جواب: پاڪستان جي ڪرنسي نوٽن جي تصويري تاريخ
ادي ممتاز وارا پئسا ته اسانجي حصي ۾ ڪون آيا هئا پر ادي وساڻ جا موڪليل پئسا مليا ۔۔۔ دعا آهي ته سنڌ جي ڪرنسي ٺهي، جنهن تي لطيف سرڪار جي تصوير هجي، جنهن تي موئن جو دڙو هجي، جنهن تي سنڌو درياه جي پل هجي، جنهن تي ڪينجهر جي ڪا تصوير هجي ۔۔۔ وغيره وغيره
يار وساڻ! پئسو شئي ئي اهڙي آهي جو ننڍڙي ڄاول ٻار جي هٿ ۾ به ڏبو ته اهڙو ته ڀڪوڙي جهليندو جو اصل ڇڏائڻ مشڪل ۔۔۔
دنيا ۾ انسان جون خلقيل ڪيتريون ئي عجيب شيون آهن پر منهنجي خيال ۾ پئسو سڀ کان وڌيڪ عجيب شئي آهي ۔۔۔
پنهنجن کي پرائو ڪري ۔۔۔ پراون کي پنهنجو ڪري ۔۔۔ رات کي ڏينهن ۽ ڏينهن کي رات ڪيو ڇڏي
اوهانجو هي ونڊ به تاريخي آهي ۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔
سنڌ سلامت ساٿ سلامت