءِ ڏاڍو ڀوائتو هوندو. ڇو جو تعليمي ادارن (سرڪاري توڙي خانگي) ۾ هڪ خاص سازش تحت تعليم کي ايڏو منهنگو ڪيو ويو آهي جو هاڻ مُمڪن ئي ناهي ته هڪ غريب هاري، مزدور يا وائيٽ ڪالر، ماستر جو ُپٽ، مئٽرڪ ۽ انٽر ۾ پوزيشن يا فرسٽ ڊويزن کڻندي به سنڌي انهن تعليمي (سرڪاري توڙي خانگي) ادارن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهي سگهي ڇو جو ڳاٽي ٽوڙ فيون، ۽ ڪتاب، ٽرانسپورٽ، بورڊنگ جو خرچ هُن لا ممڪن ئي ناهي۽ پڙهڻ لاءِ ڳريون فيون رُڳو ڪو ڊاڪو، ڪو راشي ڪامورو، ڪو وڏيرو، ڪو پير مير، جاگيردار ئي ڏئي سگهي ٿو ۽ غريب سنڌي ته هرگز نه، يا ته چوري ڪري، ڊاڪا هڻي، رُشوت وٺي، ڪنهن سنڌي قوم پرست ۽ ليڊر جو ان ڏانهن خيال الائي ڇو نٿو وڃي. هزارين ۽ لکن جو فيون اُهي به يڪ مُشت ۽ اڳواٽ، سنڌي ڪٿان آڻيندو، خاص طرح جيڪو اڳئي سيلابي آفتن جو ستايل هُجي، ايمانداي ۽ شريف هُجي، غربت ۽ منهنگائيءَ ۾ پسيل هُجي. علم حاصل ڪرڻ جا نعرا ۽ تجويزون ته ايتريون آهن پر علم جي دروازن تي لڳايل ڪامورن جون رنڊڪون شايد ڪو به قومپرست، سياسي، سماجي ليڊر ڏسي ئي نٿو جيڪي غريب کي مزيد جاهل ڪرڻ لاءِ، علم جي حُصول کي رڪاوٽ ڪرڻ لاءِ لڳايون ويون آهن.
     
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: هاڻوڪي سنڌ جو مطلب مُهاجرستان(جناح پور) وفاقي صوبائي ادارن ۾ يا ته پناهگير يا پ

    ادا بهترين ونڊ آهي
    تمام سٺي ڄاڻ ڏني اٿو
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: هاڻوڪي سنڌ جو مطلب مُهاجرستان(جناح پور) وفاقي صوبائي ادارن ۾ يا ته پناهگير يا پ

    جي ادا بلڪل تمام بهترين .
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هاڻوڪي سنڌ جو مطلب مُهاجرستان(جناح پور) وفاقي صوبائي ادارن ۾ يا ته پناهگير يا پ

    اندر جي آهه آهي، ۽ اسان سڀني سنڌ دوستن ۽ سڄاڻ انسانن جي اندر جي آهه ۔۔۔ ڀلا ڪينسر جو مريض هر وقت ڪنهن نه ڪنهن جسماني سور جي رڙ ته ڪندو رهندو ۔۔۔ ادي رزاق سان گڏ اسين سڀ ان سور ۾ سڙي رهيا آهيون ۔۔۔ واڪا به ٿين پيا پر آواز آهي جو جبلن جي چوٽين سان ٽڪرائجي پڙاڏا ۽ دائرا ٺاهي وري اسانجن ئي ڪنن ۾ اچي جاءِ ڪري ٿو ۔۔۔

    جڏهن ڪنهن انسان کي موضي مرض لڳندو آهي ته سندس هر عضوو بيڪار ۽ ناڪاره ٿيڻ شروع ٿيندو آهي، بلڪل ساڳئي طرح سنڌ کي به موضي مرض لڳي چڪو اهي جنهن سبب هر ادارو ۽ هر پاسي کان سور ۽ ناسور جون رڙيون ٿي رهيو آهن ۔۔۔

    رب رحم ڪري باقي قوم ۽ انجا اڳواڻ ڀٽڪيل راهه جا راهي ٿي عجيب قسم جي راند کيڏي رهيا آهن ۔۔۔ هٿ مٿي آهن ۔۔۔ اڇو ته اسين سڀ هيٺين طبقي، هيٺين وچولي طبقي ۽ قوم سان محبت رکندڙ دوست گڏ ٿي ڪا اهڙي باهه ٻاريون جو هي سڀ شيطان سڙي خاڪ ٿي وڃن ۔۔۔

    نوَ نيـــــرَ، ڏهه ڏاوڻيـــون، پندرهــــــن پينــدَ پيــــاس،
    جڏهن سڄڻ ياد پياس، ته ڇرڪ ڇنايس هڪڙي۔

    رب ڪري اسانکي به اهڙو ڪو ڇرڪ اچي ۔۔۔ آمين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو