هيروشيما جي عورت يائيڪو جون خبرون
الطاف شيخ
(حصوپهريون)
altafshaikh2004@yahoo.co.uk
altafshaikh2005@gmail.com
روزانه عبرت جي ٿورن سان
الطاف شيخ
(حصوپهريون)
”منهنجي ڌيءَ کي مون کان وڇڙندي اڄ 60 سال اچي ٿيا آهن. هوءَ نائين آگسٽ 1945ع تي ائٽم بم جو شڪار ٿي وئي هئي.“ 90 کن سالن جي پوڙهي عورت يائيڪو اکين ۾ ڳوڙها آڻيندي ٻڌايو. ”هوءَ جيڪڏهن ڪنهن بيماري يا حادثي ۾ مري وڃي ها ته هن جي جدائيءَ جو غم مون کي شايد ايڏو ڀڃي ڀوري نه ڇڏي ها، پر هن جو ائٽم بم جي ڌماڪي ۽ ائٽمي لهرن جي گرمائش ۾ ائين بيدرديءَ سان مرڻ جو غم لڳي ٿو ته مون کي سڄي حياتي جهوريندو رهندو. ماڻهو چوندا آهن ته وقت اها شيءِ آهي، جيڪا ڏکن جي وڏن زخمن کي به ڇٽايو ڇڏي، پر ڪو منهنجي دل کان به ته پڇي ته حقيقت ڇا آهي. جيئن جيئن آئون پوڙهي ٿي رهي آهيان، تيئن تيئن منهنجي پياري ڌيءَ جي جدائيءَ جي پيڙا منهنجي دل کي نپوڙي رهي آهي.“
يائيڪو جو گهر هيروشيما ۾ بم ڪِرڻ واري جاءِ (Hypocentre) کان ٽي ميل کن اوڀر ۾ Mukainda واري علائقي ۾ هو. ”منهنجي ڌيءَ انهن ڏينهن ۾ هاءِ اسڪول جي ٻئي سال ۾ هئي ۽ سندس ڪلاس جي ٻين ڇوڪرين سان گڏ هن ملٽري وارن جي شهري ڪمن ۾ مدد ڪئي ٿي. هن جون ٻه سٺيون ساهيڙيون هيون، جيڪي اسان جي ئي پاڙي ۾ رهيون ٿي، جن سان گڏ هوءَ روزانو ساڍي ڇهين وڳي ڪم لاءِ رواني ٿيندي هئي. پر ان ڏينهن جنهن ڏينهن هيروشيما تي بم ڪِريو، خبر ناهي ڇو منهنجي ڌيءَ پنهنجين ساهيڙين سان گڏ نه وئي. هو جڏهن کيس سڏڻ لاءِ گهر آيون ته هن کين چيو ته توهان هلو ته آئون اڌ ڪلاڪ بعد اچان ٿي.
”هوءَ ڪا دير پنهنجي ننڍپڻ جي هڪ فوٽوءَ کي ڏسندي رهي، جيڪو سندس پيءُ سان گڏ نڪتل هو ۽ پنهنجي منهن چوندي رهي: ڪيتري ته سهڻي لڳان ٿي. ۽ پوءِ فوٽوءَ کي ٽيبل تي ڦٽو ڪري ڪم لاءِ رواني ٿي. هن کي پيرن ۾ زوري (Zori) جپاني سئنڊل ۽ ننڍين ٻانهن وارو بلائوز پهريل هو، جيتوڻيڪ هوءَ هميشه ڊگهين ٻانهن وارو پائي نڪرندي هئي. ڪنهن کي خبر ته آئون پنهنجي ڌيءَ کي اهو آخري دفعو ڏسي رهي آهيان.“
۽ پوءِ جڏهن هيروشيما مٿان بم ڦاٽو ته سڄي دنيا ئي بدلجي وئي. ڇا مان ڇا ٿي ويو. بم جي تپش ۽ جتي ڪٿي لاشن ۽ مرڻينگ ماڻهن جا ڍير هئا. ماڻهن جي جسمن جا عضوا، ٻانهون ٽنگون وڻن ۽ تارن مٿان لڙڪيل هئا. آئون شهر جي گهٽي گهٽي پنهنجي ڌيءَ لاءِ ڳوليندي رهيس. هيروشيما شهر جي حالت کنڊر بڻجي چڪي هئي. چوڌاري لاشن جي ڌپ برداشت کان ٻاهر هئي. جتان ٿي لنگهڻ ٿيو، اتي ڦٽيل ۽ سڙيل ماڻهن جون رڙيون هيون. هر هڪ بيوس هو، ڪنهن جي ٻڌي ڪنهن جي ٻڌجي. ماڻهو هڪ ٻئي پويان مرندا رهيا ٿي. هنن ۾ گهڻا تڻا سڙيل ڪوئلي وانگر هئا. هر هڪ پاڻيءَ جي گهُر ڪري رهيو هو.آئون انهن جي وچ مان لنگهندي ٿڙندي ٿاٻڙندي رڙيون ڪندي پئي ويس ته من ڪٿان منهنجي ڌيءَ منهنجو سڏ ٻڌي ورندي ڏئي. هيڏانهن هوڏانهن ڳولي آئون وري پنهنجي گهر موٽيس ٿي ته متان هوءَ گهر پهتي هجي، پر پنهنجي ڊٺل گهر کي ڏسي مون کي چڪر ٿي آيا ۽ ڌيءَ کي ڳولڻ لاءِ آئون وري چرين وانگر ٻاهر ڊوڙي ويس ٿي.“
يائيڪو سندس شهر هيروشيما ۾ بم ڪرڻ جي روئداد ٻڌائي رهي هئي. ٻي وڏي لڙائي هلڻ دوران جپان جي ڪيترن ئي شهرن تي گڏيل طاقتن طرفان ننڍا وڏا بم ڪيرايا ويا پئي، پر هيروشيما تي ڪڏهن به ڪو ائٽم بم نه ڪِريو هو. ناگاساڪيءَ تي بم ٽي ڏينهن اڳ ڇهين آگسٽ 1945ع تي صبح جو پوري سوا اٺين وڳي ڪيرايو ويو ۽ اٽڪل هڪ لک ماڻهو ته ان ئي وقت بم جي ڌماڪي ۾ مري ويا ۽ پوءِ ائٽمي لهرن ۽ تپش ڪري چند ڏينهن ۾ لک کن ٻيا ماڻهو تڙپي تڙپي مري ويا. باقي جيڪي ماڻهو بچيا انهن تي به Radiation جو اهڙو اثر ٿيو جو اڄ تائين هتي جا ماڻهو ڪجهه اهڙي قسم جي ڪئنسر جا شڪار ٿيندا رهن ٿا جو ان ٽائيپ جي ڪئنسر دنيا جي ٻئي ڪنهن به ملڪ ۾ نه آهي.
هيروشيما ۾ جيڪو ائٽم بم ڪيرايو ويو هو، ان ۾ يورينيم استعمال ڪيل هو ۽ ناگاساڪي واري بم ۾ پليٽونيم، جيڪو ٽن ڏينهن بعد نائين آگسٽ تي ڪيرايو ويو. 2 سيپٽمبر تي جپانين Surrender ڪيو. اڄ ڏينهن تائين ان ڳالهه تي ڊبيٽ ڪئي وڃي ٿي ته آيا ائٽم بم ڪيرائڻ ضروري هو. بم ڪرڻ بعد جپانين جنگ بند ڪئي ۽ ڇا بم ڪيرائڻ بنا فقط وارننگ ڏيڻ تي جپاني ماٺ ڪري نه ويهن ها ۽ جيڪڏهن جپاني به ائٽم بم ايجاد ڪري چڪا هجن ها ته ڇا هو پڻ ان جو استعمال ڪري وڌيڪ تباهي نه مچائين ها.
بهرحال هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي جيڪي ٻه ائٽم بم ڪيرايا ويا، جن جپان جهڙي طاقت جا گوڏا کوڙي ڇڏيا، اهي ٽوٽل 83 ڪلو ٽن TNT جا هئا ۽ اڄ ائٽمي هٿيارن جي طاقت 50 ميگا ٽن برابر آهي، يعني هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي ڪريل بمن کان هڪ هزار دفعا وڌيڪ آهي ۽ ايڏي وڏي طاقت جا هٿيار هن ڌرتيءَ تي موجود آهن!
”جيئن ڏينهن تي ڏينهن ٿي گذريو ته منهنجي حالت چرين جهڙي ٿيندي ٿي وئي. ڪاش منهنجي ڌيءَ کي ڪو مون سان آڻي ملائي! هوءَ ڪٿي ٿي سگهي ٿي. ڪهڙي حالت ۾ ٿي سگهي ٿي. آهي ڪو جو مون کي ٻڌائي.“ يائيڪو اها ڳالهه ٻڌائيندي وري اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي.
”هيروشيما مان وهندڙ نديءَ جي ڪناري تي جنهن وقت آئون پنهنجي ڌيءَ کي ڳولي رهي هئس ته اتي مون کي ڪجهه سپاهي نظر آيا، جيڪي درياهه ۾ لڙهندڙ لاش ڏنڊي ۾ ٻڌل Hook ذريعي ڇڪي ٻاهر ڪڍي رهيا هئا. سوين لاش هئا. آئون انهن سپاهين جي ڀرسان ٿي بيٺس ۽ هر لاش کي ڇڪي ٻاهر ڪڍڻ تي مون ان کي چتائي ڏٺو ٿي ته متان منهنجي ڌيءَ جو لاش هجي. گهڻا تڻا لاش اهڙا سڙيل، ڪوئلي وانگر ڪارا ٿيل، سڄيل ۽ چيريل هئا جو انهن کي ڪوبه سڃاڻي نه سگهي، ته به آئون انهن سپاهين کي منٿون ڪندي رهيس ته انهن کي هڪ ٻئي مٿان ڍير ڪرڻ کان اڳ منٽ ٻن لاءِ مون کي ڏسڻ ڏيو. ٿي سگهي ٿو انهن ۾ ڪو منهنجي ڌيءَ جو به لاش هجي، پر منهنجي ڌيءَ جو لاش انهن ۾ به نه هو.
”انهن ڏينهن ۾ هڪ ڪاليجي شاگرد مون وٽان اچي نڪتو ۽ مون کي چيائين ته فلاڻي جبل تي هڪ مندر ۾ هڪ ڪراڙو ٻڌ بکشو رهي ٿو. ٿي سگهي ٿو هو پنهنجي روحاني طاقت ذريعي تنهنجي وڃايل ڌيءَ جا پار پتا ٻڌائي سگهي. آئون ان ئي وقت ان جبل ڏي رواني ٿي ويس. منهنجو جسم ڏڪي رهيو هو، پيٽ ۾ پورو کاڌو به نه هو، پر ڌيءَ بنا جهڙي چري ٿي پئي هئس. آخر مون کي پري کان جبل تي ڏيئي جي روشني نظر آئي. آئون ان ڏانهن وڌندي ويس ته هڪ مندر ڏسڻ ۾ آيو. مندر ۾ جيئن ئي گهڙيس ته ان اڌ اگهاڙي ٻائي رڙ ڪري چيو: ”تون پنهنجي ڌيءَ جي ڳولا لاءِ نڪتي آهين. چئه سچ ٿو چوان نه؟ هوءَ ان ئي ڏينهن آئو ئي باشي ۾ مري وئي. باقي تنهنجو مڙس اڃا جيئرو آهي. ٿي سگهي ٿو مرڻ کان بچي وڃي.“
مون جيئن ئي هي ساڌو سنت کان ٻڌو ته آئون Aioi- Bashi ڏي رواني ٿيس. اتي پهچي ڏٺم ته چوڌاري سڙيل شين جا ڍير هئا. هر شيءِ ٻريل ۽ ڪوئلو ٿيل نظر آئي ٿي. گهر گهاٽ، وڻ ٽڻ ماڻهو ڇيڻو هر شيءِ سڙيل نظر آئي ٿي ۽ ان ڦلهير جي جبلن تان لنگهڻ به ڏکيو هو. پر جيئن تيئن ڪري آئون اڳيان وڌندي رهيس ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڳولا ڪيم، پر ڪٿي به اهڙو لاش نظر نه آيو جو منهنجي ڌيءَ جو هجي يا جنهن لاش مان منهنجي ڌيءَ هجڻ جا اهڃاڻ ملن.
اهڙي طرح ڳوليندي ڳوليندي 10 ڏينهن گذري ويا، پر ڪنهن کان ڪو ذري پرزي جو به اشارو نه ملي سگهيو ته هوءَ جيئري آهي يا مري وئي ۽ جي مري وئي ته هن جو لاش ڪٿي ڳولي سگهان ٿي. مون کي شهنشاهه جپان جو براڊڪاسٽ ڪيل اعلان ته ”هاڻ جنگ ختم آهي“ جي خبر هڪ پاڙيسري جي گهر ۾ پيئي جتي ڌيءَ جي ڳولا ۾ ٿڪجي اچي ساهه پٽيو هوم. ان بعد وري ڌيءَ جي ڳولا لاءِ نڪري پئي هئس. ريڊ ڪراس اسپتال جي مين گيٽ ٻاهران سڙيل لاشن مان هڪ جو هلڪو آواز منهنجن ڪنن تي پيو ”اوبا- سان“ ”اوبا- سان“ (مئڊم، مئڊم).
مون هن جي ويجهو ٿي ڏٺو ۽ هن جي ڳچيءَ ۾ لڙڪيل نالي جي پليٽ (Name Tag) تي ’سوني‘ نالو پڙهي مون کي تعجب لڳو ته هوءَ منهنجي ڌيءَ جي ٻن بهترين ساهيڙين مان هڪ هئي، جيڪي هن کي روز صبح جو ڊيوٽيءَ لاءِ وٺڻ اينديون هيون. هوءَ ويچاري ايتري ته سڙيل هئي جو سندس ڇاتيءَ جون هڏيون پئي نظر آيون، جن سان اها لوهي نالي واري پليٽ چمبڙي وئي هئي.