ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
( ناري جاڳرته پروگرم حيدرآباد سنڌ )
شاه صاحب جا ته ڪافي سر ئي عورتن جي نالي پٺيان آهن، چوندا آهن ته ڪامياب مرد جي پٺيان هڪ عورت جو هٿ هوندو آهي پوء اهو هٿ گهرواري جي صورت ۾ هجي ، ڀيڻ جي صورت ۾ هجي يا ماءُ جي صورت ۾ هجي، مگر پوء به عورت معاشري ۾ هميشه پيسجندي رهندي آهي خاص ڪري اسان جي سماج ۾، ساڳي عورت ڪٿي سونهن ۽ سوڀيا جي راڻي ته ڪٿي نفرت جي نگاهه جو مرڪز، پڻ رهندي پئي اچي، ۽ ان کي ڪارو ڪاري جي ڪاري رسم هيٺ قتل ڪيو ٿو وڃي،
سنڌ ۾ عورتن لاء ڪي خاص تنظيمون ته آهن ڪو نه، مگر ان هوندي به ڪجهه اهڙيون تنظيمون آهن جيڪي عورتن لاء ڪم پيون ڪن، سنڌ سلامت جا دوستو نيٽ گردي ڪندي منهنجي نظر عورتن جي ڀلائي لاء ڪم ڪندڙ هن فورم جي هن وڊيو تي پئجي وئي ( جنهن ۾ عورتن جي ڪيل شاعري عورتن شاعرائن جي آواز ۾ پڻ پيش ڪيل آهي ) سو سوچيم ته ان وڊيو کي به پنهنجي سنڌ سلامت تي ونڊ ڪجي سو ان لاء اوهان دوستن لاء هي وڊيو حاضر آهي،