دوستن جي پسنديدگي کي نظر ۾ رکندي جديد دور جي هڪ وڌيڪ بيماري غرور بابت آگاهي ۽ علاج حاضر آهي۔۔۔۔۔ غرور علامتون: هن مرض جي شڪار مريض کي ڪنڌ ۾ سيخون لڳل هونديون آهن جنهن ڪري هو ڪنهن سان هت ملائڻ يا جهڪي ملڻ ۾ تڪليف محسوس ڪندو آهي.... سلام وٺڻ وقت صرف ڪجهه آڱريون جي سلام تي ئي گذارو ڪندو آهي ڇو ته هن جو هٿ فالج کان متاثر لڳندو آهي... مريض زمين تي هلندي ائين محسوس ڪندو آهي جهڙوڪ هن جي وزن سان پوري ڌرتي لڏندي هجي... جڏهن مريض ڪاٽن جا ڪپڙا پائيندو آهي ته ان وقت هن مرض جو حملو پنهنجي عروج تي هوندو آهي... ٻين بيمارين وانگر غرور جا به مختلف قسم ٿيندا آهن مثلن حسب نسب جو غرور، حسن خوبصورتي جو غرور، روپئي پيسي جو غرور ۽ خشڪ غرور، هي مرض جي جي سڀ کان خطرناڪ قسم آهي هن ۾ مريض پاڻ به خبر نه هوندي آهي ته آخر هن کي غرور ڪهڙي ڳالهه جو آهي...؟ علاج؛ مريض کي ٿوري ٿوري وقت کان پوءِ پنهنجي اوقات ياد ڏياريندا رهو.... هن جي ڳچي جو ڪنهن سٺي ماهر ڊاڪٽر کان علاج ڪرايو.... هفتي ۾ ٻه دفعا مريض کي قبرستان جو دورو ڪرايو.... مريض کي ڪمري ۾ وڏي سائز جو آئينو لڳرائي ڏيو جيئن هو ٿوري ٿوري وقت کان پوءِ پنهنجي شڪل ڏسندو رهي... نتيجو؛ اميد رکي سگهجي ٿي ته ڪجهه هفتن کان پوءِ مريض پنهنجي اوقات ۾ رهندي عاجزي ۽ انڪساري طرف ضرور مائل ٿيندو...
ادا رشيد تمام بهترين شيئرنگ آهي اوهان جي اهڙي پياري شيئرنگ جي تمام گهڻي مهرباني سهڻا غرور هڪ تمام وڏو مرض آهي ان کي اندارن ڪڍڻ سان ئي انسان انسان ٿيندو آهي ادا غرور الله تعالي کي بلڪل پسند نه آهي مهرباني ادا اوهان جي مزيد شيئرنگ جو انتظار رهندو
ادا رشيد صاحب غرور ۽ تڪبر انسان کي تباه ۽ برباد ڪرڻ واريون بيماريون آهن انساان رڳو پنهنجي پيدائش ۽ مرڻ تي غور فڪر ڪري ته خبر پئجي ويندس مان ڇا آهيان ۔۔۔
ادا سائين معاف ڪجو منهنجي هن پوسٽ تي تمام دير سان نظر پئي، ڀلا اهو ته ٻڌاءِ اهڙا نسخا ڪٿان سکيو آهين ۽ ٻيو وري ته اهي ٻهه مريض ڪهڙا آهن جن کي ڇوٽڪارو مليو۔ shal judy hujeen suhnan saan khil sahi sindhsalamatsaathsal
ادا عظيم يا وري هينئن کڻي چئجي ته جيئن ممتاز لاشاري ڪلام چيو آهي۔۔ ادا پاڻ کي سڃاڻ ، ڀائو پاڻ کي سڃاڻ
جي وڏي ايڊمن ادا ايڊيٽر جي سوال جو جواب ڏنو وڃي۔ اسان کي فوري انهن مريضن جا نالا ٻُڌايا وڃن ته جيئن انهن جي زندگي تي ڪا شاعري لکي سگهون يا مقالا لکي سگهون