هوم ميڊ فيشل

'سورنهن سينگار' فورم ۾ شبانه امتياز سمون طرفان آندل موضوعَ ‏20 ڊسمبر 2010۔

  1. شبانه امتياز سمون

    شبانه امتياز سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    [justify]چيو ويندو آهي ته گهٽ عمر جي نوجوانن کي پارلر تي نه وڃڻ کپي ڇاڪاڻ ته ڪيميڪلز جاغلط اثر ٿيندا آهن ۔پر اڄ جي دور ۾ هر عمر جو ماڻهو خوبصورت نظر اچڻ چاهي ٿو انهي ضرورت کي محسوس ڪندي پيش آهي اهڙو فيشل جيڪو هر عمر جو ماڻهو ڪري سگهي ٿو۔

    سڀ کان پهرين ڪلينزنگ لاء خشڪ ۽ تا زو کير ايترو جي پيسٽ ٺهي وڃي پوءِ انهي ۾ چند ڦڙا ماکي جا ۽ گلسرين جا ملائي آڱرين سان هلڪي هلڪي مساج ڪريو ٻن کان ٽن منٽن تائين، پوءِ فيشل پف سان صاف پاڻي ۾ ٻوڙي صاف ڪريو ۽ عرق گلاب جو اسپري ڪريو

    انهي کان پوءِ خشڪ جلد وارا زيتون ۽ بادام جي تيل جي چند ڦڙن ۾ خشخاش ملائي مساج ڪن ۽ سڻڀي جلد وارا کير ۾ بادام پيسي ملائي مساج ڪن ۽ صاف ڪرڻ کان پوءِ اسٽيم يعني ٻاڦ وٺو جڏهن فيس تي پگهر اچي وڃي پوءِ صاف ڪريو

    آخر ۾ ماسڪ۔ هڪ عدد بيضي جي زردي ۾ ميٽ، ليمون جا چند ڦڙا ۽ ماکي جا چند ڦڙا ملائي لڳايو ۽سڻڀي جلد وارا بيضي جي زردي جي جاء تي اڇي ٽڪي ملائي لڳائن جڏهن خشڪ ٿي وڃي ته صاف ڪرڻ کان پوءِ عرق گلاب جو اسپري ڪن۔
    [/justify]
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هوم ميڊ فيشل

    سنڌ سلامت جا نوجوان ساٿيو، محترما شبانه امتياز هوم ميڊ فيشل جو صرف نوجوانن کي ڏس ڏنو آهي پليز اڳيان اچو، سُورهن سينگار حقيقت ۾ ته سنڌي ڀينرن جو شعبو آهي پر جيئن ته شبانه صاحبه ڳالهه نوجوانن جي لکي آهي ان ڪري منهنجي ناقص راءِ موجب نوجوان ڀينرون ۽ نوجوان ڀائر انهي ٽوٽڪي مان لاڀ حاصل ڪري سگهن ٿا۔ اسين پوڙها ته رِلي ڪُلهي تي رکي سمهي ٿا پئون۔ بهرحال ٿينڪس شبانه بابا۔ شال جُڙيون هُجو جو سنڌ سلامت سان پنهنجي لکڻين سان ناتو نڀائڻ شروع ڪري ڏنو آهي توهان ۔
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هوم ميڊ فيشل

    تمام بهترين ڏس پتو آهي ادي شبانه

    تمام بهترين شيئرنگ آهي

    مهرباني ڀيڻ
     
  4. شبانه امتياز سمون

    شبانه امتياز سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: هوم ميڊ فيشل

    ادا نثار مهرباني پر مون پهنجي تحرير ۾ صاف لکيو آهي ته هي فيشل هر عمر جا ماڻهو استعمال ڪري سگهن ٿا ڀاء توهان به هن کان فاعدو وٺي سگهو ٿا ۽ ٻيوته عورت ۽ مرد ٻئي هي فيشل ڪري سگهن ٿا ادا توهان کي خبر آهي ته مهنجي سنڌي رائٽنگ ٺيڪ نه آهي ها توهان سڀني جي ساٿ جي ضرورت آهي ڪوشش ڪنديس جلد غلطيون دور ٿي وڃن ۔
     
  5. شبانه امتياز سمون

    شبانه امتياز سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: هوم ميڊ فيشل

    ادا ڦلپوٽو توهان جون شاندار لکهڻين جيان ڪٿي ٿي لکي سگهان۔همت افزآئي جي لاء وڏي مهرباني۔
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هوم ميڊ فيشل

    ادي اوهان جو بهترين ونڊ آهي

    اميد ڪنداسون ته پنهنجي اهري قيمتي خيالن ۽ لکڻين سان سنڌ سلامت جي اڱڻ کي سنوارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون رهنديون۔ جس آهي اوهان کي جو اوهان سنڌي لکڻ شروع ڪيو آهي۔ ڪجه ڏينهن جي پريڪٽس کانپوء اوهان بلڪل نارمل لکڻ لڳندا۔
     
  7. شبانه امتياز سمون

    شبانه امتياز سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: هوم ميڊ فيشل

    ادا سلمان مهرباني واقعي سنڌي لکڻ کان پوئي آ پاڻ کي هڪ مڪمل سنڌي ناري محسوس پئي ڪريان ۔
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هوم ميڊ فيشل

    شبانه هاڻي بابا اسان کي پيري ۾ ڪهڙا فائدا وٺڻا آهن توکي ته ادي خبر آهي ٿوري به اهڙي ڪنهن ٽپس کان فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪيم ته ماسات سڳوري جا سُجهيا پيا اٿم۔ توهان کي شاباس هُجي جو هاڻي توهان باقائده سنڌ سلامت لا لکڻ شروع ڪيو آهي پوري دنيا جي سنڌين ۽ سنڌياڻين لا لکڻ شروع ڪيو آهي ۔ مونکي ته ايتري ته خوشي پئي ٿئي ايتري ته خوشي پئي ٿئي جو ڪپڙن ۾ نه پيو ماپان جو ادي شبانه صرف چند ڏينهن کانپو سنڌي ايتري ته سهڻي لکي ويندي جو وڃي ٿيا ست خير۔ انهي ڳالهه جون ايڊوانس مُبارڪون هُجن ڀيڻ توهان کي۔
     
  9. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هوم ميڊ فيشل

    ادي شبانه ! توهان ته منهنجي مشڪل آسان ڪري ڇڏي مطلب ته منهنجي گهرواري يعني اوهان جي ڀاڄائيءَ‌ جي مشڪل‌آسان ڪري ڇڏي، هتي ڪو فيشل سينٽر يا وري بيوٽي پارلر نه هجڻ‌جي ڪري سدائين پئي سُور پٽيندي آهي۔۔ بهرحال توهان جي هن موضوع سان خبر پئي ته هاڻي سنڌ سلامت تي اسان جون ٻيون اديون به ضرور اينديون، ڇو ته فيشن جو ذڪر جتي ٿيندو اتي اديون ضرور گڏ ٿينديون۔۔ ادي اوهان جي مهرباني جو اهڙا ونڊ ڪيو ٿا۔۔ انشاءَ‌الله اوهان جي هنن ڪارائتي گهريلو ٽوٽڪن تي ضرور عمل ڪبو۔۔​
     
  10. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: هوم ميڊ فيشل

    خوبصورت نظر اچڻ هر ناري جو حق آهي ۔۔ پر اڪثر ان ڳالهه تي ناري کي به عمل ڪندي گهٻراهٽ جو شڪار ڏٺو اٿئون۔۔۔ پر جيڪڏهن مردن کي به اهڙن ٽوٽڪن مان فائدو وٺن جو چوندو ۽ مثال ڦري ”خوبصورت نظر اچڻ هر مرد جو به حق آهي۔۔“ ٿي وڃي ته شايد گهٻراهٽون ختم ٿي وڃن ۔۔۔
    سٺي ڪوشش آهي اميد ته جاري رکندو۔۔
     
  11. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هوم ميڊ فيشل

    [justify]ڀيڻ اوهانجا لک ٿورا جو قيمتي ۽ ڪيميا کان پاڪ نسخو ونڊ ڪيو اٿوَ، حسن ته رب به پسند ڪري ٿو ۽ پاڻکي سهڻو ۽ پاڪ رکڻ هر انسان جو بنيادي حق آهي ۔۔۔ اوهان جيئن ته ماڻهن کي سهڻي ڪرڻ جو ڪم پڻ ڪنديون آهن، انڪري اسانکي خوشي آهي ته اسانجي وچ ۾ اهڙي ڀيڻ به آهي جيڪا اسانجي ڪوجهي ڪماري شڪل کي آخر اهڙو ڪندي جو گهر واري سڃاڻيندي به نه ۔۔۔

    هڪ ڀيرو ٻيهر لک ٿورا ۔۔۔ خوشيءَ جي ڳالهه ته اوهان سنڌي لکڻ شروع ڪئي آهي ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
    [/justify]
     
  12. شبانه امتياز سمون

    شبانه امتياز سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: هوم ميڊ فيشل

    ادا نثار ابڙا توهانجي ۽ ٻين ڀائرن جي مهرباني جو همت افزا موٽ ڏني مان ڪوشش ڪندي رهنديس ته جئين سٺي سنڌي لکي سگهان ۔
     
  13. jamot

    jamot
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 نومبر 2009
    تحريرون:
    138
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: هوم ميڊ فيشل

    ادي شبانه مان توهان جا هي نسخا پنهنجي ويب سائيٽ www.sindhpk.com تي رکي رهيو آهيان۔ اگر توهان کي سٺو لڳي ته ايميل ڪجو اگر ڪو ايتراز هجي ته ٻڌائجو ته مان هٽائي ڇڏيان ۔۔۔
    مهرباني۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو