ائين دلدار منهنجي دل کي محبت جي ضرورت آ

عرس پريو

سينيئر رڪن
ائين دلدار منهنجي دل کي محبت جي ضرورت آ،
جئين دنيا کي بي انداز دولت جي ضرورت آ

نهارين ٿو نهاريان ٿو مٺا مرڪين ته مرڪان ٿو،
وڻي ٿي ڳالهه ڏاڍي پر وضاحت جي ضرورت آ

اوهان تي سونهن جي چونڪي اسان تي عشق جو پهرو،
حقيقت کي ڀلا ڪهڙي حفا ظت جي ضرورت آ

ڍڪي ڇڏ پنهنجي جذبن کي متان استاد پڌرو ٿين،
اديبن جي اڳيان آهين فضيلت جي ضرورت آ
 
جواب: ائين دلدار منهنجي دل کي محبت جي ضرورت آ

هن دور جي دلين ۾ محبت پوکيو!
ڪلف جا ڪڍا لاھ ۽ اُلفت پوکيو۔
نفرت کي ڏئي باھ، صفائي ڪريو،
رغبت جو ڪري ريج، اخوت پوکيو۔

(استاد بخاري)
 
جواب: ائين دلدار منهنجي دل کي محبت جي ضرورت آ

واهه ادا واهه
تمام بهترين ونڊ شيئرنگ ڪرڻ تي اوهان جي مهرباني....
 
جواب: ائين دلدار منهنجي دل کي محبت جي ضرورت آ

واه ادا عرس واه۔۔۔۔
تمام بهترين۔۔۔۔
 
جواب: ائين دلدار منهنجي دل کي محبت جي ضرورت آ

ادا عرس زبردست چونڊ

استاد جي شاعري سا به وري مجازي عشق تي ڪيل هجي۔۔۔پوء ته بقول طاهر سنڌيء جي ته اصل ماڻهو ڪسجي ٿو وڃي :

اوهان تي سونهن جي چونڪي اسان تي عشق جو پهرو،
حقيقت کي ڀلا ڪهڙي حفا ظت جي ضرورت آ
 
Back
Top