ڀينرون اچو ته ڪپڙن جي سلائي سکون

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ شاهده سمون طرفان آندل موضوعَ ‏21 ڊسمبر 2010۔

  1. شاهده سمون

    شاهده سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2010
    تحريرون:
    39
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    ڀينرون اچو ته ڪپڙن جي سلائي سکون

    سلائي به هڪ اهڙو هنر آهي، جنهن ۾ وقت سان گڏوگڏ پوري ڌيان جي به ضرورت هوندي آهي، هر هنر جي پنهنجي پنهنجي حيثيت ۽ خاصيت هوندي آهي، قديم دور ۾ به لباس کي اوڍڻ ۽ پهرڻ جا مختلف طريقا هئا پر انهن جي سبڻ يعني سلائي جا به مختلف نمونا هئا، سلائي هڪ اهڙو هنر آهي، جيڪو ڪنهن خاص جڳهه جو حامل نه آهي ۽ سلائي هر ننڍي وڏي شهر ۾ ڪئي وڃي ٿي، سلائي جو ڪم ٻئي مرد توڙي عورتون ڪن ٿيون، عورتن جي ڪپڙن جي سلائي مرد ٽيلرز به ڪن ٿا ته عورتون به ڪن ٿيون پر ليڊيز جي ڪپڙن جي نت نون فيشن ۽ ڊزائينز ۾ گهڻو ڪري مرد ٽيلرز ئي تمام گهڻا ماهر هوندا آهن، هن هنر جي مهارت ۾ ڪنهن به هڪ شهر يا علائقي جي سلائي جو ته معيار نٿو ڏئي سگهجي پر ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ به ڪافي حد تائين سلائي جو ڪم ٿئي ٿو پر تن جي ڀيٽ ۾ وڏن شهرن ۾ ٿيندڙ سلائي ۾ تڪڙا نت نوان ڊزائين ۽ فيشن ايبل سلائي شامل هوندي آهي ۽ فرق به ضرور هوندو آهي، سکر شهر جي نيرڪي چاڙهي وٽ ٽيلرز جي هڪ پوري بازار آهي، جتي صرف ليڊيز جي ڪپڙن جي سلائي ۽ ڪڙهائي جو ڪم ٿئي ٿو، ائين هر شهر ۾ ٽيلرز جو پڻ ڪافي تعداد هجي ٿو، ٺري ميرواهه ننڍو شهر آهي پر مرد حضرات ٽيلرز ۽ ليڊيز ٽيلرز جو ڪافي تعداد موجود آهي، جيڪي هميشه پنهنجي ڪم ۾ رڌل نظر ايندا آهن. مرد ٽيلرز صرف مردن جي ڪپڙن جي سلائي ڪندا آهن پر عورتون ٽيلرز عورتن ۽ مردن ٻنهي جي ڪپڙن جي سلائي ڪنديون آهن، ٺري شهر جي ڪجهه ليڊيز ٽيلرز کان ان هنر جي باري ۾ جڏهن پڇيو ويو ته انهن چيو ته اسين هي ڪم سالن کان ڪندا پيا اچون، ڇاڪاڻ اسان جون وڏڙيون به هن هنر سان منسلڪ هيون، ڇاڪاڻ ته هنر بادشاهه آهي، جيڪو انسان کي ڪڏهن به محتاج ٿيڻ نٿو ڏئي، هنن وڌيڪ ٻڌايو ته ڊزائين جا ڪجهه بوڪليٽ به خريد ڪندا آهيون ۽ ڪافي ڊزائينس ڊرامن مان به ڪيچ ڪندا آهيون ۽ بوڪليٽ ۾ اها سهولت ميسر هوندي آهي ته سلائي ڪرائيندڙ ڊزائين چونڊينديون آهن، جنهن سان آساني ٿيندي آهي، ڊزائين ٺاهڻ لاءِ وڌيڪ سوچڻو پوندو آهي، ڇاڪاڻ ته اها شيءِ وڌيڪ ڌيان طلب هوندي آهي، جنهن ۾ اکين ۽ دماغ جو پورو پورو ڌيان کپندو آهي، هنن ڪپڙن جي ڪٽنگس جي باري ۾ ٻڌايو ته اهو مرحلو به احتياط وارو آهي ۽ اهو ڪم تقريبن رات جي ٽائيم ۾ سڪون سان ڪندا آهيون، سلائي ڪرڻ سان ماڻهو مڪمل طور تي بائونڊ ٿي وڃي ٿو ۽ اڪثر ڪٿي ڪٿي شرڪت به ناممڪن ٿي پوندي آهي، ڇاڪاڻ ته ٽائيم مقرر هوندو آهي ۽ ٽائيم تي شيءِ ڏيڻي هوندي آهي، وڌيڪ ٻڌايائون ته ڪافي هلڪو ڦلڪو ڪم گهر ۾ رهندڙ سسٽرز به ڪرائينديون آهن، جيئن ڪاڄ ٺاهڻ، بٽڻ ٽانڪڻ، طرپائي ڪرڻ ۽ استري ڪرڻ وغيره ۽ سلائي ڪرڻ ۾ سوٽي ڪپڙو وڌيڪ آسان هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته ريشمي ٿورو مشڪل ضرور هوندو آهي، مختلف نمونن ۾ ٻڌايائون ته امبريلا، فراڪ، ٽائوزر، پاجاما، ساڙهي گائون ۽ لهنگا وغيره ٺاهيا وڃن ٿا ۽ هر ڊزائين جي الڳ الڳ سلائي هوندي آهي، سادي وڳي جو 150 ۽ ڊزائين ۾ مختلف ريٽ آهن، 200 کان وٺي 500-1000 تائين سلائي ورتي وڃي ٿي، مهيني جي ڪل ڪمائي بابت ٻڌايائون ته شڪر آهي سٺو گذر سفر ٿي وڃي ٿو، 15 هزار کان 20 هزار تائين جو اجورو ٿئي ٿو پر اڄڪلهه جي مهانگائي واري دور ۾ اها رقم هڪ هفتي جي گذر سفر ۾ پوري ٿيو وڃي ٿي، گهڻيون ليڊيز ٽيلرز ليڊيز ڪپڙن جي سلائي کانسواءِ مردن جا ڪرتا به سبن ٿيون، ڪي ته مشين ۾ بجلي جا موٽر به لڳائين ٿيون پر ڪي هٿ تي به مشين هلائي ٿيون.
    ( آر رابيل بلوچ جي تحرير جيڪا ڪاوش جي ٿورن سان هت لڳائي وئي)[/left]
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ڀينرون اچو ته ڪپڙن جي سلائي سکون

    اميد ته ادي شاهده سمون جو موڪليل هي سڏ محترما رابيل بلوچ جي هي تحرير جيڪا هُن ڪاوش جي ٿورن سان هتي ونڊ ڪئي آهن اُن سڏ کي سنڌي ڀينرون ضرور ورنائينديون، انهي تحرير کي پڙهي هن حق حلال جي روزگار کي درزڪي هُنر سان هٿِي ڏيارينديون، مهرباني شاهده جو سنڌ سلامت تي هڪڙي بهترين تحرير کڻي آئين۔
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڀينرون اچو ته ڪپڙن جي سلائي سکون

    ادي توهان جو موڪليل موضوع تمام بهترين آهي .
    اميد ٿا ڪريو ته توهان جي هن محنت مان ڪونه ڪو ضرور ڪاريگر ٿيندو .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو