شبانه امتياز سمون
سينيئر رڪن
چيو ويندو آهي ته گهٽ عمر جي نوجوانن کي پارلر تي نه وڃڻ کپي ڇاکاڻ ته ڪيميڪلز جاغلط اثر ٿيندا آهن ۔پر اٍڃ جي دور ۾ هر عمر جو ماڻهو خوبصورت نظر اچڻ چاهي ٿو انهي ضرورت کي محسوس ڪندي پيش آهي اهڙو فيشل جيڪو هر عمر جو ماڻهو ڪري سگي ٿو۔ سب کان پهرين ڪلينزنگ لاء خشڪ ۽ تا زو کير ايترو جي پيسٽ ٺهي وڃي پوئي انهي ۾ چند ڦڙا ماکي جا ۽ گلسرين جا ملائي آنڱرين سان هلڪي هلڪي مساج ڪريو ٻه کان ٽه منٽن تائين پوئي فيشل پف سان صاف پاڻي ۾ ٻوڻي صاف ڪريو۽ عرق گلاب جو اسپري ڪريو انهي کان پوئي خشڪ جلد وارا زيتون ۽ بادام جي تيل جا چند ڦڙن ۾ خشخاش ملائي مساج ڪن ۽سڻڀي جلد وارا کير ۾ بادام پيسي ملائي مساج ڪريو ۽ صاف ڪرڻ کان پوئي اسٽيم يعني ٻاڦ وٺو جڏهن فيس تي پگهر اچي وڃي پوئي صاف ڪريو آخر ۾ ماسڪ۔ هڪ عدد بيضي جي زردي ۾ ميٽ، ليمون جا چند ڦڙا ۽ ماکي جا چند ڦڙا ملائي لڳايو ۽سڻڀي جلد وارا بيضي جي زردي جي جاء تي اڇي ٽڪي ملائي لڳائن جڏهن خشڪ ٿي وڃي ته صاف ڪرڻ کان پوئي عرق گلاب جو اسپري ڪن۔