مائڪروسافٽ ورڊ تي اسان جا ڪافي سارا دوست ڪم ڪندا رهندا آهن۔۔۔ ڪو وقت هوندو هو جو بجلي نه وڃڻ ڪري ڪم ڪندي ڪندي پنهنجي مرضي سان فائيل کي محفوظ بنائڻو پوندو هو۔۔۔ ان ڪري هڪ عادت ٿي وئي آهي جو ورڊ يا نوٽ پيڊ تي ڪم ڪندي ڪندي فائل کي محفوظ بنائڻ ئي وسريو وڃي ۽ پوءِ خبر تڏهن پوندي آهي جڏهن اچانڪ بجلي وڃي ۽ ادا ڦلپوٽو وانگر مٿي تي هٿ رکي ويهي رهجي ته يار مون ته فائيل کي محفوظ ئي نه ڪيو۔۔۔
اهڙي صورتحال جو هڪ حل مائڪروسافٽ ورڊ خود به ڏنو آهي ته توهان وقت سيٽ ڪريو ۽ فائيل کي پاڻمرادو ريڪوري فائيل بڻائڻ جو حڪم ڏيو ۔۔۔ ۽ پوءِ ٻيهر ڪمپيوٽر کولي ان فائيل کي ريڪوري جي صورت ۾ کڻي وٺو پر ڪافي دوست اڻ ڄاڻائي ڪري هن عمل کي نه سمجهي سگهندا آهن۔۔۔ ٻيو ته ان عمل سان فائيل واري لوڪيشن تي کوڙ ساريون ٽيمپريري فائيلز پڻ ٺهنديون رهنديون آهي ۔۔ ظاهري ڳالهه آهي ته انهن لڪيل فائيلز جو وزن به توهان جي ڪمپيوٽر کي برداشت ڪرڻو پوندو آهي۔۔۔
ان ڪري سوچيو ته دوستن کي ڪو آسان ۽ مفت حل ڏسجي۔۔۔۔ ان سلسلي ۾ مون کي نيٽ گردي ڪندي هڪ ننڍڙو ٽول نظر آيو جيڪو استعمال ۾ آسان ۽ انتهائي ڪارآمد لڳو۔۔۔ جنهن جي ذريعي توهان بي فڪر ٿي پنهنجو ڪم اڪلائي سگهو ٿا جو هي ننڍڙو ٽول پاڻمرادو توهان جي ڪم ٿيندڙ فائيل کي محفوظ بڻائيندو رهندو ۔۔۔۔
AutoSaver نالي هي ٽول تقريبن انهن سڀني پروگرامن کي سپورٽ ڪري ٿو جيڪي CTRL + S ڪي دٻائي محفوظ ڪيا ويندا هجن۔۔۔۔
هي پورٽيبل سافٽويئر توهان جي سسٽم ٽري ۾ فلاپي جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو جنهن کي مستقل ۽ عارضي سيٽنگ ذريعي توهان پنهنجي ڪم خاطر سيٽ ڪري سگهو ٿا۔۔۔ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔