مائڪروسافٽ ورڊ يا نوٽ پيڊ تي ڪم ڪندي فائيل کي پاڻمرادو محفوظ رکندا وڃو۔۔۔

'سافٽويئر' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏16 ڊسمبر 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    مائڪروسافٽ ورڊ تي اسان جا ڪافي سارا دوست ڪم ڪندا رهندا آهن۔۔۔ ڪو وقت هوندو هو جو بجلي نه وڃڻ ڪري ڪم ڪندي ڪندي پنهنجي مرضي سان فائيل کي محفوظ بنائڻو پوندو هو۔۔۔ ان ڪري هڪ عادت ٿي وئي آهي جو ورڊ يا نوٽ پيڊ تي ڪم ڪندي ڪندي فائل کي محفوظ بنائڻ ئي وسريو وڃي ۽ پوءِ‌ خبر تڏهن پوندي آهي جڏهن اچانڪ بجلي وڃي ۽ ادا ڦلپوٽو وانگر مٿي تي هٿ رکي ويهي رهجي ته يار مون ته فائيل کي محفوظ ئي نه ڪيو۔۔۔
    اهڙي صورتحال جو هڪ حل مائڪروسافٽ ورڊ خود به ڏنو آهي ته توهان وقت سيٽ ڪريو ۽ فائيل کي پاڻمرادو ريڪوري فائيل بڻائڻ جو حڪم ڏيو ۔۔۔ ۽ پوءِ ٻيهر ڪمپيوٽر کولي ان فائيل کي ريڪوري جي صورت ۾ کڻي وٺو پر ڪافي دوست اڻ ڄاڻائي ڪري هن عمل کي نه سمجهي سگهندا آهن۔۔۔ ٻيو ته ان عمل سان فائيل واري لوڪيشن تي کوڙ ساريون ٽيمپريري فائيلز پڻ ٺهنديون رهنديون آهي ۔۔ ظاهري ڳالهه آهي ته انهن لڪيل فائيلز جو وزن به توهان جي ڪمپيوٽر کي برداشت ڪرڻو پوندو آهي۔۔۔
    ان ڪري سوچيو ته دوستن کي ڪو آسان ۽ مفت حل ڏسجي۔۔۔۔ ان سلسلي ۾ مون کي نيٽ گردي ڪندي هڪ ننڍڙو ٽول نظر آيو جيڪو استعمال ۾ آسان ۽ انتهائي ڪارآمد لڳو۔۔۔ جنهن جي ذريعي توهان بي فڪر ٿي پنهنجو ڪم اڪلائي سگهو ٿا جو هي ننڍڙو ٽول پاڻمرادو توهان جي ڪم ٿيندڙ فائيل کي محفوظ بڻائيندو رهندو ۔۔۔۔
    AutoSaver نالي هي ٽول تقريبن انهن سڀني پروگرامن کي سپورٽ ڪري ٿو جيڪي CTRL + S ڪي دٻائي محفوظ ڪيا ويندا هجن۔۔۔۔

    [​IMG]

    [​IMG]


    هي پورٽيبل سافٽويئر توهان جي سسٽم ٽري ۾ فلاپي جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو جنهن کي مستقل ۽ عارضي سيٽنگ ذريعي توهان پنهنجي ڪم خاطر سيٽ ڪري سگهو ٿا۔۔۔ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مائڪروسافٽ ورڊ يا نوٽ پيڊ تي ڪم ڪندي فائيل کي پاڻمرادو محفوظ رکندا وڃو۔۔۔

    سائين ڊائريڪٽ لنڪ ڪم نه ٿو ڪري، اڳتي پيج تي مختلف آپشن اچن ٿا۔۔۔ ڇا سافٽ‌ويئر جو نالوڪلپ بورڊ‌ آٽو سيور آهي؟؟؟
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: مائڪروسافٽ ورڊ يا نوٽ پيڊ تي ڪم ڪندي فائيل کي پاڻمرادو محفوظ رکندا وڃو۔۔۔

    ادا ائين آهي ته ڪونه۔۔۔ وري به لنڪ تي هڪ نظر اضافي ڏنم پر ڪجهه غلط نظر نه آيو ۔۔۔۔ فائل جو نالو مٿي ٻڌائي چڪو آهيان۔۔۔
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مائڪروسافٽ ورڊ يا نوٽ پيڊ تي ڪم ڪندي فائيل کي پاڻمرادو محفوظ رکندا وڃو۔۔۔

    هينئر آرام سان، لنڪ تي ڪلڪ ڪرڻ سان ڊائون لوڊ ٿي ويو، شايد سوير ٻيو ڪو مسئلو هوندو۔۔ ؛)
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: مائڪروسافٽ ورڊ يا نوٽ پيڊ تي ڪم ڪندي فائيل کي پاڻمرادو محفوظ رکندا وڃو۔۔۔

    ادا سائين بهترين شيئرنگ آهي .
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: مائڪروسافٽ ورڊ يا نوٽ پيڊ تي ڪم ڪندي فائيل کي پاڻمرادو محفوظ رکندا وڃو۔۔۔

    ادا رشيد مهرباني

    ڏاڍو ڪم وارو فائل آهي۔ اها سهولت سنڌ سلامت تي به هئڻ کپي ، اسان جڏهن ڪو ڊگهو ليک لکندا آهيون ته ڪڏهن ڪڏهن لائيٽ هلي ويندي آهي يا نيٽ جي ڪنيڪشن ڪٽجي ويندي آهي۔ ان سلسلي ۾ ڪو آٽو سيو جو آپشن هجڻ کپي ۽ اسان جو اهو ليک پينڊنگ ۾ اچڻ کپي۔
     
  7. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: مائڪروسافٽ ورڊ يا نوٽ پيڊ تي ڪم ڪندي فائيل کي پاڻمرادو محفوظ رکندا وڃو۔۔۔

    مهرباني توهان جي ادا جو توهان خاص طور تي مون جي لا۽ اهڙو ڪم جو پورٽيبل سافٽ ويئر ونڊ ڪيو

    توهان جي اهڙي ڏنل مفت وارين شين جا ته اصل اسان وڏا عادي ٿئي ويا آهيون

    مهرباني ادا

    تمام سٺو فنڪشن اٿس

    سدائين گڏ
     
  8. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مائڪروسافٽ ورڊ يا نوٽ پيڊ تي ڪم ڪندي فائيل کي پاڻمرادو محفوظ رکندا وڃو۔۔۔

    [justify]
    سائين سليمان وساڻ۔۔ توهان منهنجي دل وٽان ڳالهه ڪئي آهي، بيشڪ آٽو سيو جو آپشن هجي ۽ اها تحرير اسان جي ذاتي فولڊر ۾ محفوظ‌ٿي وڃي ۽ ان کي ٻيهر لاگ اِن ٿيڻ تي مڪمل ڪري سگهون۔۔ ان سان گڏ منهنجي خيال ۾ ته سنڌ سلامت تي هڪ اهڙو سسٽم هجڻ‌ گهرجي جو پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي يا مائڪروسافٽ ورڊ نه هجڻ جي صورت سنڌ سلامت جي سنڌي ڪي پيڊ جي مدد سان سنڌي تحرير لکي هڪ ذاتي فائل يا فولڊر ٺاهي ان کي سنڌ سلامت تي آن لائن محفوظ ڪري سگهون ۽ ٻيو ڪو اسان جي مرضي کان سواءِ‌ ان کي نه ڏسي سگهي ۽ وقت پئجڻ‌ تي ان فائل کي اسان پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ آرام سان ڊائون لوڊ ڪري سگهون يا وري دوستن سان ونڊي سگهون۔۔​
    [/justify]
     
  9. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: مائڪروسافٽ ورڊ يا نوٽ پيڊ تي ڪم ڪندي فائيل کي پاڻمرادو محفوظ رکندا وڃو۔۔۔

    سائين توهان جي مهرباني پر هي سافٽويئر پر فائر فوڪس ۾ ڪافي تنگ پيو ڪري هر منٽ کان پوءِ سيو جو ڊائلگ باڪس کليو وڃي انهيءَ جو ڪو حل آهي ؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو