• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

لاڙڪاڻي ۾ ياحسين جي صدائن سان عزاداري جاري، ميندي، تابوت ۽ تعزيا برآمد

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ امام حسين عليه السلام ۽ سندس جانثار ساٿين جي ڏنل عظيم قرباني کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ مجلسون منعقد ٿيڻ ۽ جلوس نڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. گذريل رات 7 محرم الحرام جي مناسبت سان مرڪزي امام بارگاهه جعفريه مان تابوت شهزادو علي اڪبر برآمد ٿيو، جڏهن ته امام بارگاهه جاڙل شاهه بخاري ۾ تابوت غازي عباس ڪڍيو ويو. امام بارگاهه چهارده معصومين ۽ امام بارگاهه سيد منظور حسين شاهه ۾ ميندي امير قاسم ڪڍي وئي. ان کان سواءِ مخلتف امام بارگاهن ۾ پڻ تعزيا ڪڍيا ويا ۽ مجلسون منعقد ڪري عزاداري ڪئي وئي. هوڏانهن اڄ رات 8 محرم جي مناسبت سان مرڪزي امام بارگاهه جعفريه ۾ شهزادي قاسم جي ميندي ڪڍي ويندي ۽ 9 محرم تي 150 سال قديم شهزادي علي اصغر جو برآمد ڪيو ويندو.

عوامي آوز​
 
جواب: لاڙڪاڻي ۾ ياحسين جي صدائن سان عزاداري جاري، ميندي، تابوت ۽ تعزيا برآمد

ٽنڊي آدم ۽ ڀرپاسي مجلس عزا برپا، امام بارگاهن ۾ نگارا وڄايا ويا

ٽنڊوآدم(ن ع آ) ٽنڊي آدم ۽ ڀرپاسي امام بارگاهن ۾ مجلسن جو سلسلو جاري آهي، ٽنڊي آدم شهر کان سواءِ ٻهراڙين ۾ 150 کان وڌيڪ امام بارگاهن تي هزارين مومن محرم الحرام انتهائي عقيدت احترام سان ملهائيندا آهن، ٽنڊي آدم سميت سنڌ ۾ امام بارگاهن تي نگارا وڄايا پيا وڃن ۽ ٽنڊي آدم ۾ نگارا ٺاهڻ جو ڪم 80 سالن کان هلندڙ آهي ۽ ٽنڊي آدم ۾ ٺهندڙ نگارا سڄي سنڌ ۾ مشهور آهن، محرم ويجهو ايندي ئي سڄي سنڌ مان نگارا ٺـاهڻ جو آرڊر ملڻ شروع ٿي ويندا آهن، نگارا ٺاهيندڙ ڪاريگر نور محمد سمي ٻڌايو ته اسان پنهنجن وڏن کان هي ڪم سکيا آهيون ۽ انهن پنهنجن وڏن کان ڪم سکيو هو، اسان کان اڳ منهنجو چاچو هي ڪم ڪندو هو، جنهن کان اسان هي ڪم سکيو. هن ٻڌايو ته اسان وٽ نگارا ٺاهڻ لاءِ هونئن ته سڄي سنڌ مان آرڊر ايندا آهن پر حيدرآباد، دادو، سيوهڻ، خيرپور، لاڙڪاڻو بدين مان تمام گهڻا آرڊر ملندا آهن. هن ٻڌايو ته نگارا ٻن قسمن جا هوندا آهن، نرنگارو ۽ مادي نگارو نرنگاري کي بم چيو ويندو آهي ۽ مادي نگاري کي ريل چيو ويندو آهي. هن چيو ته نگارو ڍڳي جي کل مان ٺاهيو ويندو آهي، هڪ نگارو ست هزار کان 10 هزار رپين تائين ٺهندو آهي. مسلم ليگ(ن) اڳواڻ رئيس انور علي مري ٻڌايو ته ٽنڊي آدم ۾ نگارا ٺاهڻ جي تاريخ تمام پراڻي آهي. هن چيو ته نگارو وڄائڻ جو مقصد سڏ ڪرڻ آهي، نگارو 5 واگهو ٿيندو آهي، سيد جيئل شاهه چيو ته ساٿي پاڙي پڙ تي صبح کان شام تائين نگارو وڄندو آهي. جڏهن قافلو نڪرندو آهي، تڏهن وڃي نگارو بند ٿيندو آهي .

عوامي آواز
 
جواب: لاڙڪاڻي ۾ ياحسين جي صدائن سان عزاداري جاري، ميندي، تابوت ۽ تعزيا برآمد

ادا هي ڏينهن آهن عزاداري جاجنهن تي مومنن جي آه بڪاء ۽ فرياد ٻڌڻ ۾ ايندي آهي۔اگرچه حسيني سڏائڻ وارو نه به هجي۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: لاڙڪاڻي ۾ ياحسين جي صدائن سان عزاداري جاري، ميندي، تابوت ۽ تعزيا برآمد

ادا هي ڏينهن آهن عزاداري جاجنهن تي مومنن جي آه بڪاء ۽ فرياد ٻڌڻ ۾ ايندي آهي۔اگرچه حسيني سڏائڻ وارو نه به هجي۔۔۔۔۔۔۔

ها ادا بلڪل۔۔۔۔هي ڏينهن عزادري ۽ غم ۾ گذارڻ جا ڏينهن آهن۔۔۔۔جيئو علي ع والو جيئو۔۔۔۔۔۔
 
Back
Top