خيرپور ناٿن شاه ( ضلعه دادو ) ڪيئن ٻڌو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏20 ڊسمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    خيرپور ناٿن شاه ( ضلعه دادو ) ڪيئن ٻڌو ​

    [​IMG]
    1901ع ۾ دادو تعلقي کي ڪراچي مان ڪٽي ڪري لاڙڪاڻي ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو، ۽ پوء 1931ع ۾ انگريز سرڪار جي حڪومت ۾ دادو کي ضلعي جو درجو ڏنو ويو، ۽ دادو ضلعي کي ست تعلقن ۾ ورهايو ويو۔ دادو، جوهي ، ميهڙ، خيرپورناٿن شاه ، سيوهڻ، ڪوٽڙي، ۽ ٿاڻو بولا خان ( محال ڪوهستان ) دادو ضلعي جي اتر ۾ ضلع لاڙڪاڻو، ڏکڻ ۾ ضلع ٽٽو، اولهه ۾ کير ٿر جبلن جون قطارون ۽ اوڀر ۾ نوشهروفيروز، نواب شاه، ۽ حيدرآباد اچي وڃن ٿا، 2004ع ۾ سنڌ جي وڏي وزير ارباب غلام رحيم جي دور حڪومت ۾ دادو کي ٻن ضلعن ۾ ورهايو ويو آهي، ۽ دادوء جي ٽن تعلقن سيوهڻ، ڪوٽڙي، ۽ ٿاڻو بولاخان کي گڏي ڪري هڪ الڳ ضلعو، ڄام شورو ضلعو بنايو ويو۔
    هت اسان دادو ضلعي جي تعلقي خيرپور ناٿن شاه جو ذڪر ڪنداسين، سنڌ ۾ ٻوڏ دوران سنڌ جا ٻيا ڪيترائي يو سي ته ٻڏا پر سنڌ جو هي اهو شهر ٻڏو آهي جنهن جو نالو خيرپور ناٿن شاه آهي، خيرپور ناٿن شاه جا گهر ته ٻڏا ئي ٻڏا پر خيرپور ناٿن شاه جا ۽ دڪان ۽ ڪاروباري مرڪز پڻ ٻڏا ۽ تباهه ٿئي ويا، جنهن جي ڪري هن شهر کي ڪروڙن جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو،، هي شهر اسان جي سنڌ سلامت جي سرواڻ محترم عبدالرشيد سمون صاحب جن جو به شهر آهي، ( منهنجو خيرپور ناٿن شاه تڏهن وڃڻ ٿيندو هو جڏهن مان ۽ منهنجو دوست ۽ سوٽ محترم اشفاق احمد وگهيو لاڙڪاڻو، دادو، جوهي، ڀان ، سيوهڻ ميهر ۽ خيرپور ناٿن شاه مان موٽر سائيڪلون خريد ڪري هت ڪراچي ۾ اڪبر روڊ تي وڪرو ڪري ٻه چار پيئسا ڪمائيندا هئاسين، مگر ان کي به تقريبن ڏهه ٻارنهن سال ٿيندا، ۽ مون ان وقت به ڏٺو هو ته ان وقت به هي شهر ڪاروبار جي حساب سان اروج تي هو۔ ۽ هن شهر مان ئي اسان کي ون ٽو فائي موٽر سائيڪلون وڌ ۾ وڌ ۽ سٺي ڪنديشن ۾ ملنديون هيون۔ ۽ هن شهر جا ماڻهون سٺيون گاڏيون رکڻ جا شوقين هئا۔ ) هن شهر جا مشهور پاڙا ۽ ڪالونيون هي آهن ۔۔۔شهباز ڪالوني، ڪريمداد لنڊ، گوليمار، رحمت الله ڪالوني، مير خان محلو، مدينا ڪالوني وغيره آهن۔۔۔۔ سنڌ سلامت جا دوستو اچو ته ڏسون هي شهر خيرپور ناٿن شاه ڪيئن ٻڏو ۽ ڪنهن جي ڪري ٻڏو۔ هڪ ڪي ٽي اين وڊيو رپورٽ

    http://www.youtube.com/watch?v=n8MpxABtFy4
     
  2. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: خيرپور ناٿن شاه ( ضلعه دادو ) ڪيئن ٻڌو

    ادا بهترين ونڊ ۔مهرباني​
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: خيرپور ناٿن شاه ( ضلعه دادو ) ڪيئن ٻڌو

    جي ادا بس ....
     
  4. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: خيرپور ناٿن شاه ( ضلعه دادو ) ڪيئن ٻڌو

    ادا ڇو ٿو اسان جا سور جاڳائين

    خيرپور ناٿن شاهه منهنجو شهر آهي
    هن کان ٿورو ئي دور منهنجو ڳوٺ پريا آهي،
    جيڪو به مڪمل طور ٻڏي ويو هو۔

    ادا دنيان کي خبر آهي ته ڪيئن اسانجي ٻن ايم پي ايز، جي انا ء نا اهليء خاطر
    اسانکي هٿ سان ٻوڙيو ويو۔۔۔۔۔۔ ڪاش منهنجو وس هلي ته مان رفيق جمالي ايم پي اي
    ء طلعت مهيسر + پير مظهر جنهنجو نالو اچڻ تي منهنجي دل ۾ خراب گار ٿي اچي۔۔۔
    وس هلي ته سري عام هنن سڀني کي ڦاسي ڏياريان۔۔۔۔۔سنسار ڪري مارايان
    دنيان ۾ جيڪا بدترين سزا آهي اها ڏياريان

    اسان جي طرف ٻوڏ ڪڏهن به نه آئي آهي ان ڪري اسان سوچيو به نه هو ته ائين
    ٿيندو

    ادا بس ستل سور نه جاڳاء
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: خيرپور ناٿن شاه ( ضلعه دادو ) ڪيئن ٻڌو

    ادا ونڊ کي پسند ڪرڻ لاء مهرباني​
     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: خيرپور ناٿن شاه ( ضلعه دادو ) ڪيئن ٻڌو

    ادا عرس پريا صاحب جڏهن ڪنهن سان ظلم ٿيندو آهي ته پوء اهي ئي الفاظ نڪرندا اهن ۔۔۔۔۔۔ ( ڪاش منهنجو وس هلي ته مان رفيق جمالي ايم پي اي
    ء طلعت مهيسر + پير مظهر جنهنجو نالو اچڻ تي منهنجي دل ۾ خراب گار ٿي اچي۔۔۔
    وس هلي ته سري عام هنن سڀني کي ڦاسي ڏياريان۔۔۔۔۔سنسار ڪري مارايان۔۔۔۔ )
    سو ادا اهڙن ظالمن کان ته حساب الله جي ذات ئي وٺندي جن انسانن جي ارمانن جو خون ڪيو آهي، ۽ انهن جي ٻچن ٻارن کي پنهنجي مفاد خاطر دربدر ڪري رلايو آهي۔
     
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: خيرپور ناٿن شاه ( ضلعه دادو ) ڪيئن ٻڌو

    ادا مان به توهان جي ان افسوس سان گڏ آهيان ​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو