وفاقي وزير حامد ڪاظمي ۽ اعظم سواتي برطرف

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ حاڪم طرفان آندل موضوعَ ‏15 ڊسمبر 2010۔

  1. حاڪم

    حاڪم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    187
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    اسلام آباد (رپورٽ:قربان بلوچ/ايم بي سومرو) وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني حج ڪرپشن جو معاملو تمام گهڻو وڌي وڃڻ بعد مذهبي معاملن جي وفاقي وزير حامد سعيد ڪاظمي ۽ ڪرپشن جا الزام هڻندڙ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير اعظم سواتي کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي، اعظم سواتي کي هٽائڻ تي جي يو آءِ ڪاوڙجي پئي ۽ احتجاج طور حڪومت کان ڌار ٿي وئي، جي يو آءِ سان لاڳاپيل ٻن وفاقي وزيرن مولانا فضل الرحمان جي ڀاءُ عطاءُ الرحمان ۽ رحمت الله ڪاڪڙ کان استعيفائون ڏياريون ويون آهن، جڏهن ته مولانا فضل الرحمان ڪشمير ڪاميٽي جو چيئرمين برقرار رهندو، ڪالهه وزير اعظم جڏهن ٻن وفاقي وزيرن حامد سعيد ڪاظمي ۽ اعظم سواتي کي هٽايو ته جي يو آءِ سربراهه فضل الرحمان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پارٽي جو اجلاس سڏائي بعد ۾ پريس ڪانفرنس ڪري حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو، وزير اعظم حج ڪرپشن واري معاملي تي ٻنهي وفاقي وزيرن کي بيان بازي کان منع ڪيو هو پر ٻنهي وزيرن انهيءَ حڪم تي عمل نه ڪيو، جنهن بعد وزير اعظم ٻنهي ڄڻن کي برطرف ڪري ڇڏيو ۽ مذهبي معاملن جي وزارت سيد خورشيد شاهه حوالي ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته اعظم سواتي واري وزارت سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي چارج ثقافت جي وزير پير آفتاب حوالي ڪئي وئي آهي، ڪالهه وزارتن بابت نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ بعد جي يو آءِ سربراهه هنگامي اجلاس سڏائي ورتو، اجلاس وفاقي وزيرن جي ڪالوني ۾ مولانا فضل الرحمان جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ اعظم سواتي کي برطرف ڪرڻ واري مامري تي غور ڪيو ويو، جي يو آءِ جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس بعد مولانا فضل الرحمان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جي يو آءِ حڪومت ۾ شموليت جو فيصلو هڪ معاهدي تحت ڪيو هو ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين جي مفاهمت جي پاليسي کي اسان مثبت موٽ ڏني، اسلامي قانونسازي هجي يا دهشتگردي خلاف جنگ جي حڪمت عملي جو مسئلو هجي، ٻنهي مامرن تي اسان سان واعدا ڪيا ويا هئا، اسان گذريل هڪ سال کان حڪومت کي چئي رهيا آهيون ته اوهان معاهدن تي عمل ڪيو، هن چيو ته اعظم سواتي کي هٽائڻ واري معاملي تي مون کي اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو، هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ آمريڪا ۽ اتحادين جي مدد جي حوالي سان به جيڪي فيصلا ڪيا ويا، ان ۾ اعتماد ۾ نه ورتو ويو، اعظم سواتي کي ان ڪري هٽايو ويو آهي، ڇو ته هن حج انتظامن ۾ ڪرپشن جي نشاندهي ڪئي ۽ هو سپريم ڪورٽ جي مدد ڪري رهيو هو، هن الزام هنيو ته گورنر پنجاب سلمان تاثير توهين رسالت ڪيس ۾ سزا مليل هڪ عورت جي حمايت ڪري رهيو آهي ۽ معاملا رڳو اتي ختم نٿا ٿين، پ پ جي شيري رحمان ترميمي بل به جمع ڪرايو آهي، پ پ ان معاملي تي به اسان کي اعتماد ۾ ناهي ورتو، هن چيو ته آر جي ايس ٽي جو بل قومي اسيمبلي ۾ آندو ويو ته اسان ان جي مخالفت ڪنداسين، اهڙي صورتحال سبب حڪومت ۾ رهڻ ممڪن نه رهيو آهي، ان ڪري اسان حڪومت کان ڌار ٿي رهيا آهيون، اڄ کان حڪومت کي خير آباد چئون ٿا، اسان جا 2 وفاقي وزير استعيفائون ڏيندا ۽ استعيفائون وزير اعظم کي موڪليون وينديون، تنهن جي باوجود هن اهو واضح ڪيو ته اسٽينڊنگ ڪاميٽي ۽ اسلامي نظرياتي ڪائونسل مان استعيفائون نه ڏنيون وينديون، هوڏانهن سڌ سماءَ جي وفاقي وزير قمر الزمان قائره چيو آهي ته وزير اعظم اعظم سواتي ۽ حامد سعيد ڪاظمي کي بيان بازي کان روڪيو هو پر انهن وزير اعظم جي هدايت تي عمل نه ڪيو ۽ الزام بازي جاري رکي وئي، جنهن ڪري وزير اعظم کين هٽائي ڇڏيو، صحافين سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته وزير اعظم بااختيار آهي، اهو مون کي به هٽائي سگهي ٿو ته منهنجي وزارت جو قلمدان تبديل به ڪري سگهي ٿو، اعظم سواتي ۽ حامد سعيد ڪاظمي سان هڪ جهڙو سلوڪ ڪيو ويو آهي، هن چيو ته صدر آصف علي زرداري پارٽي جو ڪو چيئرمين آهي، وزير اعظم به پيپلز پارٽي جو آهي، ان ڪري هن اهڙو فيصلو ڪرڻ بابت صدر سان مشورو ضرور ڪيو هوندو، هن چيو ته آر جي ايس ٽي تي ڪنهن کي به اعتراض نه آهي، ان تي تجويزون ڏنيون پيون وڃن، هن چيو ته آڊٽ اعتراضن کي ڪرپشن قرار ڏيڻ درست نه آهي، 99 سيڪڙو آڊٽ اعتراضن کي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي اجلاس ڪري ختم ڪري چڪي آهي، هن پ پ سيڪريٽريٽ ۾ صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته وزيرن کي هٽائڻ جا ميڊيا ۽ ٻيون ڌريون به مطالبا ڪري رهيون هيون، چيو ويو ٿي ته وزير جي عهدي تي موجودگي سان ڪيئن شفاف جاچ ٿي سگهندي، هاڻي وزارت تان هٽڻ بعد حامد سعيد ڪاظمي عدالت ۾ الزامن جو جواب ڏيندو، هن چيو ته صدر ۽ وزير اعظم ۾ اختلافن جون گهڻن کي خواهشون رهيون آهن، اهڙيون خواهشون رکندڙن جون خواهشون مري چڪيون آهن، جڏهن ته وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته اڃا آر جي ايس ٽي بل پارليامينٽ ۾ آڻڻ بابت فيصلو نه ٿيو آهي.
     
  2. حاڪم

    حاڪم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    187
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: وفاقي وزير حامد ڪاظمي ۽ اعظم سواتي برطرف

    هاڻي ملا بک پٿا مرن بريپڪيس کپن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  3. غلام مرتضى وساڻ

    غلام مرتضى وساڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    191
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: وفاقي وزير حامد ڪاظمي ۽ اعظم سواتي برطرف

    ابا حاڪم ايئن نه ڪر

    هي ڪالهوڪيون ّخبرون کنيو اچي اڄ ونڊ ڪرين۔ ٻيلي اسان ايترا اڻڄاڻ به ناهيان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو