[justify]چيو ويندو آهي ته گهٽ عمر جي نوجوانن کي پارلر تي نه وڃڻ کپي ڇاڪاڻ ته ڪيميڪلز جاغلط اثر ٿيندا آهن ۔پر اڄ جي دور ۾ هر عمر جو ماڻهو خوبصورت نظر اچڻ چاهي ٿو انهي ضرورت کي محسوس ڪندي پيش آهي اهڙو فيشل جيڪو هر عمر جو ماڻهو ڪري سگهي ٿو۔ سڀ کان پهرين ڪلينزنگ لاء خشڪ ۽ تا زو کير ايترو جي پيسٽ ٺهي وڃي پوءِ انهي ۾ چند ڦڙا ماکي جا ۽ گلسرين جا ملائي آڱرين سان هلڪي هلڪي مساج ڪريو ٻن کان ٽن منٽن تائين، پوءِ فيشل پف سان صاف پاڻي ۾ ٻوڙي صاف ڪريو ۽ عرق گلاب جو اسپري ڪريو انهي کان پوءِ خشڪ جلد وارا زيتون ۽ بادام جي تيل جي چند ڦڙن ۾ خشخاش ملائي مساج ڪن ۽ سڻڀي جلد وارا کير ۾ بادام پيسي ملائي مساج ڪن ۽ صاف ڪرڻ کان پوءِ اسٽيم يعني ٻاڦ وٺو جڏهن فيس تي پگهر اچي وڃي پوءِ صاف ڪريو آخر ۾ ماسڪ۔ هڪ عدد بيضي جي زردي ۾ ميٽ، ليمون جا چند ڦڙا ۽ ماکي جا چند ڦڙا ملائي لڳايو ۽سڻڀي جلد وارا بيضي جي زردي جي جاء تي اڇي ٽڪي ملائي لڳائن جڏهن خشڪ ٿي وڃي ته صاف ڪرڻ کان پوءِ عرق گلاب جو اسپري ڪن۔[/justify]
جواب: هوم ميڊ فيشل سنڌ سلامت جا نوجوان ساٿيو، محترما شبانه امتياز هوم ميڊ فيشل جو صرف نوجوانن کي ڏس ڏنو آهي پليز اڳيان اچو، سُورهن سينگار حقيقت ۾ ته سنڌي ڀينرن جو شعبو آهي پر جيئن ته شبانه صاحبه ڳالهه نوجوانن جي لکي آهي ان ڪري منهنجي ناقص راءِ موجب نوجوان ڀينرون ۽ نوجوان ڀائر انهي ٽوٽڪي مان لاڀ حاصل ڪري سگهن ٿا۔ اسين پوڙها ته رِلي ڪُلهي تي رکي سمهي ٿا پئون۔ بهرحال ٿينڪس شبانه بابا۔ شال جُڙيون هُجو جو سنڌ سلامت سان پنهنجي لکڻين سان ناتو نڀائڻ شروع ڪري ڏنو آهي توهان ۔
جواب: هوم ميڊ فيشل ادا نثار مهرباني پر مون پهنجي تحرير ۾ صاف لکيو آهي ته هي فيشل هر عمر جا ماڻهو استعمال ڪري سگهن ٿا ڀاء توهان به هن کان فاعدو وٺي سگهو ٿا ۽ ٻيوته عورت ۽ مرد ٻئي هي فيشل ڪري سگهن ٿا ادا توهان کي خبر آهي ته مهنجي سنڌي رائٽنگ ٺيڪ نه آهي ها توهان سڀني جي ساٿ جي ضرورت آهي ڪوشش ڪنديس جلد غلطيون دور ٿي وڃن ۔
جواب: هوم ميڊ فيشل ادا ڦلپوٽو توهان جون شاندار لکهڻين جيان ڪٿي ٿي لکي سگهان۔همت افزآئي جي لاء وڏي مهرباني۔
جواب: هوم ميڊ فيشل ادي اوهان جو بهترين ونڊ آهي اميد ڪنداسون ته پنهنجي اهري قيمتي خيالن ۽ لکڻين سان سنڌ سلامت جي اڱڻ کي سنوارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون رهنديون۔ جس آهي اوهان کي جو اوهان سنڌي لکڻ شروع ڪيو آهي۔ ڪجه ڏينهن جي پريڪٽس کانپوء اوهان بلڪل نارمل لکڻ لڳندا۔
جواب: هوم ميڊ فيشل ادا سلمان مهرباني واقعي سنڌي لکڻ کان پوئي آ پاڻ کي هڪ مڪمل سنڌي ناري محسوس پئي ڪريان ۔
جواب: هوم ميڊ فيشل شبانه هاڻي بابا اسان کي پيري ۾ ڪهڙا فائدا وٺڻا آهن توکي ته ادي خبر آهي ٿوري به اهڙي ڪنهن ٽپس کان فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪيم ته ماسات سڳوري جا سُجهيا پيا اٿم۔ توهان کي شاباس هُجي جو هاڻي توهان باقائده سنڌ سلامت لا لکڻ شروع ڪيو آهي پوري دنيا جي سنڌين ۽ سنڌياڻين لا لکڻ شروع ڪيو آهي ۔ مونکي ته ايتري ته خوشي پئي ٿئي ايتري ته خوشي پئي ٿئي جو ڪپڙن ۾ نه پيو ماپان جو ادي شبانه صرف چند ڏينهن کانپو سنڌي ايتري ته سهڻي لکي ويندي جو وڃي ٿيا ست خير۔ انهي ڳالهه جون ايڊوانس مُبارڪون هُجن ڀيڻ توهان کي۔
جواب: هوم ميڊ فيشل ادي شبانه ! توهان ته منهنجي مشڪل آسان ڪري ڇڏي مطلب ته منهنجي گهرواري يعني اوهان جي ڀاڄائيءَ جي مشڪلآسان ڪري ڇڏي، هتي ڪو فيشل سينٽر يا وري بيوٽي پارلر نه هجڻجي ڪري سدائين پئي سُور پٽيندي آهي۔۔ بهرحال توهان جي هن موضوع سان خبر پئي ته هاڻي سنڌ سلامت تي اسان جون ٻيون اديون به ضرور اينديون، ڇو ته فيشن جو ذڪر جتي ٿيندو اتي اديون ضرور گڏ ٿينديون۔۔ ادي اوهان جي مهرباني جو اهڙا ونڊ ڪيو ٿا۔۔ انشاءَالله اوهان جي هنن ڪارائتي گهريلو ٽوٽڪن تي ضرور عمل ڪبو۔۔
جواب: هوم ميڊ فيشل خوبصورت نظر اچڻ هر ناري جو حق آهي ۔۔ پر اڪثر ان ڳالهه تي ناري کي به عمل ڪندي گهٻراهٽ جو شڪار ڏٺو اٿئون۔۔۔ پر جيڪڏهن مردن کي به اهڙن ٽوٽڪن مان فائدو وٺن جو چوندو ۽ مثال ڦري ”خوبصورت نظر اچڻ هر مرد جو به حق آهي۔۔“ ٿي وڃي ته شايد گهٻراهٽون ختم ٿي وڃن ۔۔۔ سٺي ڪوشش آهي اميد ته جاري رکندو۔۔
جواب: هوم ميڊ فيشل [justify]ڀيڻ اوهانجا لک ٿورا جو قيمتي ۽ ڪيميا کان پاڪ نسخو ونڊ ڪيو اٿوَ، حسن ته رب به پسند ڪري ٿو ۽ پاڻکي سهڻو ۽ پاڪ رکڻ هر انسان جو بنيادي حق آهي ۔۔۔ اوهان جيئن ته ماڻهن کي سهڻي ڪرڻ جو ڪم پڻ ڪنديون آهن، انڪري اسانکي خوشي آهي ته اسانجي وچ ۾ اهڙي ڀيڻ به آهي جيڪا اسانجي ڪوجهي ڪماري شڪل کي آخر اهڙو ڪندي جو گهر واري سڃاڻيندي به نه ۔۔۔ هڪ ڀيرو ٻيهر لک ٿورا ۔۔۔ خوشيءَ جي ڳالهه ته اوهان سنڌي لکڻ شروع ڪئي آهي ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت[/justify]
جواب: هوم ميڊ فيشل ادا نثار ابڙا توهانجي ۽ ٻين ڀائرن جي مهرباني جو همت افزا موٽ ڏني مان ڪوشش ڪندي رهنديس ته جئين سٺي سنڌي لکي سگهان ۔
جواب: هوم ميڊ فيشل ادي شبانه مان توهان جا هي نسخا پنهنجي ويب سائيٽ www.sindhpk.com تي رکي رهيو آهيان۔ اگر توهان کي سٺو لڳي ته ايميل ڪجو اگر ڪو ايتراز هجي ته ٻڌائجو ته مان هٽائي ڇڏيان ۔۔۔ مهرباني۔۔۔