نثارابڙو
نائب منتظم
دوستو، اوهانکي اها ته خبر آهي ته ڀٽائي سڳوري پنهنجن بيتن لاءِ هيئن چيو آهي ...
جي تو بيت ڀانيان، سي آيتون آهين
نيون من لائين. پريان سندي پار ڏي.
اڄ شاهه جي هڪ اهڙي دعا جو ذڪر ڪبو جنهن ۾ ” الله جي وحدانيت، سندس صفات ۽ مالڪيت جو ذڪر اهڙن ته پراثر لفظن ۾ ٿيل آهي جو سڄي دنيا جا شاعر ملي ڪري به اهڙي پراثر دعا تخليق ڪري نٿا سگهن ...
شروع الله جي نالي سان؛
جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجهه به اوڏيائي مڱيا،
ري ٿنڀي، ري ٿوڻئين، تون ڇپر، تون ڇانءُ،
ڪڄاڙو ڪهانءُ، توکي معلوم سڀ ڪا.
جيڏو تنهنجو نانءُ ...
الله جو نالو ايترو وسيع ۽ ڪامل آهي جو انجي تعريف ۾ جي سڀ سمنڊ ۽ انهن جيترا ٻيا ست سمنڊ ملائي مس ٺاهجي ۽ ڪائنات جي سمورن وڻن کان به ست ڀيرا ٻيا وڻ گڏ ڪري انهن جا قلم ٺاهجن ته به سندس تعريف جو ذڪر پورو ڪونه ٿيندو ...
ٻاجهه به اوڏيائي مڱيا ...
ايڏي وڏي تعريف جي مالڪ کان جي ٻاجهه، رحم ۽ ڪرم جي دعا ڪجي ته ڪيئن ڪجي، سندس نالو ئي ايترو وڏو آهي ته سندس ٻاجهه به ته اوتروئي وسيع ۽ اڻ کٽ هوندي ... ڌڻي سڳورو پنهنجي رحمت جا دروازا هميشه کليل رکيا آهن ... بس هجي ڪو گھرڻ وارو ...
ري ٿنڀي، ري ٿوڻئين ...
الله ذوالجلال جي ذات کي نه ته ڪنهن آسري جي نه ڪنهن جي مدد جي ضرورت آهي ... هو خالق عظيم پنهنجي ئي آسري تي ۽ پنهنجي ئي سگهه سان سڄي ڪائنات جو چرکو هلائي ٿو ... سندس ڪرسي پوري عالم تي وسيع آهي ۽ ان ڪرسيءَ جو بار کيس هڪ پل لاءِ به نٿو ٿڪائي ...
تون ڇپر، تون ڇانءُ
اهو هڪ ئي ڍَڪُ آهي ۽ اهو ئي سڀ جو ڍڪيندڙ ، اهوئي آسرو ته اهو ئي ڇانوَ، ان کان بغير ڪير آهي جو انسان جي ڇوٽڪاري جي دعوا ڪري سگهي ... انجي جهولي ئي ايتري وسيع آهي جو پوري ڪائنات ان ۾ سمائجي سگهي، باقي ٻيون سڀ جهوليون ته پاڻ خالي آهن، باقي ٻين سڀن جي جهوليءَ جا پلئه ته پاڻ مٿي کنيل آهن ... ان ٻاجهاري جي هڪ نظر ڪرم لاءِ ...
ڪڄاڙو ڪهانءُ ...
هاڻ ايڏي وڏي مالڪ جي آڏو ڪهڙي ڪهڙي دعا گهرجي ... ڪهڙا ڪهڙا ڏک ظاهر ڪجن، ڪهڙين ڪهڙين مشڪلاتن جو ذڪر ڪجي ... ڪهڙا ۽ ڪيترا شڪرانا ادا ڪجن ... ڪهڙا ۽ ڪيترا ذڪر ڪجن ...
توکي معلوم سڀ ڪا ...
کائنس ڪهڙي ڳالهه لڪل آهي ... ڪهڙو ڳجهه آهي جو کيس معلوم ناهي ... ڪهڙو اندر آهي جو سندس سامهون ناهي ... ڪهڙو نظارو آهي جو سندس نظر ڪرم کان لڪيل هجي ...
اي ڌڻي سڳورا! اسان سنڌين جو حال تنهنجي سامهون آهي، اسين ته هاڻ دعا گهرڻ جهڙا به ناهيون، جو اسانجي عملن جي ڄاڻ به تون ئي رکين ٿو ... اسانجي لاءِ پنهنجي ڪرم جا دروازا کول ۽ ڪي اهڙا انسان موڪل جي اسانجي ڇوٽڪاري واري راه طرف رهنمائي ڪري سگهن، جن جي دلين ۾ سچائي ۽ ايمان جي سگهه هجي، ۽ بهادري هجي، جن وٽ کليل دل ۽ دماغ هجي ... ڇا تو ٻين قومن وٽ اهڙا انسان نه موڪليا جن پنهنجن پيٽن تي پٿر ٻڌي قوم جي جوانن جو پيٽ ڀريو، جن پنهنجي رت جي آبياريءَ سان پنهنجي قوم جي درياهن ۾ پاڻي وهايو، جن پنهنجي مال جي قربانيءَ سان پنهنجي قوم جي سک ۽ ڏک جو خيال ڪيو، ته پوءِ اي منهنجا مالڪ تون اسانجي قوم وٽ به اهڙا انسان موڪل جي پنهنجي پورين سچائن سان اسانجي ڪاميابي ۽ ڪامرانيءَ لاءِ پاڻ پتوڙي سر تريءَ تي رکي قوم جو ڳاٽ اوچو ڪن ۽ پاڻ به سرکرو ٿين... آمين
سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا تون دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.