ڀاڄين جي برياني ( مهرالنساءِ سامٽيو )

'رڌ پچاء' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏17 ڊسمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڀاڄين جي برياني ( مهرالنساءِ سامٽيو ) ​

    [​IMG]

    گهربل شيون:

    چانور – هڪ ڪلو

    تيل – هڪ ڪوپ

    بصر – 3 عدد

    بيضا – 3 عدد (اُٻاريل)

    سُنڍ ٿوم پيٺل – هڪ کائڻ وارو چمچو

    ڏهي – هڪ پاءُ

    پٽاٽا (اُٻريل) – هڪ پاءُ

    گرم مصالحو (پيٺل) – هڪ کائڻ وارو چمچو

    ساڌا ڌاڻا (ڪُٽيل) – اڌ ڪوپ

    ڦودنو – اڌ ڪوپ

    ٽماٽا – 2 عدد (چوپڊ)

    ساوا مرچ – 6 عدد (ڪَٽيل)

    گل گوبي – هڪ پاءُ (ڪَٽيل)

    پتائي گجر – اڌ پاءُ (ڪَٽيل)

    مَٽر – هڪ ڪوپ (اُٻريل)
    ڪڙهائي ۾ تيل گرم ڪريو ۽ ان ۾ ڪجهه بصر فراءِ ڪريو، اهي ڪڍي ان ئي تيل ۾ گرم مصالحو، ٽماٽا، رهيل بصر ساوا ڌاڻا، ساوا مرچ وجهي ڀڃو ۽ پوءِ ٻيون ڀاڄيون وجهي 10 کان 15 منٽن تائين پچايو. آخر ۾ چانور وجهي انهن جي مٿان فراءِ ٿيل بصر وجهي ان مٿان اُٻريل بيضا سجائي دم تي رکو.بشڪريه عوامي آواز
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڀاڄين جي برياني ( مهرالنساءِ سامٽيو )

    يار ممتاز، اڄ روزي رکڻ سبب سست ٿي آهليو پيو آهيان، پاسي ۾ ليپ ٽاپ رکي مڙئي ويٺو اوهان دوستن جا ليک ڏسان، اچانڪ برياني جو ليک ڏسي هڪ ته پتني ياد اچي وئي ۽ منهن ۾ پاڻي۔ ۔ ۔ ٻيو روزي کولڻ لا ڪنهن کاڌي ٺاهڻ جي سوچ اچي وئي ۔۔۔ بس هاڻ ئي سنگت ڪٺي ڪري اها ڏسيل برياني تيار ڪرائي ٿو وٺان ۔۔۔ بلڪل ساڳي تتبعي تي چائينيز رائيس پڻ ٺهندا آهن پر انهن ۾ مسالا نه هوندا آهن ۔۔۔

    لک ٿورا ۔۔۔ هن کان اڳ به اوهان کاڌي جا سٺا ذائقيدار نسخا ونڊ ڪيا آهن ۔۔۔ اوهان به بيماري مان اٿيا هوندا ۽ ڪمزور هوندا انڪري اصل کائڻ تي زور ڏيو ۽ مون وانگي نوان بنا ٿيو ۔۔۔ جيئي برياني ۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: ڀاڄين جي برياني ( مهرالنساءِ سامٽيو )

    ادا تمام ڀلو ڪم ڪيو اٿئي،،

    مان پاڻ ڀاڄين ٺاهڻ جو شوقين آهين

    يار مان هي برياني ضرور ٺاهيندس
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڀاڄين جي برياني ( مهرالنساءِ سامٽيو )

    ادا تمام سٺو ٿيو ........
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو