موهن ڪلپنا جون سنڌ بابت يادگيريون

'سنڌي ادب' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏20 ڊسمبر 2010۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,882
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    علي محمد راشدي مسلمانن کي سٺو انسان بنائڻ بدران غلط مسلمان بنائڻ جي ڪوشش ڪئي جي ايم سيد ان ۾ سندس مدد ڪئي،

    مسلمانن جي ڇاتين ۾ ڪعبا، هندن جي ڇاتين ۾ ڪاشيون، سنڌ ته ڄڻ ڏسڻ ۾ نه ٿي آئي

    هندستان ۽ دنيا کي ”اڪبر دي گريٽ“ سنڌ ڏنو،

    ڪانگريس جا ليڊر رجئرامداس دولترام ۽ چؤنٿرام گرواڻي مسلمانن کي ڄٽ سمجهندا هئا


    جهاز هليو ۽ مان آهستي سنڌ جي ڌرتيءَ کان پري ٿيندو ويس، خيال آيم ته ڀنگي ٿيان ۽ سنڌ جي سرزمين تي ٻهاري ڏيئي ان جي مٽيءَ سان سنان ڪريان

    مان سکر راجا رام هاءِ اسڪول ۾ ڪچي ٻاراڻي کان ٽئين درجي تائين پڙهيس. سامهون سنڌوءَ جو شاهي درياهه هو. جتي مائي راجا نالي ڪو مندر به هو. اتي هڪ پپر جو وڻ به هو، جتي پٿر سان هڪ نالو لکيو هوم: موهن. وڏو بند. هو پاڻي اٽڪل اٺ ڏهه فوٽ هيٺ. چاليهن سالن کان وڌيڪ عرصو ٿيو آهي، سکر نه ڏٺو اٿم. ڪڏهن ڏسندو آهيان: هڪ ٻار آهي. پپل جي وڻ وٽ بيٺو آهي. سنڌوءَ ڏانهن نهاري رهيو آهي. چاهيندو آهيان ڪاش! هڪ دفعو اُتي پهچي وڃان. ان وڻ هيٺان. جيڪڏهن اڃان به اُتي آهي ۽ جي نه آهي ته ڪو تصور جو وڻ کڙو ڪريان. ائين تصور ۾ گهڻا دفعا سنڌوءَ جي ڪپ تي، پپل جي هيٺان بيٺو آهيان. هاڻي به ڪيترا شخص اُتي بيهندا هوندا. ڪنهن کي خبر نه هوندي ته، ان جڳهه تي ستن سالن جي عمر جو موهن ڪلپنا به بيهندو هو.

    رهندو فريئر روڊ تي ڪنهن پريس جي مٿان هوس، جنهن جو منهن پُٺئينءَ گهٽيءَ ۾ هوندو هو. پريس اڪثر بند رهندي هئي ۽ اندر ٻليون پيون گهمنديون هيون. نم جي چاڙهيءَ وٽ شايد پوڪرداس ائنڊ سنس جو شاهي ڪتاب گهر هو. ٿلهي تي ٽانگا اسٽينڊ هو. رستا پڪين سرن جا هئا، جتي ميونسپالٽيءَ جون ٽرڪون. پاڻي هاري ٿڌڪار ڪنديون هيون يا ڪڏهن اهو ڪم پخالي ڪندا هئا. مون کي اصل خبر نه هئي ته، انهيءَ شهر ۾ مون کان پنج ڏهه سال وڏا، شيخ اياز، سڳن آهوجا، هيمون ڪالاڻي ۽ رشيد ڀٽي رهندا هئا يا ان جي گهٽين مان خطرناڪ انقلابي پرچووديارٿي لنگهندو هو.

    هڪ ڏينهن ڏسان ته بازار بند ٿيڻ لڳي آهي. ڪي ماڻهو دڪان لٽي رهيا آهن. منزل گاهه! منزل گاهه! چون شهر ۾ هندن مسلمانن جو فساد ٿيو آهي. تڏهن مونکي خبر نه هئي ته ماڻهو هندو به ٿيندا آهن ۽ سمجهندا آهن ته ساهه فقط هڪڙن کي، باقي ٻين کي پيارو نه هوندو آهي. دادا، منهنجو پيءُ به هڪ دوڪان تان نوان بوٽ کڻي آيو. پوءِ جڏهن ملٽري ائي ته داد اهي بوٽ هيٺ ڦٽا ڪري ڇڏيا. ملٽري ايندي هئي ته شهر ۾ راڪاس گهمي ويندو. ماءُ ٻارن کي ڇاتيءَ سان لڳائي ڊپ ۽ هراس وچان آسمان ڏانهن نهاريندي ۽ مان سوچڻ لڳندس ته هي ماڻهو پاڻ ۾ وڙهن ڇو ٿا. گهڻو پوءِ سمجهيم ته ماڻهو وڙهندا نه آهن. ويڙهايا ويندا آهن.

    هڪ ڏينهن مون دادا کان پڇيو: ”دادا منزل گاهه ڇا آهي؟“
    ”توکي اها جڳهه ڏيکاري اٿم.“
    ”پر آهي ڇا؟“
    ”مسلمان چون ٿا ته اتي هڪ پراڻي مسجد آهي.“
    ”مسجد ڇا کي چئبو آهي؟“
    ”هندو ڀڳوان جي مندر ۾ پوڄا ڪن ۽ مسلمان مسجد ۾ خدا جي.“
    ڀڳوان ۽ خدا ۾ ڪهڙو فرق آهي؟“
    ”ڪوبه نه!“
    ”مندر ۽ مسجد ۾ ڪهڙو فرق آهي؟“
    ”ڪوبه نه.“
    ”ڀلا هندن ۽ مسلمانن ۾؟“
    ”مٿي تي هٿ رکي پيار ڪندي چيائين، ”سچ پچ ته ڪوبه نه.“
    جڏهن ڪنهن به ڳالهه ۾ ڪو فرق ناهي ته پوءِ ماڻهو وڙهن ڇو ٿا؟“
    ”اڻ پڙهيل آهن.“

    فساد ٿيو ڄڻ طوفان لڳو. چوطرف ويراني ۽ سنسناهٽ. ڊپ ۽ هراس. ۽ هوءَ منهنجي ماءُ؟ متان منهنجن ٻچڙن کي ڪجهه ٿي پئي. جي دنيا جون مائرون ٻڌي ڪن ته دنيا ۾ ڪا جنگ نه لڳي، ڪو دنگو فساد نه ٿئي. ماءُ هڪ يونيورسٽي آهي. زبان به اها ڏئي تهذيب به پيار، موهه، ممتا، وشواس ۽ تياڳ. جمهوري ملڪن جون پارليامينٽون اهو قاعدو پاس ڪن ته ملڪ جا صدر ۽ وزيراعظم فقط عورتون ٿي سگهن ٿيون.

    گهٽيءَ ۾ ملٽري پريڊ شوٽ ائٽ سائيٽ جا آرڊر.

    ڪنهن درويش جي مائٽ کي ڪن خبيث هندن ماري ڇڏيو. ٻين خبيث بدلي ۾ ڀڳت ڪنور جو خون ڪيو. تيرٿ بسنت ڪنور تي زبردست ڪتاب لکيو. سال کن ٿيو ته وري پڙهيم: ڪنور نه هندو هو_ نه مسلمان هو. ۽ اڃا سنڌ جي قوم پرستن ڪنور جو ڏينهن نه ملهايو آهي.

    کين رهڙڪيءَ ۾ ڪنور جي سماڌيءَ اڳيان گوڏا کوڙي پنهنجن وڏن جي گناهن جي معافي وٺڻ گهرجي. مان ان سرگس ۾ شامل ٿيو هوس. ٻيا رنا پئي. مون نه رنو. ڪجهه سمجهيم به نه ته ڪنور کي ڇو مارايو اٿائون. مون سندس کليل شڪل ڏٺي. منهن ۾ نور هئس. ماڻهن ڳايو پئي: ڪجهه هن ريت:

    هئه هئه اسان جا سنت سچا ڪنور ڪسي وئين
    اڄ اوچتو ئي اوچتو...

    ان سرگس ۾ مسلمان به هئا. هندن ۽ مسلمانن جي شڪلين ۾ فرق صرف ڏاڙهين مڇن ۽ ڪپڙن جو هو. ساڳيا مهانڊا، خط و خال. قد بت. ڳالهائڻ جو انداز. مسلمانن جي ڇاتين ۾ ڪعبا، هندن جي ڇاتين ۾ ڪاشيون، سنڌ ته ڄڻ ڏسڻ ۾ نٿي آئي. سنڌ ته فقط لطيف جي ڪلام ۾ هئي.

    مان ڪن خاص حالتن ۾ آر. ايس. ايس. ۾ ڀرتي ٿيس. ڪراچيءَ ۾ شايد 11 سالن جو هئس. 1942ع کان 1951ع تائين. پر مان هر مسلمان کان نفرت ڪري نه سگهيس: بلڪه مون هندن کان وڌيڪ مسلمانن سان محبت ڪئي، جو سنڌ ڌرتيءَ مسلمانن ۾ ڏاڍا سٺا ماڻهو، فنڪار، درويش پيدا ڪيا آهن، پر هاءِ پير علي محمد راشدي، جنهن مسلمانن کي سٺو انسان بنائڻ بدران غلط مسلمان بنائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ جي. ايم. سيد ڪافي مدد ڪيس.
    سو مون هوش سنڀاليو ته مون کي ٻڌايو ويو ته مان هندو هئس.

    منهنجو جنم ڇنڇر 22 نومبر 1930ع ڪوٽڙيءَ ۾ صبح جو ساڍي پنجين لڳي ٿيو. ڏاڏيءَ جو پهريون پوٽو، ناني ۽ نانيءَ جو پهريون ڏوهٽو ۽ ماءُ پيءُ جو پهريون پٽ هوس. چوندا آهن: پئسو هٿن جي مير آهي. شايد جنم جي پهرئين ڏينهن منهنجا هٿ ايترا ته چميائون، جو منهنجي هٿن ۾ اڌ صديءَ جي عمر تائين ڪا مير ڄمي نه سگهي آهي. ديڳيون چڙهيون. شرنائي وارا گهرايا ويا. ان ڏينهن هر رستو سيوهاڻي گهٽيءَ لنگهن جي پاڙي ڏانهن ٿي ويو. ڪنڊ ۾ گهاڻو. ان بعد اسان جو گهر. گهر وٽان سنڌوءَ طرف وڃجي ته رستو مڱڻهارن جي پاڙي کان وٺي سنڌوءَ ۾ سماپت ٿئي. ان جي ابتڙ رستو عيدگاهه کان ڦرندو بند ڏانهن وڃي، يعني شيدين جي پاڙي ڏانهن ۽ بند به وراڪو کائي نور محمد اسڪول جي ڀرسان وڃي ماڇين جي پاڙي ۾ ڇيڙو ڪري. چوڪنڊي جو سڌو رستو، هڪ ته ان اسڪول طرف وڃي، ٻيو مکيه بازار، مختيارڪار جي آفيس، حيدرآباد ڏانهن ويندڙ بس اسٽينڊ. ان ئي بزار مان هڪ رستو اسٽيشن ڏانهن جنهن جا ننڍا وڻ ۽ ڪنڊا اڃا به ياد اٿم.

    منهنجا دادا بولچند منگهارام لالا، اصل سيوهاڻي، ريلوي ۾ ڪلارڪ هو ۽ هر پنجين ستين سال سندس بدلي ٿيندي هئي. ان ريت ڪوٽڙي بعد ڪي سال سکر، ڪي سال لاهور، ڪي سال ڪالڪا (سملا)، وري ڪي سال ڪوٽڙيءَ ۽ ڪي سال ڪراچيءَ ۾ گذارياسين. ڏاڏو لالا منگهارام وڏو دهشت وارو مڙس هو ۽ ماڻهو سندس وڏي عزت ڪندا هئا. ناناڻا حيدرآباد ۾ اولهندي ڪچي ۾ رهندا هئا. جتي کين بنگلو هو. مان ٻيو دفعو جڏهن ڪوٽڙيءَ آيس ته پنڌ ئي حيدرآباد ويندو هوس ۽ ساڳئي ڏينهن واپس ورندو هوس. منهنجو پڦڙ جيتورام ڀٽ شاهه ۾ اسٽيشن ماسٽر هو. مان شاهه لطيف جي زمين تي پيدا ٿيس، پر ياد نه اٿم ته ڪڏهن ڀٽ شاهه ويو هوس. منهنجي پيءُ جو مامو تلسيداس به سيوهاڻي گهٽيءَ ۾ رهندو هو، جنهن جون ٻه ڌيئرون رڪمڻي ۽ ليلان شهر جون خوبصورت ڇوڪريون ليکيون وينديون هيون ۽ خاص طور ٻروچ سندن گهر ٻاهران ٿڌا ساهه ڀري سڄي شهر کي ايئرڪنڊيشنڊ ڪري ڇڏيندا هئا. نانو ميٺارام بٽاڻي، ڊپٽي ڪليڪٽر هو. منهنجي ماءُ ڌمي ٻائي تعليم ڪانوينٽ ۾ ورتي ۽ مرڻ تائين ڀڳل ٽٽل انگريزي ڳالهائيندي هئي. دک ۾ اڪثر انگريزي ڪوتائون ڳائيندي هئي.

    سکر جي منزل گاهه منهنجي دل تي نهايت گهرو اثر ڇڏيو آهي. پر عمر ننڍي هئم. مسئلو سمجهه ۾ نٿي آيو. اسان جا ماستر ۽ پروفيسر به سنڌي تاريخ بابت اڪثر جهڙا ڄٽ، ليکڪن وت به خالي اڻ لکيل پٽي. ڏاهر کي شيخ اياز معرفت محمد ابراهيم جويي مشهور ڪيو ته اهو سنڌي تاريخ جو پهريون سنڌي سورمو آهي، جو پنهنجي زمين ۽ ماڻهن لاءِ لڙهيو. ان کان به وڏو مانُ مرتبو دودي جو آهي. جو به سنڌ جي زمين ۽ ماڻهن لاءِ سنڌي غيرت لاءِ دهليءَ جي شهنشاهه علاؤالدين خلجيءَ سان لڙيو. اڏيري لعل کي اوتار مڃيو ٿو وڃي، مگر هن جي زندگيءَ تي گهٽ کوجنا ٿي آهي ۽ اسين سندس سيڪيولر ڪردار اڀاري نه سگهيا آهيون. ڇو ته اهو ئي مسلمانن لاءِ زندهه پير آهي، جو سکر ۾ آهي. مون گذريل اٺن ڏهن سالن کان سنڌ جي تاريخ جو چڱو اڀياس ڪيو آهي؛ ۽ سخت سياسي مت ڀيد رکندي به مان مڃان ٿو ته پير علي محمد راشدي ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ ۾ منزل گاهه تي ڪافي سند سان ۽ صحيح لکيو آهي جيڪڏهن ڪير نارائڻداس ملڪاڻيءَ جي آتم ڪٿا ”نرالي زندگي“، پڙهي، جا هن پير علي محمد راشديءَ کان اڳ لڳي آهي ته لڳندو ته منزل گاهه هڪ پراڻي مسجد ئي آهي.

    سومرن ۽ سمن جي وقت کان رياستي سطح تي سنڌ ۾ مذهبي نفاق ڏسڻ ۾ نٿو اچي. ترخانن جي وقت ۾ ٿوري سختي ٿي. مگر انگريزن زور ايڪڙ ٻيڪڙ واقعن تي آندو. پر مسلمان مسلمانن سان وڙهڻ ۽ هندو هندن سان، اهڙا ڪيترا مثال تاريخ ۾ موجود آهن. يعني روايات جي لعنت، مگر سامراج وادين پنهنجي راڄ کي قائم رکڻ لاءِ سنڌين ۾ نفاق جو ٻج وڌو. سنڌ جي تاريخ ۽ هندستان جي تاريخ ۾ وڏو فرق آهي. سنڌ ۾ تصوف جو گهڻو اثر رهيو آهي.

    اڪبر بادشاهه 1574ع تي بکر فتح ڪيو ۽ 1591ع ۾ ٺٽو ۽ سيوهڻ. هُو پاڻ عمرڪوٽ سنڌ ۾ 15 آڪٽوبر 1542ع ۾ راڻا ويرسال جي گهر ۾ ڄائو ۽ سنڌ محض ٻن خيالن کان فتح ڪيائين ته اتي سيڪيولر راڄ برپا ڪندو ۽ سنڌ افغان ڪاررواين کي روڪڻ لاءِ بفر اسٽيٽ ٿي ڪم ايندو.

    ڏسجي ته هندوستان ۽ دنيا کي اڪبر“ دي گريٽ“ سنڌ ڏنو. سنڌ جي صوفي روايت ڏنو ۽ ان ڌرتيءَ جي صوفي مت کي شهيد ڪيو وڃي!

    ڳالهه هيئن آهي ته جاچ ڪميشن ثابت ڪيو ته منزل گاهه پراڻي مسجد ئي آهي. ڪانگريس جا سنڌي ليڊر، خاص طور جئرامداس دولترام ۽ چوئٿرام گدواڻي، اڳ هندو مهاسڀا جا اڳواڻ رهي چڪا هئا. هو مسلمانن کي جاهل، ڄٽ ۽ وهٽ سمجهندا هئا. کين صبر نه هو. حڪومت ۾ سندن هلندي هئي. وڏن عهدن تي هئا. مسلمان اڪثر گهٽ پڙهيل ۽ انهن جي گهڻائي ڳوٺن ۾ رهندي هئي. بس ساڌ ٻيلي جي مهنت چيو: ٻيلي سامهون مسجد نه هجي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته جي هڪ گهر ۾ هندو آهي ته ٻئي ۾ مسلمان نه رهڻ گهرجي. سکر ۾ هندن جي گهڻائي ۽ ان طرف جا هندو لڙاڪو به هئا، جن بکر پٽ چڱيون جنگيون جوٽيون هيون. مسلمانن کي مارڻ شروع ڪيائون. ڪانگريس اڳواڻن جا هندو سنسڪار جاڳي اٿيا. معاملو علي محمد راشديءَ ۽ جناح هٿ ۾ کنيو.سنڌ جا مسلمان جي هندن جي اڳواڻن ۾ وشواس رکندا هئا هندن کان ڪٽجي ويا. سنڌ ۾ مسلم ليگ زور ورتو. هندو مسلم پاڻ کي الڳ الڳ قومون سمجهڻ لڳا. ڪنور ڀڳت ماريو ويو. ورهاڱو ٿيو. سنڌي هندن کي ملڪ بدر ٿيڻو پيو.

    شڪارپور ڪالونيءَ ۾ بم ڦاٽو ۽ پرڀداس بٽاڻي مري ويو. هڪ ڏينهن صبح جو چئين لڳي فوجي اسان جي جڳهن کي ورائي ويا. ٽي چار مٿي آيا. هٿن ۾ بندوقون ۽ ٽارچون هئن.

    هڪ فوجيءَ منهن ۾ ٽارچ هڻندي چيو، ”هي آر. ايس. ايس جي آفيس آهي؟“
    ”هيءُ گهر آهي.“
    ”زالون آهن.“
    ”اهي هندستان ويون آهن. اسين به ٻن ٽن ڏينهن ۾ وينداسين.“
    ”اسان کي سرچ ڪرڻي آهي.“
    ”ڇا جي؟“
    ””هٿيارن جي.“
    ”هٿيار ۽ هتي. مان اسڪولي شاگرد آهيان ۽ هندستان وڃي فلمي ائڪٽر ٿيڻ چاهيان ٿو.“
    ”دروازو کول، سڄو.“ هو اندر گهڙيا، چرن جيت ڏڪي ويو. مون کي چيائين: ٻاهر بلڊنگ کي مليٽري گهيرو ڪيو آهي. چيومانس: تنهنجي شڪل خراب آهي. چئجانءِ. مان هن جو نوڪر آهيان. مان ڪرچيون ۽ ڪارتوس بالڪنيءَ ۾ تلسين جي ڪونڊين هيٺان لڪائي رکيا هئا. جي اهي کين ملن ها ته گرفتاري ۾ ڦاسي طئه هئي. هو ته اسان جون شڪليون ڏسي لڄي ٿيا ۽ اڇاتري سرچ ڪري، معافي وٺي واپس موٽي آيا.

    ڀاڀيءَ چيو: هتي رهڻ ٺيڪ نه آهي. سو رتن تلاءَ تي هڪ جڳهه مسواڙ تي ڪيائين. سنگهه جون شاخون لڳڻ بند ٿي ويون. مامن جو هڪ دوست مسلمان هو جو ڪنهن هندو ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ پاڻ کي هندو سڏائيندو هو ۽ پنهنجو نالو ڀڳوان رکيو هئائين. هن مون کي ڪراچي صدر ۾ پي ڊبليو ڊي آفيس جي جهرڪ ڊويزن ۾ هڪ ٽريسر جي نوڪري وٺي ڏني. پگهار ستر روپيا. ڏاڍي خوشي ٿي. اهو زمانو ڪجهه ٻيو هو.

    6 جنوري 1948ع ۾ بهار مان آيل مهاجرن فساد ڪيا ۽ اٺ ڏهه سک ماري ڇڏيائون. ڪي ٽولا رتن تلاءُ تي ڦرون ڪرڻ آيا ۽ هڪ اسان جي گهر به آيو. هڪ جوان چاڪو کولي گهر ۾ گهڙيو. ڀاڀي کين چيو، ”ڇا اسلام توهان کي سيکاري ٿو ته زالن ۽ ٻارن تي حملو ڪريو. اوهان کي ڇا ملندو؟ منهنجي ٻچن کي هٿ نه لڳايو. ڀل مون کي ماريو.“

    ان غير سنڌين جي فساد سبب هندن ۾ ٿرٿلو ۽ هراس پيدا ٿيو ۽ هڪ ڏينهن اسين به پنهنجا ٽپڙ کڻي، اٺ گاڏيءَ ۾ چڙهي ڪراچي بندر آياسين. ڪراچي عيد گاهه ٻاهران ڪافي سنڌي ڪتاب ٿي وڪاميا. ٻين ٻين آني. مون ڪافي ڪتاب خريد ڪيا. شايد اهو 16 جنوري 1948ع جو ڏينهن هو ۽ مان حياتيءَ جا سترهن سال پورا ڪري رهيو هوس. اها اٺ گاڏي پل پل مون کي منهنجي ڌرتيءَ، سنڌو ماءُ کان پري ڪندي هلي. برنس روڊ. ڪچهري روڊ. ڊي. جي. سنڌ ڪاليج گاڏي کاتو، لائيٽ هائوس،بندر روڊ ميونسپالٽي. بولٽن مارڪيٽ. جمعي دادا ڏسي ورتو ۽ سائيڪل تي اچي، هٿ ڏيئي هلڻ لڳو، چيائين: ”ڀاءُ هميشه لاءِ ٿو وڃين؟“

    ”نه“ مون چيو. ”مان واپس ايندس.“ هن جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو ۽ هو هليو ويو. واپس ۽ مان؟ ۽ اهو به سنڌ. سگريٽ جي دونهي ۾ اڃا به ڏسان پيو. پنهنجي ڪراچي. اها اٺ گاڏي ۽ جلاوطنيءَ جو سفر. ٻليءَ ٽب مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ ڏاڍا وڏا ٽپا ڏنا. پربت کان وڏيون ڀتيون ڪجي ڇا؟ هڪ سرد آهه، هڪ زرد ماٺ.

    مان هندي هندوستان ٿي ويس، پر من ۾ خوشي نه هئي، پر هندستان هندي ۽ هندو نه هو.

    سيڪيولر هو. اهو پوءِ ڄاتم. سنڌ ۾ اتر پرديش ۽ بهار جا مهاجر آيا ته هراس وچان هندو ڀڄڻ لڳا. هو مذهب جي نالي پنهنجي ڌرتي ڇڏي آيا. اسان خون خرابيءَ بدران ڪوچ ڪرڻ پسند ڪيو.

    بندر تي هڪ سمنڊ ماڻهن جو به هو. اسين هڪ رات چادرون وڇائي پٽ تي سمهياسين ۽ ٻئي ڏينهن جهاز ۽ بندر جي وچ ۾ لٽڪيل ڏاڪڻ تان ڌڪا کائيندي، مٿي ڊيڪ تي چڙهي وياسين. ماڻهن ۾ ڏک هو ته هنن وطن ڇڏيو ٿي ۽ هڪ اڻ لکي خوشي به هئي ته، هو ان ملڪ ڏانهن ٿي ويا جتي هو آزاديءَ سان سلامتيءَ سان ساهه کڻي سگهيا ٿي!

    جهاز هليو. ۽ مان آهستي سنڌ جي ڌرتيءَ کان پري ٿيندو ويس. سڀ ته يادم اٿم.

    خوش رهو اهل وطن هم تو سفر ڪرتي هين،
    درو ديوار پر حسرت ڪي نظر ڪرتي هين.


    خيال آيم ته هوا جو جهوٽو بڻجي وڃان ۽ سنڌ جي رستن تي هلڻ شروع ڪريان. ڀنگي ٿيان ۽ سنڌ جي زمين تي ٻهاري ڏيئي، ان جي مٽيءَ سان سنان ڪريان. شايد چيز جو قدر وڃائڻ مهل پائبو آهي.

    (موهن ڪلپنا جي آتم ڪٿا ”بک عشق ادب“ تان ورتل چونڊ ٽڪرا)

    عوامي آواز سنڊي ميگزين تان ورتل
     
  2. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: علي محمد راشدي مسلمانن کي سٺو انسان بنائڻ بدران غلط مسلمان بنائڻ جي ڪوشش ڪئي

    ادا جيڪر سائين علي محمد راشدي جي سوانح تي مبني ڪا ٿريڊ ڏيو ها ته بهتر هيو۔ باقي يار هن ليک سان ڪا تسلي نه ٿي منهجي ۔ جيڪر اوهان وٽ ڪا سائين علي محمد راشدي صاحب جن جي بطور ليکڪ جي ڪا معلومات هجي ته ونڊ ڪندا ۔۔۔۔۔۔۔ سائين جو ڪتاب اهي ڏنيهن اهي شنيهن ۾ سائين جو انداز بيان مون جيڪو محسوس ڪيو سو هن جي ڇا ڳاله ڪجي۔۔۔۔باقي سائين جي سوانح مڪمل مهنجي نظر مان نه گزري آهي تنهن ڪري هن باري ڪا حتمي فيصلو نٿو ڪري سگهان۔۔۔مهرباني​
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    340
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: علي محمد راشدي مسلمانن کي سٺو انسان بنائڻ بدران غلط مسلمان بنائڻ جي ڪوشش ڪئي

    ادا مهرباني .
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,882
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: علي محمد راشدي مسلمانن کي سٺو انسان بنائڻ بدران غلط مسلمان بنائڻ جي ڪوشش ڪئي

    هي نظريو يا سوچ منهنجي ناهي پر موهن ڪلپنا جي آهي۔ جيڪا مون هتي ونڊ ڪئي آهي، ظاهري آهي ان تي ٽيڪا ٽپڻي ٿيڻ کپي ته هي بيان صحيح آهي يا نه۔ هتي ونڊ ڪرڻ جو مقصد دوستن جي راء معلوم ڪرڻ ۽ بحث ڪرڻ آهي۔ ڏسون ته دوست پنهنجو ڪهڙو ٿا رايو ڏين۔

    علي محمد راشدي صاحب جو انداز بيان زبردست قسم جو آهي۔ مان پاڻ به سندس ڪتاب اهي ڏينهن اهي شينهن پڙهيو آهي۔ کيس ڳاله مڃائڻ جو هڪ ڍنگ هوندو هو ۔

    اسان جي سنڌ سلامت جي دوست ادا ممتاز وگهيو سائين علي محمد راشديء جي شخصيت تي هڪ ونڊ موڪليو هو ، ان کي پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪيو۔

    ان کانسواء اسان جي ميمبر نرمل به هڪ ليک سنڌي ادب جي تاريخ ۽ تحقيق جا املھ هيرا جي نالي سان هڪ ليک ونڊ ڪيو هو ، جنهن ۾ به سائين علي محمد راشديء جو ذڪر ٿيل آهي۔
     
  5. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: علي محمد راشدي مسلمانن کي سٺو انسان بنائڻ بدران غلط مسلمان بنائڻ جي ڪوشش ڪئي

    ادا وضاحت ڪرڻ جي مهرباني ۔پر جيڪر ممتاز ادي وانگر ليک باري پنهجي وضاحت ڪري ڇڏيو ها ته اها غلط فهمي نه ٿئي ها۔ باقي اوهان جيڪي لنڪ ڏنيون آهن سا علي محمد راشدي نه پر هن جي ڀاء سائين حسام الدين راشدي جي باري ۾ لنڪ شئير ڪري ڇڏي آهي۔ خير اهو به ڏاڍو ڀلو ٿيو جي هن بهاني سائين حسام الدين بابت جانڪاري ملي ۔ آخر ۾ وري به مهرباني اوهان جي۔۔۔۔۔​
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,882
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: علي محمد راشدي مسلمانن کي سٺو انسان بنائڻ بدران غلط مسلمان بنائڻ جي ڪوشش ڪئي


    ادا ياد ڪرائڻ جي مهرباني

    انشاء الله جد اوهان سان پير علي محمد راشديء جو پروفائل ونڊ ڪبو۔ ادا ليک جي آخر ۾ ليکڪ جو ذڪر آهي جنهن جو اقتباس هي ڏسو :

     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,876
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: علي محمد راشدي مسلمانن کي سٺو انسان بنائڻ بدران غلط مسلمان بنائڻ جي ڪوشش ڪئي

    [justify]دوست سليمان وساڻ، جي اجازت ڏيو ته آءُ ڪجهه چوان؛

    پهرين ڳالهه ته هن ليک جو عنوان هجي ها ” موهن ڪلپنا جون يادگيريون“، ڇاڪاڻ ته هن پوري ليک ۾ سائين علي محمد راشديءَ جو ذڪر ڪو هڪ يا ٻه دفعا آيل آهي، باقي سڀ موهن ڪلپنا جي يادن ۾ سنڌ ۽ سنڌ مان هندن جي لڏپلاڻ وارا ڏينهن ۽ سکر ۾ ٿيل منزل گاهه جي واقعي جا اشارا آهن ۔۔۔ انڪري ئي چوهاڻ صاحب اڃارو رهجي ويو ۔۔۔

    ٻي ڳالهه ته موهن ڪلپنا ڳالهه سهي ڪئي آهي ۔۔۔ ڇاڪاڻ ته محترم سائين جي ايم سيد چوندو هو ته رب العالمين ممڪن سندس سڀ ڏوهه معاف ڪري پر مسلم ليگ سان ساٿ ڏئي، سکر ۾ منزل گاهه واري هنڌ هندن جي قتلام ۾ مدد ڏيڻ ۽ پاڪستان جي ٺهڻ ۾ حصو وٺڻ ڪڏهن معاف نه ڪندو ۔۔۔

    علي محمد راشدي سميت ٻين ڪجهه سنڌي مسلمان اڳواڻن مسلم ليگ جو ساٿ ڏنو ۽ پر امن مسلمانن کي هندن جي خلاف ڪري انهن جو قتلام ڪرايو ۔۔۔ هي جملو ان سلسلي جي ڪڙي آهي ۔۔۔ جڏهن ته ڪجهه ٻين سنڌي مسلمانن ۽ سنڌي هندو ڏاهن مسلم ليگ سان ساٿ ڏيڻ کان منع ڪيو هو، جنهن ۾ پير پاڳارو صبغت الله شاه جن اهم هئا ، جن انگريزن سان لڙائي پاڪستان نه پر سنڌ ۽ هند جي لاءِ ٿي ڪئي ۔۔۔ محترم جي ايم سيد هڪ مشهو واقعو ٻڌائيندو هو ته هو جڏهن پير پاڳاري کي مسلم ليگ جي طرفان کيس دعوت ڏيڻ ويو هو ته پير صاحب کيس منع ڪيو هو ۽ چيو هو ته هو به مسلم ليگ جو ساٿ ڏئي پاڪستان ٺاهڻ جو ڪارڻ نه ٿئي، ڇاڪاڻ ته مستقبل ۾ پاڪستان جو ناڪاره انگريز غلام نظام کيس ئي ڏک پهچائيندو ۽ سنڌ کي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پوندا ۔۔۔ پر جي ايم سيد سميت ٻين مسلماني جذبو رکندڙ اڳواڻن ڪن بند ڪري پاڪستان ٺاهڻ ۾ مدد ڪئي ۽ اسين هن موجوده مصيبت ۾ ڦاٿاسون ۔۔۔

    ٽين ڳالهه ته؛ سنڌ کان ڌار ٿي يا مادر وطن کان ڌار ٿي ماڻهون ڪهڙي ته سڪائتي زندگي گذاريندو آهي، انجو احساس يا ته اسانجا سنڌي واڻيان ڪري سگهنٿا يا وري اهڙو ماڻهون جيڪو پنهنجو پاڻ تارڪ وطن ٿيو هجي يا وري مون جيئان رزق ڪمائڻ جي سلسلي ۾ پرديس جا ڏينهن ۽ راتيون گذاريندو هجي ۔۔۔

    آءُ جڏهن به سنڌي ڄاون جون آتم ڪٿائون پڙهندو آهيان جيڪي پاڪستان سبب سنڌ ڇڏي ويا ته اکين مان نير وهڻ شروع ٿيندا آهن ۔۔۔ هڪ ته سنڌ ڄاوا دربدر ٿيا ٻيو ته ان جي بدلي ۾ قاتل، دهشتگرد ۽ بد اخلاق ۽ بي وفا انسان سنڌ ۾ آيا ۽ سنڌين کي اڄ ڏکيا ڏينهن ڏيکاري رهيا آهن ۔۔۔

    تاريخ جون حقيقتون تمام ڪڙيون آهن پر ڇا ڪجي تاريخ کي بدلائي يا موٽائي نٿو سگهجي ۔۔۔ ها انجو ازالو ڪري سگهجي ٿو، سنڌ جي آزادي ۽ خودمختياريءَ سان ۔۔۔

    اچو ته اسين سڀ سنڌي چاهي ڪهڙي به سوچ سان واسطو رکندڙ هجون، پنهنجيون ذميواريون سنڀاليون ۽ سنڌ امڙ جو مان مٿاهون ڪريون ۔۔۔

    رب العالمين سنڌين جو حامي ۽ ناصر هجي ۔۔۔ آمين
    [/justify]
     
  8. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: علي محمد راشدي مسلمانن کي سٺو انسان بنائڻ بدران غلط مسلمان بنائڻ جي ڪوشش ڪئي

    جي ادا برابر. ادا مونکي انتظار رهندو اوهان جي ليک جو
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,882
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: علي محمد راشدي مسلمانن کي سٺو انسان بنائڻ بدران غلط مسلمان بنائڻ جي ڪوشش ڪئي

    سائين نثار اوهان جي مهرباني

    اوهان تفصيل سان هن ليک جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آهي۔ مان مضمون جي هيڊنگ تبديل ڪري ڇڏي آهي ۔ باقي هن ليک ۾ جيڪي سچايون بيان ڪيل آهن انهن کان مان، اوهان يا چوهاڻ صاحب سهمت ٿي يا نه ان سان ڪو فرق نه ٿو پوي۔

    سائين جي ايم سيد پاڻ ان ڳاله جو اعتراف ڪيو هو ته مونکان مسجد منزل گاھ وري واقعي جي وڏي غلطي ٿي هئي۔ اسان سائين کي سلام ٿا پيش ڪيون جنهن سچائيء کي قبول ڪيو نه ته اڄوڪا سياستدان ته ڪجه مڃڻ لاء تيار ئي ڪونهن۔

    اوهان جي مهرباني جو اوهان تفصيلي ويچار ونڊيا
     
  10. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,876
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: علي محمد راشدي مسلمانن کي سٺو انسان بنائڻ بدران غلط مسلمان بنائڻ جي ڪوشش ڪئي

    لک ٿورا سائين محترم دوست، اوهان منهنجي صلاح کي مان ڏنو ۔۔۔ اهو عنوان سهڻو ۽ مضمون سان ٽهڪندڙ لڳي ٿو ۔۔۔

    باقي بيشڪ ليک پنهنجي جاءِ تي هوندو آهي ، متفق ٿيڻ يا نه ٿيڻ هر ماڻهونءَ جو پنهنجي صوابديد تي هوندو آهي ۔۔۔

    محترم جي ايم سيد هڪ دلير، سچو ۽ فڪري سياستدان هو ۽ سنڌ جو عاشق هو، عشق سبب سندس منجهاران سڀ خوف نڪتل هئا، انڪري هو پنهنجي متعلق يا سماج بابت يا مذهب بابت پنهنجي سمجهه آهر سچ چئي ڏيندو هو ۔۔۔

    هڪ دفعي اسين کيس چيو ته سائين اوهان ٿورڙو رومال ويڙهي ڳالهه ڪندا ڪريو ته، سوچ ۾ پئجي ويو ۽ هي بيت پڙهيائين؛

    ڇورين ڏنا ڇال ته به لاهوتي لنگهي ويا ۔۔۔

    ۽ چيائين ته؛

    دنيا وڃي لهنواري پاڻ وڃون اوڀارا ۔۔۔

    خئير سندس ڳالهه اسانجي سمجهه کان چڙهيل هئي ۔۔۔

    رب العالمين کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۔۔۔ آمين
     
  11. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: موهن ڪلپنا جون سنڌ بابت يادگيريون

    ۔

    [​IMG]
    ۔ادا مان جڏهن دادو رهندو هئس (۽ اهيا تقريبن ٻارنهن تيرنهن سال پهرين جي ڳالهه آهي ) ۽ مان روزانه دادو جي مشهور لائبريري علامه آءِ‌آءِ قاضي لائبرير ويندو هئس ۽ اتي سنڌي علم ادب جا ۽ اسلامي ڪتاب پڙهندو رهندو هئس، ۽ اتي مون جناب موهن ڪلپنا جي آتم ڪٿا ”بک عشق ادب“ پڙهيو هو ۽ سندس لکيل ڪتاب سنڌي ادب جو هڪ بهترين ڪتاب آهي، جنهن ۾ موهن ڪلپنا سنڌ سان محبت جو تمام گهڻو اظهار ڪيو آهي ۽ اهيا هن جي سنڌ سان محبت ئي چئبي جو پاڻ لکي ٿو ته ۔۔۔۔۔ ( خيال آيم ته ڀنگي ٿيان ۽ سنڌ جي سرزمين تي ٻهاري ڏيئي ان جي مٽيءَ سان سنان ڪريان )۔۔۔ باقي ادا هن جيڪي الفاظ لکيا آهن محترم پير علي محمد شاه راشدي لاء سو ان لاء عرض ته محترم علي محمد شاه راشدي صاحب اسان لاء احترام جي لائق آهي ۽ پاڻ هڪ بهترين اديب ، عالم ، صحافي، ۽ سياست جي دنيا ۽ ميدان جا بهترين رانديگر پڻ رهيا آهن، ۽ هن جڏهن سياسي ميدان ۾ پير پاتو ته حڪومت هن جي اشارن تي نچندي ۽ ڪڏندي رهي ۽ چڱا ڀلا سياستدان هن جي اڳيان پاڻي ڀريندا رهيا، ( جڏهن ته هي نه ڪنهن اسڪول جو نه ڪنهن مدرسي جو يا يونيورسٽي جو فارغ هو۔) ۔ پاڻ هر حڪومت ۾ حڪومت جا حصا رهندا آيا آهن هن جا انهن سياستدانن سان به سٺا تعلقات رهندا آيا آهن جيڪي هڪٻئي جا مخالف ۽ دشمن رهيا آهن، 1970ع جي ڏهاڪي ۾ پير صاحب سنڌي، اردو ۽ انگريزي صحافت تي مڪمل طرح ڇانيل هو سندس مضمون سنڌي اردو ۽ انگريزي ۾ تقريبن هر اخبار ۽ هر رسالي ۾ ڇپجندا رهيا، ، پير صاحب رهبر ڊائجيسٽ ۾ به ڪيترائي مضمون لکيا، جيڪي سندس مطالعي جي پڻ گواهي ڏئي رهيا آهن، پير صاحب جي لکڻي جو انداز به هڪ نرالو انداز هو، سندس مشهور ڪتاب اهي ڏينهن اهي شينهن سنڌي ادب جو شاهڪار ڪتاب آهي، سندس لکڻي بيمثال لکڻي آهي، جنهن جي ڇا ڳالهه ڪجي، پير صاحب کي ان ڪتاب ۾ اگر ڪنهن جي گلا به ڪرڻي پئي آهي ته اهي به تمام سهڻي انداز سان ڪري ويا آهن ۔۔۔۔۔هن ڪتاب لاء سنڌ جو مشهور نقاد محترم قربان علي بگٽي ( جنهن جي ايم سيد جي ڪتاب جيئن ڏٺو آ مون، شيخ اياز جي ڪتاب ۔۔ ڪپر ٿو ڪُن ڪري۔۔ پير حسام الدين راشدي جي ڪتاب ۔۔ هو ڏوٿي، هو ڏينهن تي تنقيدون ڪيون آهن ) لکيو آهي ته جڏهن ته پير صاحب جي ٻولي ڪيڏي به سولي سلوڻي آهي پر لکيا رڳو ڪوڙ اٿس۔۔۔۔۔۔۔۔ پير صاحب لاء مشهور آهي ته هي ڪنهن سان به وفا نه ڪندا هئا، ڪنهن ڀيري ڪنهن پير صاحب کان انٽرويو پئي ڪيو ۽ انٽرويو دوران پير صاحب کان پڇيو ويو ته سائين ۔۔۔ ( اوهان کي ڪتن سان پيار ڇو آهي ؟ ) ان تي پير صاحب جواب ڏنو ته ڪتو وفادار جانور آهي ان لاء، ۔۔ ان کان پوء انٽرويو ڪندڙ ٻيو سوال ڪيو ته سائين اوهان لاء مشهور آهي ته۔۔۔ توهان ڪنهن سان وفا ناهيو ڪندا ڇو؟، ۔۔۔ ان تي پير صاحب ٺهه پهه جواب ڏنو ته وفا ڪم ڪتن جو آهي۔ ) مطلب ته پير صاحب هڪ ذهين، حاضر دماغ دانشور، سياستدان ۽ اديب هئا، ان ۾ ڪنهن کي ڪو به شڪ ڪونهي، پر اهيا به حقيقت آهي ته هن ۾ مذهبي فسادات ڪرائڻ جا ڪجهه اثر پڻ موجود هئا، جيڪي مون ٻين ليکڪن ۽ ڏاهن جي زباني به ٻڌا آهن، منهنجو ذاتي دوست حافظ خليل احمد صاحب ( جيڪو هاڻي گذريل ڏينهن ۾ وفات ڪري ويو آهي، ۽ دادو جو مشهور عالم اديب، ۽ دانشور ليکيو ويندو آهي جنهن جو ذڪر محمد عرس سولنگي جي ڪتاب دادو تعلقي جي تاريخ ۾ پڻ ٿيل آهي ۔ حافظ صاحب جي هميشه دادو ڪچهريء روڊ تي دادو جيل سامهون محترم وڪيل امام بخش گهرياڻي جي بيٺڪ تي هڪ وڏي ڪچهري لڳندي هئي، جنهن ۾ محترم استاد بخاري، سندس ڀاء حاڪم علي شاه بخاري، تاج صحرائي، عثمان ميمڻ، امام بخش گهرياڻي، آندل خان حليو، ۽ ٻيا دادو جا اديب ۽ شاعر گڏ ٿيندا هئا،) جو ته علي محمد شاه راشدي سان ذاتي واسطو هو، ۔۽ علي محمد شاه راشدي جو دادو سان به تمام گهڻو تعلق رهيو هو، سندس هڪ گهرواري بيگم ممتاز راشدي( جيڪا بنگالي هئي ) به دادو ۾ رهندي هئي، ۽ پير صاحب جون دادو ۾ پنهنجون زمينون پڻ هيون، حافظ صاحب جو پڻ چوڻ هو ته علي محمد شاه ۾ بدلي وٺڻ جي ۽ ساڙ پورو ڪرڻ جي ۽ مذهبي ڪٽرپڻي جي عادت هئي۔ ۽ پنهنجي فائدي لاء سڀ دوستيون ۽ واسطه وساري ڇڏيندو هو۔ ۽ اهڙين ڳالهين جو ذڪر سنڌ جي سائين محترم جي ايم سيد صاحب به پنهنجي ڪتاب ۔۔ سنڌ ڳالهائي ٿي ۔۔ ۾ ۽ پنهنجي هڪ ٻئي ڪتاب جنب گذاريم جن سين۔۔۔ ۾ پڻ ڪيو آهي، ادا سکر ۾ ٿيل منزل گاهه جي واقعي جو ذڪر ته سائين پنهنجي ڪتاب سنڌ ڳالهائي ٿي ۾ ڪيو آهي، توهان پاڻ ان کي پڙهي سگهو ٿا۔
    ڪجهه ڪتابن ۾ ته اهيو به مون پڙهيو آهي ته علي محمد شاه صاحب سان پنهنجي ڀاء حسام الدين شاه راشدي صاحب جي به ان ڪري ڪا نه لڳندي هئي، ۽ هڪ ٻئي سان گهٽ ٺهندا هئا صرف انهن ڳالهين جي ڪري۔ ۽ ان ڳالهين جي ڪري پاڻ ۾ اختلاف به رهندا هئا، ( نوٽ جنهن لاء توهان مهراڻ رسالو پير حسام الدين شاه راشدي نمبر پڻ ڏسي سگهو ٿا ) حسام الدين شاه راشدي صاحب پڻ سنڌ جا هڪ بيباڪ ۽ نالي وارا عالم ۽ اديب ، محقق ۽ دانشور هئا۔ جنهن جو مضمون مان سنڌ سلامت تي ونڊ ڪري چڪو آهيان۔
    ٻيو ته ادا وساڻ صاحب توهان لکيو آهي ته ۔۔۔۔۔ ( اسان جي سنڌ سلامت جي دوست ادا ممتاز وگهيو سائين علي محمد راشديء جي شخصيت تي هڪ ونڊ موڪليو هو ۽ توهان ان جي لنڪ به ڏني آهي ، سو ان لاء عرض ته اهو ذڪر پير علي محمد شاه صاحب جو نه پر سندس ڀاءُ حسام الدين شاه راشدي صاحب جو آهي۔ باقي موهن ڪلپنا بابت مضمون پڙهڻ لاء هيٺ لنڪ تي ڪلڪ ڪندا
     
  12. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو