سال 2010ع پاڪستاني عورتن لاءِ ڪيئن گذريو

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏20 ڊسمبر 2010۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سال 2010ع پاڪستاني عورتن لاءِ ڪيئن گذريو

    محمد سميع گوهر

    [justify]سڄي دنيا سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ به انساني حقن جي ملهائجندڙ عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي غير سرڪاري تنظيمن طرفان جيڪي انگ اکر ترتيب ڏنا ويا آهن انهن ۾ سڄي ملڪ ۾ سال 2010ع دوران جتي دهشت گردي، ٽارگيٽ ڪلنگ، پوليس جو تشدد ۽ آپگهات ڪرڻ جي رجحان ۾ تيزيءَ سان واڌارو ٿيو آهي. اتي عورتن جي مٿان ٿيندڙ ظلمن ۽ ڏوهن جي تعداد ۾ به ڳڻتي جوڳو واڌارو ٿيو آهي. سال 2010ع جي يارنهن مهينن ۾ 1672ع عورتون قتل ڪيون ويون 655 عورتن آپگهات ڪيو. 441 عورتن جي مٿان پوليس تشدد ڪيو.

    فوجي آمريت جي دور ۾ جتي سڀ کان وڌيڪ شڪايتون انساني حقن جي ڀڃڪڙيءَ بابت سامهون اينديون هيون اتي هاڻي ملڪ ۾ جمهوري حڪومت جي قائم ٿيڻ کان پوءِ هڪ عام ماڻهو انهيءَ خوشفهميءَ جو شڪار ٿي ويو آهي ته شايد هاڻي انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي رڪارڊ ۾ ڪا بهتري ٿيندي پر عام طور تي اهڙيون اميدون عوام جي توقع جي بلڪل ابتڙ هونديون آهن. انهيءَ ڏس ۾ اسان جيڪڏهن گذريل ٽن سالن جي ترتيب ڏنل انگن اکرن تي نظر ڦيرائينداسين ته اسان کي شايد مايوسي ئي ٿيندي. عوام جي ووٽن سان چونڊيل حڪومت جي اقتدار ۾ ايندي ئي عوامي نمائندن جي دور ۾ انساني حقن جي پائمالي جو سلسلو معمول موجب هلندڙ آهي. هلندڙ سال جنوريءَ کان نومبر تائين پاڪستان ۾ اڄ تائين 1672 عورتن کي قتل ڪيو ويو آهي جن مان 539 عورتن کي ڏاڍائيءَ جو نشانو بنائي قتل ڪيو ويو. انهن مان 79 عورتن کي ڏاڍائي ۽ 133 عورتن کي اجتماعي ڏاڍائيءَ جو نشانو بنايو ويو. سال 2010ع ۾ هن وقت تائين 296 عورتن کي ڪاروڪاري جو شڪار بڻايو ويو. 683 عورتن تي تشدد ڪيو ويو. عورتن جي خلاف ٿيندر ڏوهن جي ڏس ۾ هن وقت تائين. 115 عورتن کي ساڙي ماريو ويو. 535 عورتن کي اغوا ڪيو ويو. 441 عورتن تي پوليس تشدد ڪيو. 665 عورتن کي آپگهات ڪرڻ تي مجبور ٿيڻو پيو. 17 عورتن کي حدود ڪيسن ۾ ڦاسايو ويو ۽ 41 عوررتن کي وڪرو ڪيو ويو. جڏهن ته 46 عورتن جون زبردستي شاديون ڪرايون ويون. سال 2010ع ۾ هن وقت تائين. 29 عورتن کي ڏي وٺ ۾ پرڻايو ويو. مجموعي طور تي سال 2010ع ۾ هن وقت تائين 5391 عورتن جي خلاف ظلم جا پهاڙ ڪيرايا ويا.

    ملڪ جي چئني صوبن ۾ عورتن جي خلاف ٿيندڙ ڏوهن تي نظر ڦيرائينداسين ته پنجاب ۾ عورتن جي خلاف ڏوهن ۽ تشدد جا 2232 واقعا سامهون آيا آهن. سنڌ ۾ انهن جو تعداد 1589 رهيو آهي. صوبي خيبر پختون خواهه 1076 واقعا سامهون آيا آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ انهن جو تعداد 494 رهيو آهي.

    اهڙيءَ طرح اها ڳالهه اسان جي سامهون آئي آهي ته عددي لحاظ کان عورتن جي خلاف سڀ کان وڌيڪ ظلم پنجاب ۾ ٿيا آهن ۽ سڀ کان گهٽ بلوچستان ۾ ٿيا آهن جيڪڏهن پنجاب صوبي جي آباديءَ کي سنڌ صوبي جي آباديءَ سان ڀيٽينداسين ته انگن اکرن موجب اسان کي سنڌ ۾ به عورتن جي خلاف ڏوهن جو تعداد وڌيڪ نظرايندو جيستائين سنڌ صوبي جي ڳالهه آهي ته سپريم ڪورٽ جي طرفان جرڳي کي غيرقانوني قرار ڏيڻ جي باوجود به سنڌ جي ٻهراڙين ۾ جرڳن جو نظام اڃان تائين هلندڙ آهي. پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ وڏيرا ۽ سردار عورتن جي قسمت جا فيصلا جرڳي سسٽم جي تحت ئي ڪري رهيا آهن پوليس اهڙن بااثر شخصيتن جي خلاف ڪابه ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي ڇو ته عورتن جي قسمت جو فيصلو ٻڌائيندڙ بااثر ڌريون حڪومتن ۾ شامل هونديون آهن، باقي صرف ميڊيا ئي اها اڪيلي ڌر آهي جيڪا سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ٿيندڙ اهڙن ظلمن تان پردو کڻي رهي آهي.

    اهڙيون عورتون جيڪي پنهنجي اباڻن علائقن ۾ فرسوده رسم ۽ رواجن جي موجودگيءَ ۾ پنهنجي جائز حقن کان محروم رهنديون آهي اهي ڪراچي ۽ سنڌ جي وڏن شهرن ۾ عدليه ۽ ميڊيا تائين پهچي عورتن جي مٿان ٿيندڙ ظلمن کي بي نقاب ڪري رهيون آهن انهيءَ ڏس ۾ اهڙين عورتن جي اين جي اوز به مدد ڪري کين تحفظ ڏيئي رهيون آهن ۽ انهن جا جائز حق کين ڏيارڻ لاءِ تعريف جوڳو ڪم رهيون آهن اڄ جي عورت جيڪڏهن همت ڪري ته سڄو ملڪ انهن جي رهنمائي ۽ تحفظ جي لاءِ انهن جي پويان هلڻ لاءِ تيار آهي. ان ڪري عورتن کي به گهرجي ته هو پنهنجي مٿان ٿيندڙ ظلمن جي خلاف اٿي بيهن ۽ همت ڏيکارين. هاڻي وقت تبديل ٿي چڪو آهي. هاڻي عورتن کي پنهنجا ڦريل حق حاصل ڪرڻ لاءِ گهر ۾ ويهڻ بدران پنهنجي محافظن تي ڀروسو ڪري اڳتي وڌڻو پوندو.[/justify]

    عوامي آواز جي ٿورن سان
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سال 2010ع پاڪستاني عورتن لاءِ ڪيئن گذريو

    ادا معلومات فراهم ڪرڻ لا۽ مهرباني

    اهڙي معلومات ونڊ ڪندا رهندا ڪريو

    سدائين گڏ
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سال 2010ع پاڪستاني عورتن لاءِ ڪيئن گذريو

    ادا تمام بهترين معلوماتي ونڊ آهي .
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سال 2010ع پاڪستاني عورتن لاءِ ڪيئن گذريو

    ادا وساڻ صاحب توهان اڄڪلهه عورتن لاء تمام گهڻا پريشان ٿا نظر اچو، ان جو ڪهڙو سبب آهي، ڪٿي توهان کي ته عورتن پريشان نه ڪيو آهي۔ ادا ان عمر م مڙئي انهن ڳالهين ڏانهن ڌيان گهڻو ويندو آهي، سو الله خير ڪري، ۽ الله اسان جي دوست وساڻ صاحب جي پريشاني دور ڪري آمين۔
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سال 2010ع پاڪستاني عورتن لاءِ ڪيئن گذريو

    ادا پريشاني اڃان ته ڪانهي ، باقي جلد شروع ٿيڻ واري آهي۔

    سوچيم ته متان ڪٿان دوست ڪي تجربا ونڊ ڪن پر بابا هت ڪو بخار ڏيڻ لاء به تيار ڪونهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو