پنجاهه ڪروڙ ماڻهن جو هڪ ڳوٺ
زيب سنڌي
زيب سنڌي
هڪ پيءُ پنجويهه سال اڳ گم ٿي ويل پنهنجي ڌيءَ کي فيس بڪ تي ڳولي ورتو. ٻه وڇڙيل ڀائر پنجاهه سالن کان پوءِ فيس بڪ وسيلي پاڻ ۾ ملي ويا. القائده فيس بڪ کي پنهنجن مقصدن ۽ رابطن لاءِ استعمال ڪري رهي آهي. اهڙيون، ۽ اهڙي قسم جون ٻيون خبرون اسان کي اڪثر اخبارن ۾پڙهڻ لاءِ ملن ٿيون. جيڪي ماڻهو فيس بڪ استعمال نٿا ڪن، انهن کي ٿي سگهي ٿو ته اهڙيون خبرون ڪنهن ٻي دنيا جون محسوس ٿينديون هجن، پر جيڪي فيس بڪ استعمال ڪندڙ آهن، انهن لاءِ اهڙي ڪا به خبر ڄڻ حيدرآباد، ٽنڊي محمد خان، عمرڪوٽ ۽ لاڙڪاڻي يا ڪنهن ڳوٺ جي لوڪل خبر جهڙي هجي ٿي، ڇو ته اهي ماڻهو فيس بڪ وسيلي سڄي دنيا سان ڳنڍيل آهن. اهو جملو هاڻي ڪافي پراڻو ٿي چڪو آهي ته، ”هڪ ڏينهن دنيا گلوبل وليج ٿي ويندي!“، ڇو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا جي بي انتها ترقيءَ جي ڪري دنيا سچ به هڪ گلوبل وليج (ڳوٺ) ٿي چڪي آهي. خاص طور، انٽرنيٽ جي سوشل ويب سائيٽس گلوبل وليج جي تصور کي ڄڻ حقيقت جو روپ ڏئي ڇڏيو آهي. هونءَ ته انٽرنيٽ تي ڪيتريون ئي سوشل ويب سائيٽس آهن، پر ٿوري وقت اندر سڄي دنيا ۾ سوشل ويب سائيٽ فيس بڪ جي بي انتها مقبوليت حيران ڪندڙ آهي. فيس بڪ تي هن وقت دنيا جا پنجاهه ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو موجود آهن، جن سان ڪنهن به وقت گهر ويٺي مفت ۾ رابطو ڪري سگهجي ٿو، ساڻن دوستي ڪري سگهجي ٿي ۽ سندن روزانو وارين سرگرمين کي پڻ ڏسي پسي سگهجي ٿو.
فيس بڪ جو باني 26 سالن جو مارڪ زڪربرگ هڪ آمريڪي نوجوان آهي، جنهن ويهن سالن جي عمر ۾، پنهنجي شاگرديءَ واري زماني ۾، هن ويب سائيٽ جي ابتدا ڪئي هئي. 14 مئي 1984ع تي نيويارڪ شهر ۾ جنم وٺندڙ هن نوجوان، هارورڊ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ دوران فيبروري 2004ع ۾ هيءَ ويب سائيٽ ايجاد ڪئي هئي، جنهن وسيلي يونيورسٽيءَ جا شاگرد هاسٽل جي ڪمرن ۾ موجود هوندي يا گهر ويٺي هڪ ٻئي سان رابطي ۾ رهي پئي سگهيا ۽ ٻي معلومات جي ورڇ ڪري ٿي سگهيا. هڪ مهيني اندر هارورڊ يونيورسٽيءَ جي اڌ کان وڌيڪ شاگردن مارڪ زڪر برگ جي ٺاهيل ويب سائيٽ ” thefacebook“ تي پنهنجا اڪائونٽ ٺاهي ورتا. ان کانپوءِ مارڪ ٻين تعليمي ادارن کي به پنهنجي سائيٽ تي اچڻ جي آڇ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ سال جي پڇاڙيءَ تائين هن سائيٽ تي ميمبرن جو تعداد ڏهن لکن کان به وڌي ويو. پنهنجي هاسٽل جي ڪمري مان هن ويب سائيٽ کي آپريٽ ڪندڙ نوجوان مارڪ زڪربرگ کي مختلف اشتهاري ڪمپنين اشتهار ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا ۽ ويٺي ويٺي سندس وڏي آمدني شروع ٿي ويئي. 2006ع ۾ ”thefacebook“ مان لفظ the هٽائي، ان کي صرف ”facebook“ ڪيو ويو. ابتدائي ڏينهن ۾ ئي هن ويب سائيٽ عام ماڻهن ۾ مقبوليت حاصل ڪرڻ شروع ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ميمبرن جي واڌ سان گڏ مارڪ زڪربرگ جي آمدني به وڌندي رهي. 21 جولاءِ 2010ع تائين فيس بڪ تي پنجاهه ڪروڙ کان وڌيڪ اڪائونٽ ٺهي چڪا هئا. هن وقت نوجوان مارڪ زڪربرگ لڳ ڀڳ ست ارب ڊالر دولت جو مالڪ بڻجي چڪو آهي ۽ هن پنهنجي دولت جو هڪ وڏو حصو خيراتي ڪمن تي خرچ ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو آهي. انهيءَ کان اڳ گذريل سيپٽمبر مهيني ۾ هو هڪ سئو ملين ڊالر تعليمي مقصدن خاطر امداد پڻ ڏئي چڪو آهي. فيس بڪ جي 24 سيڪڙو شيئرز جي مالڪ نوجوان مارڪ زڪربرگ تي هالي ووڊ ۾ هڪ فلم پڻ ٺهي چڪي آهي. هن وقت هو دنيا جو سڀ کان ننڍي عمر وارو بلينيئر سمجهيو وڃي ٿو. مارڪ زڪربرگ توڙي فيس بڪ ڪمپنيءَ کي سموري آمدني پاڪستان سميت سڄي دنيا مان ملندڙ اشتهارن وسيلي ٿئي ٿي. فيس بڪ استعمال ڪندڙن کان اڪائونٽ ٺاهڻ توڙي استعمال ڪرڻ جي ڪا به في نٿي ورتي وڃي.
فيس بڪ جي مقبوليت جو اندازو انهيءَ ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته، بي بي سي جي رپورٽ مطابق ”برطانوي جي ايس ايم ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته، ”برطانيا ۾ موبائيل فون جي مدد سان ماڻهو جيترو وقت انٽرنيٽ تي گذارين ٿا، ان مان اڌ وقت فقط فيس بڪ تي گذارين ٿا!“ بي بي سي جي هڪ ٻي رپورٽ مطابق ”عرب دنيا ۾ فيس بڪ استعمال ڪندڙن جو تعداد اخبار پڙهندڙن کان به وڌيڪ آهي. مصر ۽ سعودي عرب ۾ فيس بڪ تمام گهڻو استعمال ٿئي ٿي.“ تحقيق سان باقي دنيا به ان کان مختلف نظر نٿي اچي.
سنڌ توڙي سڄي پاڪستان ۾ پڻ ڏينهون ڏينهن فيس بڪ استعمال ڪندڙن جي تعداد ۾ واڌارو ٿيندو رهي ٿو ۽ روزانو هزارين نوان ماڻهو پنهنجا اڪائونٽ ٺاهي رهيا آهن. سڄي دنيا جيان سنڌ جي به بيشمار عام ماڻهن کان وٺي سياستدانن، اديبن، دانشورن، صحافين ۽ فنڪارن جا اڪائونٽ فيس بڪ تي نظر اچن ٿا. ڪو به عام ماڻهو فيس بڪ تي اڪائونٽ ٺاهڻ کان پوءِ دنيا جي ڪنهن به ٻئي عام ماڻهوءَ کان وٺي سياستدانن، اديبن، شاعرن، فنڪارن ۽ صحافين سان هڪ گذارش وسيلي سندن فيس بڪ فرينڊز ۾ پڻ شامل ٿي سگهي ٿو. نه فقط اهو، پر هر ماڻهو پنهنجي اڪائونٽ وسيلي سڄي دنيا جي ماڻهن جون اتي موجود تصويرون ۽ وڊيوز به ڏسي سگهي ٿو ته سندن تحريرون به پڙهي سگهي ٿو ۽ پسند اچڻ تي انهن کي ڪاپي ڪري پاڻ وٽ به رکي سگهي ٿو. ساڳي طرح، ڪو به شخص پنهنجون تصويرون، تحريرون توڙي وڊيوز سڄي دنيا جي ماڻهن تائين پهچائي به سگهي ٿو. نه فقط اهو، پر جنهن جي اڪائونٽ ۾ جيترا به فيس بڪ فرينڊز ايڊ ٿيل آهن، انهن سڀني سان هڪ ئي وقت چيٽ به ڪري سگهجي ٿو ته کين ميسيج به ڪري سگهجن ٿا، پوءِ انهن دوستن جو تعداد کڻي هزارن ۾ ڇو نه هجي. اهو ضروري ڪونهي ته فيس بڪ تي نظر ايندڙ نالي وارين شخصيتن جا سمورا پروفائيل اصلي هجن، ڇو ته اهڙين ڪيترن شخصيتن جي نالي ۾ ڪي ٻيا ماڻهو به اڪائونٽ ٺاهي ٿا ڇڏين ته ساڳئي وقت عورتن جي نالن سان ٺهيل بي شمار اڪائونٽ به ڪوڙا هجن ٿا، پر ان جو اهو مطلب بلڪل ناهي ته نالي واريون شخصيتون فيس بڪ استعمال نٿيون ڪن.
فيس بڪ وسيلي ڪي ماڻهو زندگيءَ جا ساٿي به ڳولي وٺن ٿا. هندستان جي مشهور اداڪارا منيشا ڪوئرالا به پنهنجي مڙس جي چونڊ فيس بڪ تان ئي ڪئي هئي. فيس بڪ رشتن کي ٺاهڻ جو ڪم به ڪيو آهي ته ڊاهڻ جو پڻ. هڪ آمريڪي شخص پنهنجي پهرين زال جي اجازت کان سواءِ ٻي شادي ڪئي ته سندس پهرين زال، مڙس جي ٻي شاديءَ جون تصويرون فيس بڪ تي ڏسي نه فقط کيس پادر هنيا، پر مڙس کي (اتان جي قانون موجب) طلاق به ڏئي ڇڏي. اها خبر ته گذريل هفتي جي آهي ته نيوزيلينڊ ۾ هڪ چور، فيس بڪ تي رکيل پنهنجين تصويرن جي ڪري پڪڙجي پيو! فيس بڪ دنيا جي پنجاهه ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن کي ايئن گڏ ڪري ڇڏيو آهي، ڄڻ اهي ڪنهن هڪڙي ئي ڳوٺ ۾ رهندا هجن ۽ ڪنهن ڳوٺ جيان ئي هڪٻئي جي سرگرمين کان واقف هجن، هڪ ٻئي کي ڏسي، ٻڌي ۽ پڙهي سگهندا هجن.

zaibsindhi@hotmail.com
روزانه ڪاوش تان ورتل