16 ڊسمبر ۔۔۔۔۔ بنگلاديش جي آزاديءَ جو ڏينهن

'مختلف موضوع' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏17 ڊسمبر 2010۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بنگلاديش جي آزاديءَ جو ڏينهن


    عبدالمنان چانڊيو


    [justify]اڄ ڊسمبر جي 16 تاريخ آهي، جي ها اڄ کان ٺيڪ 39 سال اڳ ۾ گڏيل قومن جي نقشي تي هڪ آزاد ملڪ بنگلاديش جو وجود عمل ۾ آيو ۽ اهڙي طرح ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي نتيجي ۾ آزاد ٿيل پاڻ وارو پيارو ملڪ ٻه اڌ ٿي ويو. ان کان ست سال اڳ ۾ يعني 23 مارچ 1940ع تي زندهه دلين جي شهر لاهور جي منٽو پارڪ جي ڪشادي ۽ سبز جڳهه تي اسان جي وڏڙن جهڙوڪ سنڌي، بنگالي، بلوچ، پختون ۽ پنجابي گڏ ٿي گڏيل صلاح مشوري کان پوءِ رضاڪاراڻي طور تي اهو فيصلو ڪيو هو ته هاڻي کاڻ کي انگريز سامراج کان آزادي وٺڻ گهرجي ۽ هڪ اهڙو ملڪ ٺاهڻ گهرجي جنهن ۾ سموريون قومون ۽ نسلي گروهه پنهنجا پنهنجا فيصلا ڪرڻ ۾ خود مختيار هجن ۽ ڪا به قوم ڪنهن ٻي قوم جو استحصال نه ڪري ۽ جڏهن به نئين ٺهندڙ ملڪ جي دستور ۽ قانون کان ڪنهن کي جائز شڪايت هجي ته اهو پنهنجي عوام جي گهڻائي جي گهرج موجب نئين ملڪ کان بنا ڪنهن خوف خطري جي ڌار ٿي سگهي ٿو.

    بهرحال آخرڪار 14 آگسٽ تي پاڪستان وجود تي اچي ويو ۽ ملڪ ٺهڻ کان پوءِ شامل ٿيندڙ (سواءِ پنجابي قوم)، جي ٻين قومن ۽ پرڳڻن جي رهواسين کي اهو محسوس ٿيڻ لڳو ته جيڪو هنن سان 23 مارچ 1940ع واري ٺهراءَ ۾ عهد ڪيو ويو هو ان جي سڌي سئين ڀڃ ڪڙي ٿي رهي آهي ۽ سنڌين، بنگالين، بلوچن، پختونن چٽي نموني اهو سمجهي ورتو ته هو گوري سامراج کان آزاد ٿي هڪ ٻئي ۽ نئين ڪاري سامراج جا غلام بڻجي ويا آهن ۽ هي اهڙي ناانصافي ۽ ڪيل واعدي جي انحرافي جي دانهن وقت به وقت نون حڪمرانن کي ڏيندا رهيا پر ڪٿان به تدارڪ ڪونه ٿيو. 47 کان 70ع تائين مڙئي ڪم هلندو رهيو ۽ ان عرصي دوران ملڪ ۾ ڪيترائي ڀيرا مارشلائون لاڳو ٿيون ۽ ملڪ تي ون يونٽ جو قهري نظام لاڳو ڪري قومن ۽ رياستن کان حق حڪمراني کسي وئي.

    تان جو ملڪ جي فوجي حڪمران عوام جي شديد دٻاءَ کان پوءِ 7 ڊسمبر 1970ع تي عام اليڪشن جو اعلان ڪيو. هيءُ اهو وقت هو جڏهن اولهه پاڪستان ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي قيادت ۾ پ پ جو ٻه سال اڳ ۾ قيام پئجي چڪو هو ۽ ڀٽو صاحب 7 سال فوجي حڪمرانن سان گڏ رهڻ کان پوءِ ڪن سببن جي ڪري ڌار ٿي هڪ مقبول ۽ عوامي اڳواڻ جي حيثيت حاصل ڪري چڪو هو. ان کان سواءِ جماعت اسلامي، مسلم ليگ جو به ٿورو گهڻو سياست ۾ اثر هيو، جڏهن ته سرحد ۾ ولي خان جي نيشنل عوامي پارٽي ۽ بلوچستان ۾ سردار عطاءُ الله خان مينگل ۽ نواب خير بخش خان مري جون علائقائي پارٽيون محدود ٿي رهيون هيون. ٻئي طرف اوڀر پاڪستان ۾ بنگالي قوم جي محبوب اڳواڻ شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ پنهنجو ڌاڪو ڄمائي چڪي هئي، جيئن ئي اليڪشن جي ڀرپور چونڊ مهم شروع ٿي ته هنن اسان وٽ ڀٽو صاحب ماني ڪپڙي ۽ اجهي جو نعرو هڻي سياسي ميدان ۾ لهي پيو، ۽ هُتي شيخ صاحب اليڪشن منشور ڏئي ڀرپور اليڪشن مهم هلائڻ لڳو. چونڊ مهم دوران ڀٽي صاحب بنگالين سان ٿيندڙ ناانصافين تي ڳالهايو ۽ پاڪستان جي حڪمرانن خاص ڪري ايوب خان کي تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ بنگالين جي شڪايتن جي حمايت ڪندي چيو ته جڏهن بنگالي پنهنجو قانوني، آئيني ۽ جمهوري حق گهرن ٿا ته توهان (پاڪستان جا حڪمران)انهن کي غدار ڇو ٿا چئو پر جڏهن اليڪشن جا نتيجا ظاهر ٿيا ته ڀٽو حيران ٿي ويو ۽ عوامي ليگ جي اليڪشن ۾ چٽي فتح ڀٽي کي حيران ڪري ڇڏيو ۽ هن جيڪو اقتدار حاصل ڪرڻ جو خواب ڏٺو هو اهو ساڀيان ڪو نه ٿيو ۽ اهڙي طرح هو مغربي پاڪستان جي غلبي جو سڀني کان وڌيڪ سخت گير چئمپين بڻجي ويو. جڏهن ته بنگالين کي پاڪستان جي حڪمراني ڪرڻ کان فوج سڳوريءَ جواب ڏئي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ شيخ مجيب الرحمان جي اڳواڻيءَ ۾ تحريڪ هلي، جنهن بنگلاديش کي جنم ڏنو ۽ گڏيل قومن جي اداري ۾ هڪ نئين ملڪ جو واڌارو ٿيو.[/justify]

    روزانه عوامي آواز جي ٿورن سان
     
  2. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: 16 ڊسمبر ۔۔۔۔۔ بنگلاديش جي آزاديءَ جو ڏينهن

    ادا لاجواب ونڊ لاء اوهان جا ٿورا ۔ اوهان جا سياسي ليک واري چونڊ لاجواب هوندي آهي ۽ تاريخي يادگيرين سان ڀرپور۔ اهڙي ونڊون جاري و ساري رکندا۔
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: 16 ڊسمبر ۔۔۔۔۔ بنگلاديش جي آزاديءَ جو ڏينهن

    ادا بهترين .
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: 16 ڊسمبر ۔۔۔۔۔ بنگلاديش جي آزاديءَ جو ڏينهن

    [justify]عبدالمنان چانڊئي صاحب جو لکيل هي ليک ونڊ ڪري، ادي سليمان اسانجي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيو آهي ۔۔۔ بنگلاديش جو نالو، پاڪستان ۽ عالم اسلام جي تاريخ تي هڪ اهڙو بدنما داڳ آهي، جيڪو صدين جي گذرڻ سان به نه ڌوپندو ۔۔۔

    ڇا بنگلاديش جي ماڻهن جي اها غلطي هئي جو هنن انگريزن جي خلاف جدوجهد ڪئي ۽ مسلمان قومن جو ساٿ ڏنو ۽ پاڪستان ۾ شامل ٿيا ۔۔؟

    ڇا ان غلطيءَ جي پاداش ۾ 30 لک ماڻهن جو قتلام ڪرڻ ۔۔۔3 لک عورتن جي عصمت دري ۽ عورت ذات جي خاص عضون کي ڪٽڻ ۽ داڳ هڻي اهڙا ظلم ڪرڻ جهڙا نه تاتارين ڪيا نه يهودين ڪيا نه فرعون ڪيا ۔۔۔ ڇا بنگالي مسلمان نه هئا، ڇا بنگالين پاڪستان ٺاهڻ ۾ ڪردار ادا نه ڪيو هو جو کين اهڙي ڀيانڪ سزا ڏني وئي ۔۔۔ الامان ۔۔۔ رب العالمين ڪنهن کي ايترو ظالم نه ڪري، شابس آهي بنگالين کي جن ايترو وڏو ظلم برداشت ڪيو ۽ اڄ به سچا مسلمان آهن ۔۔۔

    دوستو! اهي ظلم وات ۾ آڻڻ سولا آهن پر برداشت ڪرڻ ۔۔۔؟؟؟؟

    انا لله وانا عيله راجعون

    اسين بنگلاديش جي ماڻهن کي سرخ سلام ڪريون ٿا ۔۔۔ سندن آزاديءَ جو قدر ڪريون ٿا ۔۔۔ هن وقت بنگلاديش هوريان هوريان ڪري پنهنجي اقتصاديات کي پاڪستان کان وڌيڪ مضبوط ڪري چڪو آهي ۽ هوريان هوريان سندن سياسي ۽ سماجي ڍانچو مضبوط ٿي رهيو آهي ۔۔۔ اسانجون نيڪ خواهشون ۽ دعائون ساڻن گڏ آهن۔ ۽ دعا آهي ته سنڌ به اهڙن ظالمن کان جلد آزاد ٿئي ۽ دنيا ۾ پنهنجو مان مٿاهون ڪري ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔۔
    [/justify]
     
  5. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: 16 ڊسمبر ۔۔۔۔۔ بنگلاديش جي آزاديءَ جو ڏينهن

    ادا ليک ۾ ڪا به اهڙي ڳاله ڪانهي جيڪا اوهان کي تڪليف ڪارڻ بڻي آهي۔ مان سمجهان ٿو ٺيڪ اوهان جي راء جي تايد آهي ليک ۾ ۔ جيڪر مضمون ٻيهر پڙهي نظر ثاني ڪندا ته اوهان جي مهرباني ٿيندي
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: 16 ڊسمبر ۔۔۔۔۔ بنگلاديش جي آزاديءَ جو ڏينهن

    منهنجا ڀا افتخار، مون هن موضوع کي ڪو غلط نه چيو آهي پر هڪ مهاورو استعمال ڪيو اٿم، ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ ۔۔۔ مطلب جڏهن ڪا ڏکوئيندڙ شئي اوچتو سامهون اچي ويندي آهي يا ياد ڏياري ويندي آهي ته سنڌي ۾ چئبو آهي ته ادا ڇوٿو ڦٽن تي لوڻ ٻرڪين ۔۔۔مطلب ڇو ٿو وساريل ڳالهيون ياد ڪرائي ڦٽ تازا ڪرين ۔۔۔

    مون ان مضمون کي پڙهي ئي اهو سڀ لکيو هو ۔۔۔ بنگالي منهنجا دوست آهن، هت مونسان گڏ ڪم ڪندا آهن، انهن جي واتان پاڪستاني فوج جا ظلم ٻڌي روح ڏڪي ويندو آهي ۽ نفرت ٿيڻ لڳندي آهي پاڪستاني فوج ۽ سياستدانن کان ۔۔۔ ڪهڙا ٻڌائي ڪهڙا ٻڌايان ۔۔۔

    اوهان منهنجي جملي کي شايد ابتو سمجهيو آهي ۔۔۔ لک ٿورا

    دعائن ۾ ياد ڪندا ڪريو ۔۔۔
     
  7. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: 16 ڊسمبر ۔۔۔۔۔ بنگلاديش جي آزاديءَ جو ڏينهن

    ادا نثار واقعي مون غلط سمجهيم جنهن لاء معذرت گهران ٿو اميد آهي دل ۾ نه ڪندا مهرباني اوهان جي وظاحت ڪرڻ جي
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: 16 ڊسمبر ۔۔۔۔۔ بنگلاديش جي آزاديءَ جو ڏينهن

    شيخ مجيب الرحمان کي آزادي جو اعلان ڪندي ۽ بنگلاديش جي مٿان ٿيندڙ ظلمن جو بيان ڪندي ڏسو؛

    سلام آهي انهن قومن کي جي پنهنجي جانن جا نذرانا ڏئي ملڪ آزاد ڪرائي دنيا ۾ عزت ۽ وقار حاصل ڪنٿا؛

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو