محمد رمضان منڌرو
سينيئر رڪن
سرمد جي وڇوڙي تي ممتاز بجير جي لکيل وائي “ سرمد تو سوا”
نه خزائي بهارون وڻن ٿيون
هي شامون به اداس لڳن ٿيون
اي سرمد تو سوا
وڇڙي تون هن ڌرتي کان وئين
نه گلن ۾ اٻڪارون اچن ٿيون
اي سرمد تو سوا
وري هت ظلم جي دنيا جاڳي پئي
نه مظلومن کي آٿتون ملن ٿيون
اي سرمد تو سوا
موئين جو دڙو ، مڪلي جي مٽي
نه آواز ڪنهن جو ڳولهين ٿيون
اي سرمد تو سوا
ٻڌي تنهنجو ڏور سنڌو کان ڇولي ٿي
نه ڪنارن کي پياسون اجهائين ٿيون
اي سرمد تو سوا
هي مست ڄامشوري جون هوائين
هر پل اندر کي وڍ وجهن ٿيون
اي سرمد تو سوا
لک سٽ آخري”ممتاز“جي اکين ۾ ڳوڙها تري پيا
”بجير“کان لکڻ وُصيتون ڏور ٿين ٿيون
اي سرمد تو سوا
نه خزائي بهارون وڻن ٿيون
هي شامون به اداس لڳن ٿيون
اي سرمد تو سوا
وڇڙي تون هن ڌرتي کان وئين
نه گلن ۾ اٻڪارون اچن ٿيون
اي سرمد تو سوا
وري هت ظلم جي دنيا جاڳي پئي
نه مظلومن کي آٿتون ملن ٿيون
اي سرمد تو سوا
موئين جو دڙو ، مڪلي جي مٽي
نه آواز ڪنهن جو ڳولهين ٿيون
اي سرمد تو سوا
ٻڌي تنهنجو ڏور سنڌو کان ڇولي ٿي
نه ڪنارن کي پياسون اجهائين ٿيون
اي سرمد تو سوا
هي مست ڄامشوري جون هوائين
هر پل اندر کي وڍ وجهن ٿيون
اي سرمد تو سوا
لک سٽ آخري”ممتاز“جي اکين ۾ ڳوڙها تري پيا
”بجير“کان لکڻ وُصيتون ڏور ٿين ٿيون
اي سرمد تو سوا
