بنگلاديش جي آزاديءَ جو ڏينهن
عبدالمنان چانڊيو
روزانه عوامي آواز جي ٿورن سان
عبدالمنان چانڊيو
اڄ ڊسمبر جي 16 تاريخ آهي، جي ها اڄ کان ٺيڪ 39 سال اڳ ۾ گڏيل قومن جي نقشي تي هڪ آزاد ملڪ بنگلاديش جو وجود عمل ۾ آيو ۽ اهڙي طرح ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي نتيجي ۾ آزاد ٿيل پاڻ وارو پيارو ملڪ ٻه اڌ ٿي ويو. ان کان ست سال اڳ ۾ يعني 23 مارچ 1940ع تي زندهه دلين جي شهر لاهور جي منٽو پارڪ جي ڪشادي ۽ سبز جڳهه تي اسان جي وڏڙن جهڙوڪ سنڌي، بنگالي، بلوچ، پختون ۽ پنجابي گڏ ٿي گڏيل صلاح مشوري کان پوءِ رضاڪاراڻي طور تي اهو فيصلو ڪيو هو ته هاڻي کاڻ کي انگريز سامراج کان آزادي وٺڻ گهرجي ۽ هڪ اهڙو ملڪ ٺاهڻ گهرجي جنهن ۾ سموريون قومون ۽ نسلي گروهه پنهنجا پنهنجا فيصلا ڪرڻ ۾ خود مختيار هجن ۽ ڪا به قوم ڪنهن ٻي قوم جو استحصال نه ڪري ۽ جڏهن به نئين ٺهندڙ ملڪ جي دستور ۽ قانون کان ڪنهن کي جائز شڪايت هجي ته اهو پنهنجي عوام جي گهڻائي جي گهرج موجب نئين ملڪ کان بنا ڪنهن خوف خطري جي ڌار ٿي سگهي ٿو.
بهرحال آخرڪار 14 آگسٽ تي پاڪستان وجود تي اچي ويو ۽ ملڪ ٺهڻ کان پوءِ شامل ٿيندڙ (سواءِ پنجابي قوم)، جي ٻين قومن ۽ پرڳڻن جي رهواسين کي اهو محسوس ٿيڻ لڳو ته جيڪو هنن سان 23 مارچ 1940ع واري ٺهراءَ ۾ عهد ڪيو ويو هو ان جي سڌي سئين ڀڃ ڪڙي ٿي رهي آهي ۽ سنڌين، بنگالين، بلوچن، پختونن چٽي نموني اهو سمجهي ورتو ته هو گوري سامراج کان آزاد ٿي هڪ ٻئي ۽ نئين ڪاري سامراج جا غلام بڻجي ويا آهن ۽ هي اهڙي ناانصافي ۽ ڪيل واعدي جي انحرافي جي دانهن وقت به وقت نون حڪمرانن کي ڏيندا رهيا پر ڪٿان به تدارڪ ڪونه ٿيو. 47 کان 70ع تائين مڙئي ڪم هلندو رهيو ۽ ان عرصي دوران ملڪ ۾ ڪيترائي ڀيرا مارشلائون لاڳو ٿيون ۽ ملڪ تي ون يونٽ جو قهري نظام لاڳو ڪري قومن ۽ رياستن کان حق حڪمراني کسي وئي.
تان جو ملڪ جي فوجي حڪمران عوام جي شديد دٻاءَ کان پوءِ 7 ڊسمبر 1970ع تي عام اليڪشن جو اعلان ڪيو. هيءُ اهو وقت هو جڏهن اولهه پاڪستان ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي قيادت ۾ پ پ جو ٻه سال اڳ ۾ قيام پئجي چڪو هو ۽ ڀٽو صاحب 7 سال فوجي حڪمرانن سان گڏ رهڻ کان پوءِ ڪن سببن جي ڪري ڌار ٿي هڪ مقبول ۽ عوامي اڳواڻ جي حيثيت حاصل ڪري چڪو هو. ان کان سواءِ جماعت اسلامي، مسلم ليگ جو به ٿورو گهڻو سياست ۾ اثر هيو، جڏهن ته سرحد ۾ ولي خان جي نيشنل عوامي پارٽي ۽ بلوچستان ۾ سردار عطاءُ الله خان مينگل ۽ نواب خير بخش خان مري جون علائقائي پارٽيون محدود ٿي رهيون هيون. ٻئي طرف اوڀر پاڪستان ۾ بنگالي قوم جي محبوب اڳواڻ شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ پنهنجو ڌاڪو ڄمائي چڪي هئي، جيئن ئي اليڪشن جي ڀرپور چونڊ مهم شروع ٿي ته هنن اسان وٽ ڀٽو صاحب ماني ڪپڙي ۽ اجهي جو نعرو هڻي سياسي ميدان ۾ لهي پيو، ۽ هُتي شيخ صاحب اليڪشن منشور ڏئي ڀرپور اليڪشن مهم هلائڻ لڳو. چونڊ مهم دوران ڀٽي صاحب بنگالين سان ٿيندڙ ناانصافين تي ڳالهايو ۽ پاڪستان جي حڪمرانن خاص ڪري ايوب خان کي تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ بنگالين جي شڪايتن جي حمايت ڪندي چيو ته جڏهن بنگالي پنهنجو قانوني، آئيني ۽ جمهوري حق گهرن ٿا ته توهان (پاڪستان جا حڪمران)انهن کي غدار ڇو ٿا چئو پر جڏهن اليڪشن جا نتيجا ظاهر ٿيا ته ڀٽو حيران ٿي ويو ۽ عوامي ليگ جي اليڪشن ۾ چٽي فتح ڀٽي کي حيران ڪري ڇڏيو ۽ هن جيڪو اقتدار حاصل ڪرڻ جو خواب ڏٺو هو اهو ساڀيان ڪو نه ٿيو ۽ اهڙي طرح هو مغربي پاڪستان جي غلبي جو سڀني کان وڌيڪ سخت گير چئمپين بڻجي ويو. جڏهن ته بنگالين کي پاڪستان جي حڪمراني ڪرڻ کان فوج سڳوريءَ جواب ڏئي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ شيخ مجيب الرحمان جي اڳواڻيءَ ۾ تحريڪ هلي، جنهن بنگلاديش کي جنم ڏنو ۽ گڏيل قومن جي اداري ۾ هڪ نئين ملڪ جو واڌارو ٿيو.