ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
خيرپور ناٿن شاه ( ضلعه دادو ) ڪيئن ٻڌو

هت اسان دادو ضلعي جي تعلقي خيرپور ناٿن شاه جو ذڪر ڪنداسين، سنڌ ۾ ٻوڏ دوران سنڌ جا ٻيا ڪيترائي يو سي ته ٻڏا پر سنڌ جو هي اهو شهر ٻڏو آهي جنهن جو نالو خيرپور ناٿن شاه آهي، خيرپور ناٿن شاه جا گهر ته ٻڏا ئي ٻڏا پر خيرپور ناٿن شاه جا ۽ دڪان ۽ ڪاروباري مرڪز پڻ ٻڏا ۽ تباهه ٿئي ويا، جنهن جي ڪري هن شهر کي ڪروڙن جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو،، هي شهر اسان جي سنڌ سلامت جي سرواڻ محترم عبدالرشيد سمون صاحب جن جو به شهر آهي، ( منهنجو خيرپور ناٿن شاه تڏهن وڃڻ ٿيندو هو جڏهن مان ۽ منهنجو دوست ۽ سوٽ محترم اشفاق احمد وگهيو لاڙڪاڻو، دادو، جوهي، ڀان ، سيوهڻ ميهر ۽ خيرپور ناٿن شاه مان موٽر سائيڪلون خريد ڪري هت ڪراچي ۾ اڪبر روڊ تي وڪرو ڪري ٻه چار پيئسا ڪمائيندا هئاسين، مگر ان کي به تقريبن ڏهه ٻارنهن سال ٿيندا، ۽ مون ان وقت به ڏٺو هو ته ان وقت به هي شهر ڪاروبار جي حساب سان اروج تي هو۔ ۽ هن شهر مان ئي اسان کي ون ٽو فائي موٽر سائيڪلون وڌ ۾ وڌ ۽ سٺي ڪنديشن ۾ ملنديون هيون۔ ۽ هن شهر جا ماڻهون سٺيون گاڏيون رکڻ جا شوقين هئا۔ ) هن شهر جا مشهور پاڙا ۽ ڪالونيون هي آهن ۔۔۔شهباز ڪالوني، ڪريمداد لنڊ، گوليمار، رحمت الله ڪالوني، مير خان محلو، مدينا ڪالوني وغيره آهن۔۔۔۔ سنڌ سلامت جا دوستو اچو ته ڏسون هي شهر خيرپور ناٿن شاه ڪيئن ٻڏو ۽ ڪنهن جي ڪري ٻڏو۔ هڪ ڪي ٽي اين وڊيو رپورٽ
http://www.youtube.com/watch?v=n8MpxABtFy4