جواب: پاڪستان جي ڪرنسي نوٽن جي تصويري تاريخ ادا وساڻ صاحب مهرباني مگر اهي سڀ نوٽ ۽ سڪا مان پوئين سال سنڌ سلامت تي ونڊ ڪري چڪو آهيان،
جواب: پاڪستان جي ڪرنسي نوٽن جي تصويري تاريخ ادا ممتاز مهرباني ياد ڏيارڻ جي منهنجي نظر مان اهو مضمون ڪونه گذريو هو۔ ٻيو ته سنڌ سلامت تي ماشاءالله تمام گهڻو مواد اچي ويو آهي ۔ جنهنڪري رپيٽيشن به ٿئي پئي۔ اوهان جي مهرباني
جواب: پاڪستان جي ڪرنسي نوٽن جي تصويري تاريخ ادي ممتاز وارا پئسا ته اسانجي حصي ۾ ڪون آيا هئا پر ادي وساڻ جا موڪليل پئسا مليا ۔۔۔ دعا آهي ته سنڌ جي ڪرنسي ٺهي، جنهن تي لطيف سرڪار جي تصوير هجي، جنهن تي موئن جو دڙو هجي، جنهن تي سنڌو درياه جي پل هجي، جنهن تي ڪينجهر جي ڪا تصوير هجي ۔۔۔ وغيره وغيره يار وساڻ! پئسو شئي ئي اهڙي آهي جو ننڍڙي ڄاول ٻار جي هٿ ۾ به ڏبو ته اهڙو ته ڀڪوڙي جهليندو جو اصل ڇڏائڻ مشڪل ۔۔۔ دنيا ۾ انسان جون خلقيل ڪيتريون ئي عجيب شيون آهن پر منهنجي خيال ۾ پئسو سڀ کان وڌيڪ عجيب شئي آهي ۔۔۔ پنهنجن کي پرائو ڪري ۔۔۔ پراون کي پنهنجو ڪري ۔۔۔ رات کي ڏينهن ۽ ڏينهن کي رات ڪيو ڇڏي اوهانجو هي ونڊ به تاريخي آهي ۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: پاڪستان جي ڪرنسي نوٽن جي تصويري تاريخ ادا بهترين ماشاء الله ۔ پر ادا اسان کي نه ادي ممتاز جا پيسه ڦٻيا ۽ نه اوهان جا رڳو پري کان ڏسي دل خوش ڪيو سين ۔ سدائين گڏ