علي محمد راشدي مسلمانن کي سٺو انسان بنائڻ بدران غلط مسلمان بنائڻ جي ڪوشش ڪئي جي ايم سيد ان ۾ سندس مدد ڪئي،
مسلمانن جي ڇاتين ۾ ڪعبا، هندن جي ڇاتين ۾ ڪاشيون، سنڌ ته ڄڻ ڏسڻ ۾ نه ٿي آئي
هندستان ۽ دنيا کي ”اڪبر دي گريٽ“ سنڌ ڏنو،
ڪانگريس جا ليڊر رجئرامداس دولترام ۽ چؤنٿرام گرواڻي مسلمانن کي ڄٽ سمجهندا هئا
جهاز هليو ۽ مان آهستي سنڌ جي ڌرتيءَ کان پري ٿيندو ويس، خيال آيم ته ڀنگي ٿيان ۽ سنڌ جي سرزمين تي ٻهاري ڏيئي ان جي مٽيءَ سان سنان ڪريان
مسلمانن جي ڇاتين ۾ ڪعبا، هندن جي ڇاتين ۾ ڪاشيون، سنڌ ته ڄڻ ڏسڻ ۾ نه ٿي آئي
هندستان ۽ دنيا کي ”اڪبر دي گريٽ“ سنڌ ڏنو،
ڪانگريس جا ليڊر رجئرامداس دولترام ۽ چؤنٿرام گرواڻي مسلمانن کي ڄٽ سمجهندا هئا
جهاز هليو ۽ مان آهستي سنڌ جي ڌرتيءَ کان پري ٿيندو ويس، خيال آيم ته ڀنگي ٿيان ۽ سنڌ جي سرزمين تي ٻهاري ڏيئي ان جي مٽيءَ سان سنان ڪريان
مان سکر راجا رام هاءِ اسڪول ۾ ڪچي ٻاراڻي کان ٽئين درجي تائين پڙهيس. سامهون سنڌوءَ جو شاهي درياهه هو. جتي مائي راجا نالي ڪو مندر به هو. اتي هڪ پپر جو وڻ به هو، جتي پٿر سان هڪ نالو لکيو هوم: موهن. وڏو بند. هو پاڻي اٽڪل اٺ ڏهه فوٽ هيٺ. چاليهن سالن کان وڌيڪ عرصو ٿيو آهي، سکر نه ڏٺو اٿم. ڪڏهن ڏسندو آهيان: هڪ ٻار آهي. پپل جي وڻ وٽ بيٺو آهي. سنڌوءَ ڏانهن نهاري رهيو آهي. چاهيندو آهيان ڪاش! هڪ دفعو اُتي پهچي وڃان. ان وڻ هيٺان. جيڪڏهن اڃان به اُتي آهي ۽ جي نه آهي ته ڪو تصور جو وڻ کڙو ڪريان. ائين تصور ۾ گهڻا دفعا سنڌوءَ جي ڪپ تي، پپل جي هيٺان بيٺو آهيان. هاڻي به ڪيترا شخص اُتي بيهندا هوندا. ڪنهن کي خبر نه هوندي ته، ان جڳهه تي ستن سالن جي عمر جو موهن ڪلپنا به بيهندو هو.
رهندو فريئر روڊ تي ڪنهن پريس جي مٿان هوس، جنهن جو منهن پُٺئينءَ گهٽيءَ ۾ هوندو هو. پريس اڪثر بند رهندي هئي ۽ اندر ٻليون پيون گهمنديون هيون. نم جي چاڙهيءَ وٽ شايد پوڪرداس ائنڊ سنس جو شاهي ڪتاب گهر هو. ٿلهي تي ٽانگا اسٽينڊ هو. رستا پڪين سرن جا هئا، جتي ميونسپالٽيءَ جون ٽرڪون. پاڻي هاري ٿڌڪار ڪنديون هيون يا ڪڏهن اهو ڪم پخالي ڪندا هئا. مون کي اصل خبر نه هئي ته، انهيءَ شهر ۾ مون کان پنج ڏهه سال وڏا، شيخ اياز، سڳن آهوجا، هيمون ڪالاڻي ۽ رشيد ڀٽي رهندا هئا يا ان جي گهٽين مان خطرناڪ انقلابي پرچووديارٿي لنگهندو هو.
هڪ ڏينهن ڏسان ته بازار بند ٿيڻ لڳي آهي. ڪي ماڻهو دڪان لٽي رهيا آهن. منزل گاهه! منزل گاهه! چون شهر ۾ هندن مسلمانن جو فساد ٿيو آهي. تڏهن مونکي خبر نه هئي ته ماڻهو هندو به ٿيندا آهن ۽ سمجهندا آهن ته ساهه فقط هڪڙن کي، باقي ٻين کي پيارو نه هوندو آهي. دادا، منهنجو پيءُ به هڪ دوڪان تان نوان بوٽ کڻي آيو. پوءِ جڏهن ملٽري ائي ته داد اهي بوٽ هيٺ ڦٽا ڪري ڇڏيا. ملٽري ايندي هئي ته شهر ۾ راڪاس گهمي ويندو. ماءُ ٻارن کي ڇاتيءَ سان لڳائي ڊپ ۽ هراس وچان آسمان ڏانهن نهاريندي ۽ مان سوچڻ لڳندس ته هي ماڻهو پاڻ ۾ وڙهن ڇو ٿا. گهڻو پوءِ سمجهيم ته ماڻهو وڙهندا نه آهن. ويڙهايا ويندا آهن.
هڪ ڏينهن مون دادا کان پڇيو: ”دادا منزل گاهه ڇا آهي؟“
”توکي اها جڳهه ڏيکاري اٿم.“
”پر آهي ڇا؟“
”مسلمان چون ٿا ته اتي هڪ پراڻي مسجد آهي.“
”مسجد ڇا کي چئبو آهي؟“
”هندو ڀڳوان جي مندر ۾ پوڄا ڪن ۽ مسلمان مسجد ۾ خدا جي.“
ڀڳوان ۽ خدا ۾ ڪهڙو فرق آهي؟“
”ڪوبه نه!“
”مندر ۽ مسجد ۾ ڪهڙو فرق آهي؟“
”ڪوبه نه.“
”ڀلا هندن ۽ مسلمانن ۾؟“
”مٿي تي هٿ رکي پيار ڪندي چيائين، ”سچ پچ ته ڪوبه نه.“
جڏهن ڪنهن به ڳالهه ۾ ڪو فرق ناهي ته پوءِ ماڻهو وڙهن ڇو ٿا؟“
”اڻ پڙهيل آهن.“
فساد ٿيو ڄڻ طوفان لڳو. چوطرف ويراني ۽ سنسناهٽ. ڊپ ۽ هراس. ۽ هوءَ منهنجي ماءُ؟ متان منهنجن ٻچڙن کي ڪجهه ٿي پئي. جي دنيا جون مائرون ٻڌي ڪن ته دنيا ۾ ڪا جنگ نه لڳي، ڪو دنگو فساد نه ٿئي. ماءُ هڪ يونيورسٽي آهي. زبان به اها ڏئي تهذيب به پيار، موهه، ممتا، وشواس ۽ تياڳ. جمهوري ملڪن جون پارليامينٽون اهو قاعدو پاس ڪن ته ملڪ جا صدر ۽ وزيراعظم فقط عورتون ٿي سگهن ٿيون.
گهٽيءَ ۾ ملٽري پريڊ شوٽ ائٽ سائيٽ جا آرڊر.
ڪنهن درويش جي مائٽ کي ڪن خبيث هندن ماري ڇڏيو. ٻين خبيث بدلي ۾ ڀڳت ڪنور جو خون ڪيو. تيرٿ بسنت ڪنور تي زبردست ڪتاب لکيو. سال کن ٿيو ته وري پڙهيم: ڪنور نه هندو هو_ نه مسلمان هو. ۽ اڃا سنڌ جي قوم پرستن ڪنور جو ڏينهن نه ملهايو آهي.
کين رهڙڪيءَ ۾ ڪنور جي سماڌيءَ اڳيان گوڏا کوڙي پنهنجن وڏن جي گناهن جي معافي وٺڻ گهرجي. مان ان سرگس ۾ شامل ٿيو هوس. ٻيا رنا پئي. مون نه رنو. ڪجهه سمجهيم به نه ته ڪنور کي ڇو مارايو اٿائون. مون سندس کليل شڪل ڏٺي. منهن ۾ نور هئس. ماڻهن ڳايو پئي: ڪجهه هن ريت:
هئه هئه اسان جا سنت سچا ڪنور ڪسي وئين
اڄ اوچتو ئي اوچتو...
ان سرگس ۾ مسلمان به هئا. هندن ۽ مسلمانن جي شڪلين ۾ فرق صرف ڏاڙهين مڇن ۽ ڪپڙن جو هو. ساڳيا مهانڊا، خط و خال. قد بت. ڳالهائڻ جو انداز. مسلمانن جي ڇاتين ۾ ڪعبا، هندن جي ڇاتين ۾ ڪاشيون، سنڌ ته ڄڻ ڏسڻ ۾ نٿي آئي. سنڌ ته فقط لطيف جي ڪلام ۾ هئي.
مان ڪن خاص حالتن ۾ آر. ايس. ايس. ۾ ڀرتي ٿيس. ڪراچيءَ ۾ شايد 11 سالن جو هئس. 1942ع کان 1951ع تائين. پر مان هر مسلمان کان نفرت ڪري نه سگهيس: بلڪه مون هندن کان وڌيڪ مسلمانن سان محبت ڪئي، جو سنڌ ڌرتيءَ مسلمانن ۾ ڏاڍا سٺا ماڻهو، فنڪار، درويش پيدا ڪيا آهن، پر هاءِ پير علي محمد راشدي، جنهن مسلمانن کي سٺو انسان بنائڻ بدران غلط مسلمان بنائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ جي. ايم. سيد ڪافي مدد ڪيس.
سو مون هوش سنڀاليو ته مون کي ٻڌايو ويو ته مان هندو هئس.
منهنجو جنم ڇنڇر 22 نومبر 1930ع ڪوٽڙيءَ ۾ صبح جو ساڍي پنجين لڳي ٿيو. ڏاڏيءَ جو پهريون پوٽو، ناني ۽ نانيءَ جو پهريون ڏوهٽو ۽ ماءُ پيءُ جو پهريون پٽ هوس. چوندا آهن: پئسو هٿن جي مير آهي. شايد جنم جي پهرئين ڏينهن منهنجا هٿ ايترا ته چميائون، جو منهنجي هٿن ۾ اڌ صديءَ جي عمر تائين ڪا مير ڄمي نه سگهي آهي. ديڳيون چڙهيون. شرنائي وارا گهرايا ويا. ان ڏينهن هر رستو سيوهاڻي گهٽيءَ لنگهن جي پاڙي ڏانهن ٿي ويو. ڪنڊ ۾ گهاڻو. ان بعد اسان جو گهر. گهر وٽان سنڌوءَ طرف وڃجي ته رستو مڱڻهارن جي پاڙي کان وٺي سنڌوءَ ۾ سماپت ٿئي. ان جي ابتڙ رستو عيدگاهه کان ڦرندو بند ڏانهن وڃي، يعني شيدين جي پاڙي ڏانهن ۽ بند به وراڪو کائي نور محمد اسڪول جي ڀرسان وڃي ماڇين جي پاڙي ۾ ڇيڙو ڪري. چوڪنڊي جو سڌو رستو، هڪ ته ان اسڪول طرف وڃي، ٻيو مکيه بازار، مختيارڪار جي آفيس، حيدرآباد ڏانهن ويندڙ بس اسٽينڊ. ان ئي بزار مان هڪ رستو اسٽيشن ڏانهن جنهن جا ننڍا وڻ ۽ ڪنڊا اڃا به ياد اٿم.
منهنجا دادا بولچند منگهارام لالا، اصل سيوهاڻي، ريلوي ۾ ڪلارڪ هو ۽ هر پنجين ستين سال سندس بدلي ٿيندي هئي. ان ريت ڪوٽڙي بعد ڪي سال سکر، ڪي سال لاهور، ڪي سال ڪالڪا (سملا)، وري ڪي سال ڪوٽڙيءَ ۽ ڪي سال ڪراچيءَ ۾ گذارياسين. ڏاڏو لالا منگهارام وڏو دهشت وارو مڙس هو ۽ ماڻهو سندس وڏي عزت ڪندا هئا. ناناڻا حيدرآباد ۾ اولهندي ڪچي ۾ رهندا هئا. جتي کين بنگلو هو. مان ٻيو دفعو جڏهن ڪوٽڙيءَ آيس ته پنڌ ئي حيدرآباد ويندو هوس ۽ ساڳئي ڏينهن واپس ورندو هوس. منهنجو پڦڙ جيتورام ڀٽ شاهه ۾ اسٽيشن ماسٽر هو. مان شاهه لطيف جي زمين تي پيدا ٿيس، پر ياد نه اٿم ته ڪڏهن ڀٽ شاهه ويو هوس. منهنجي پيءُ جو مامو تلسيداس به سيوهاڻي گهٽيءَ ۾ رهندو هو، جنهن جون ٻه ڌيئرون رڪمڻي ۽ ليلان شهر جون خوبصورت ڇوڪريون ليکيون وينديون هيون ۽ خاص طور ٻروچ سندن گهر ٻاهران ٿڌا ساهه ڀري سڄي شهر کي ايئرڪنڊيشنڊ ڪري ڇڏيندا هئا. نانو ميٺارام بٽاڻي، ڊپٽي ڪليڪٽر هو. منهنجي ماءُ ڌمي ٻائي تعليم ڪانوينٽ ۾ ورتي ۽ مرڻ تائين ڀڳل ٽٽل انگريزي ڳالهائيندي هئي. دک ۾ اڪثر انگريزي ڪوتائون ڳائيندي هئي.
سکر جي منزل گاهه منهنجي دل تي نهايت گهرو اثر ڇڏيو آهي. پر عمر ننڍي هئم. مسئلو سمجهه ۾ نٿي آيو. اسان جا ماستر ۽ پروفيسر به سنڌي تاريخ بابت اڪثر جهڙا ڄٽ، ليکڪن وت به خالي اڻ لکيل پٽي. ڏاهر کي شيخ اياز معرفت محمد ابراهيم جويي مشهور ڪيو ته اهو سنڌي تاريخ جو پهريون سنڌي سورمو آهي، جو پنهنجي زمين ۽ ماڻهن لاءِ لڙهيو. ان کان به وڏو مانُ مرتبو دودي جو آهي. جو به سنڌ جي زمين ۽ ماڻهن لاءِ سنڌي غيرت لاءِ دهليءَ جي شهنشاهه علاؤالدين خلجيءَ سان لڙيو. اڏيري لعل کي اوتار مڃيو ٿو وڃي، مگر هن جي زندگيءَ تي گهٽ کوجنا ٿي آهي ۽ اسين سندس سيڪيولر ڪردار اڀاري نه سگهيا آهيون. ڇو ته اهو ئي مسلمانن لاءِ زندهه پير آهي، جو سکر ۾ آهي. مون گذريل اٺن ڏهن سالن کان سنڌ جي تاريخ جو چڱو اڀياس ڪيو آهي؛ ۽ سخت سياسي مت ڀيد رکندي به مان مڃان ٿو ته پير علي محمد راشدي ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ ۾ منزل گاهه تي ڪافي سند سان ۽ صحيح لکيو آهي جيڪڏهن ڪير نارائڻداس ملڪاڻيءَ جي آتم ڪٿا ”نرالي زندگي“، پڙهي، جا هن پير علي محمد راشديءَ کان اڳ لڳي آهي ته لڳندو ته منزل گاهه هڪ پراڻي مسجد ئي آهي.
سومرن ۽ سمن جي وقت کان رياستي سطح تي سنڌ ۾ مذهبي نفاق ڏسڻ ۾ نٿو اچي. ترخانن جي وقت ۾ ٿوري سختي ٿي. مگر انگريزن زور ايڪڙ ٻيڪڙ واقعن تي آندو. پر مسلمان مسلمانن سان وڙهڻ ۽ هندو هندن سان، اهڙا ڪيترا مثال تاريخ ۾ موجود آهن. يعني روايات جي لعنت، مگر سامراج وادين پنهنجي راڄ کي قائم رکڻ لاءِ سنڌين ۾ نفاق جو ٻج وڌو. سنڌ جي تاريخ ۽ هندستان جي تاريخ ۾ وڏو فرق آهي. سنڌ ۾ تصوف جو گهڻو اثر رهيو آهي.
اڪبر بادشاهه 1574ع تي بکر فتح ڪيو ۽ 1591ع ۾ ٺٽو ۽ سيوهڻ. هُو پاڻ عمرڪوٽ سنڌ ۾ 15 آڪٽوبر 1542ع ۾ راڻا ويرسال جي گهر ۾ ڄائو ۽ سنڌ محض ٻن خيالن کان فتح ڪيائين ته اتي سيڪيولر راڄ برپا ڪندو ۽ سنڌ افغان ڪاررواين کي روڪڻ لاءِ بفر اسٽيٽ ٿي ڪم ايندو.
ڏسجي ته هندوستان ۽ دنيا کي اڪبر“ دي گريٽ“ سنڌ ڏنو. سنڌ جي صوفي روايت ڏنو ۽ ان ڌرتيءَ جي صوفي مت کي شهيد ڪيو وڃي!
ڳالهه هيئن آهي ته جاچ ڪميشن ثابت ڪيو ته منزل گاهه پراڻي مسجد ئي آهي. ڪانگريس جا سنڌي ليڊر، خاص طور جئرامداس دولترام ۽ چوئٿرام گدواڻي، اڳ هندو مهاسڀا جا اڳواڻ رهي چڪا هئا. هو مسلمانن کي جاهل، ڄٽ ۽ وهٽ سمجهندا هئا. کين صبر نه هو. حڪومت ۾ سندن هلندي هئي. وڏن عهدن تي هئا. مسلمان اڪثر گهٽ پڙهيل ۽ انهن جي گهڻائي ڳوٺن ۾ رهندي هئي. بس ساڌ ٻيلي جي مهنت چيو: ٻيلي سامهون مسجد نه هجي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته جي هڪ گهر ۾ هندو آهي ته ٻئي ۾ مسلمان نه رهڻ گهرجي. سکر ۾ هندن جي گهڻائي ۽ ان طرف جا هندو لڙاڪو به هئا، جن بکر پٽ چڱيون جنگيون جوٽيون هيون. مسلمانن کي مارڻ شروع ڪيائون. ڪانگريس اڳواڻن جا هندو سنسڪار جاڳي اٿيا. معاملو علي محمد راشديءَ ۽ جناح هٿ ۾ کنيو.سنڌ جا مسلمان جي هندن جي اڳواڻن ۾ وشواس رکندا هئا هندن کان ڪٽجي ويا. سنڌ ۾ مسلم ليگ زور ورتو. هندو مسلم پاڻ کي الڳ الڳ قومون سمجهڻ لڳا. ڪنور ڀڳت ماريو ويو. ورهاڱو ٿيو. سنڌي هندن کي ملڪ بدر ٿيڻو پيو.
شڪارپور ڪالونيءَ ۾ بم ڦاٽو ۽ پرڀداس بٽاڻي مري ويو. هڪ ڏينهن صبح جو چئين لڳي فوجي اسان جي جڳهن کي ورائي ويا. ٽي چار مٿي آيا. هٿن ۾ بندوقون ۽ ٽارچون هئن.
هڪ فوجيءَ منهن ۾ ٽارچ هڻندي چيو، ”هي آر. ايس. ايس جي آفيس آهي؟“
”هيءُ گهر آهي.“
”زالون آهن.“
”اهي هندستان ويون آهن. اسين به ٻن ٽن ڏينهن ۾ وينداسين.“
”اسان کي سرچ ڪرڻي آهي.“
”ڇا جي؟“
””هٿيارن جي.“
”هٿيار ۽ هتي. مان اسڪولي شاگرد آهيان ۽ هندستان وڃي فلمي ائڪٽر ٿيڻ چاهيان ٿو.“
”دروازو کول، سڄو.“ هو اندر گهڙيا، چرن جيت ڏڪي ويو. مون کي چيائين: ٻاهر بلڊنگ کي مليٽري گهيرو ڪيو آهي. چيومانس: تنهنجي شڪل خراب آهي. چئجانءِ. مان هن جو نوڪر آهيان. مان ڪرچيون ۽ ڪارتوس بالڪنيءَ ۾ تلسين جي ڪونڊين هيٺان لڪائي رکيا هئا. جي اهي کين ملن ها ته گرفتاري ۾ ڦاسي طئه هئي. هو ته اسان جون شڪليون ڏسي لڄي ٿيا ۽ اڇاتري سرچ ڪري، معافي وٺي واپس موٽي آيا.
ڀاڀيءَ چيو: هتي رهڻ ٺيڪ نه آهي. سو رتن تلاءَ تي هڪ جڳهه مسواڙ تي ڪيائين. سنگهه جون شاخون لڳڻ بند ٿي ويون. مامن جو هڪ دوست مسلمان هو جو ڪنهن هندو ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ پاڻ کي هندو سڏائيندو هو ۽ پنهنجو نالو ڀڳوان رکيو هئائين. هن مون کي ڪراچي صدر ۾ پي ڊبليو ڊي آفيس جي جهرڪ ڊويزن ۾ هڪ ٽريسر جي نوڪري وٺي ڏني. پگهار ستر روپيا. ڏاڍي خوشي ٿي. اهو زمانو ڪجهه ٻيو هو.
6 جنوري 1948ع ۾ بهار مان آيل مهاجرن فساد ڪيا ۽ اٺ ڏهه سک ماري ڇڏيائون. ڪي ٽولا رتن تلاءُ تي ڦرون ڪرڻ آيا ۽ هڪ اسان جي گهر به آيو. هڪ جوان چاڪو کولي گهر ۾ گهڙيو. ڀاڀي کين چيو، ”ڇا اسلام توهان کي سيکاري ٿو ته زالن ۽ ٻارن تي حملو ڪريو. اوهان کي ڇا ملندو؟ منهنجي ٻچن کي هٿ نه لڳايو. ڀل مون کي ماريو.“
ان غير سنڌين جي فساد سبب هندن ۾ ٿرٿلو ۽ هراس پيدا ٿيو ۽ هڪ ڏينهن اسين به پنهنجا ٽپڙ کڻي، اٺ گاڏيءَ ۾ چڙهي ڪراچي بندر آياسين. ڪراچي عيد گاهه ٻاهران ڪافي سنڌي ڪتاب ٿي وڪاميا. ٻين ٻين آني. مون ڪافي ڪتاب خريد ڪيا. شايد اهو 16 جنوري 1948ع جو ڏينهن هو ۽ مان حياتيءَ جا سترهن سال پورا ڪري رهيو هوس. اها اٺ گاڏي پل پل مون کي منهنجي ڌرتيءَ، سنڌو ماءُ کان پري ڪندي هلي. برنس روڊ. ڪچهري روڊ. ڊي. جي. سنڌ ڪاليج گاڏي کاتو، لائيٽ هائوس،بندر روڊ ميونسپالٽي. بولٽن مارڪيٽ. جمعي دادا ڏسي ورتو ۽ سائيڪل تي اچي، هٿ ڏيئي هلڻ لڳو، چيائين: ”ڀاءُ هميشه لاءِ ٿو وڃين؟“
”نه“ مون چيو. ”مان واپس ايندس.“ هن جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو ۽ هو هليو ويو. واپس ۽ مان؟ ۽ اهو به سنڌ. سگريٽ جي دونهي ۾ اڃا به ڏسان پيو. پنهنجي ڪراچي. اها اٺ گاڏي ۽ جلاوطنيءَ جو سفر. ٻليءَ ٽب مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ ڏاڍا وڏا ٽپا ڏنا. پربت کان وڏيون ڀتيون ڪجي ڇا؟ هڪ سرد آهه، هڪ زرد ماٺ.
مان هندي هندوستان ٿي ويس، پر من ۾ خوشي نه هئي، پر هندستان هندي ۽ هندو نه هو.
سيڪيولر هو. اهو پوءِ ڄاتم. سنڌ ۾ اتر پرديش ۽ بهار جا مهاجر آيا ته هراس وچان هندو ڀڄڻ لڳا. هو مذهب جي نالي پنهنجي ڌرتي ڇڏي آيا. اسان خون خرابيءَ بدران ڪوچ ڪرڻ پسند ڪيو.
بندر تي هڪ سمنڊ ماڻهن جو به هو. اسين هڪ رات چادرون وڇائي پٽ تي سمهياسين ۽ ٻئي ڏينهن جهاز ۽ بندر جي وچ ۾ لٽڪيل ڏاڪڻ تان ڌڪا کائيندي، مٿي ڊيڪ تي چڙهي وياسين. ماڻهن ۾ ڏک هو ته هنن وطن ڇڏيو ٿي ۽ هڪ اڻ لکي خوشي به هئي ته، هو ان ملڪ ڏانهن ٿي ويا جتي هو آزاديءَ سان سلامتيءَ سان ساهه کڻي سگهيا ٿي!
جهاز هليو. ۽ مان آهستي سنڌ جي ڌرتيءَ کان پري ٿيندو ويس. سڀ ته يادم اٿم.
خوش رهو اهل وطن هم تو سفر ڪرتي هين،
درو ديوار پر حسرت ڪي نظر ڪرتي هين.
خيال آيم ته هوا جو جهوٽو بڻجي وڃان ۽ سنڌ جي رستن تي هلڻ شروع ڪريان. ڀنگي ٿيان ۽ سنڌ جي زمين تي ٻهاري ڏيئي، ان جي مٽيءَ سان سنان ڪريان. شايد چيز جو قدر وڃائڻ مهل پائبو آهي.
(موهن ڪلپنا جي آتم ڪٿا ”بک عشق ادب“ تان ورتل چونڊ ٽڪرا)
عوامي آواز سنڊي ميگزين تان ورتل