پنجاهه ڪروڙ ماڻهن جو هڪ ڳوٺ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ فيس بوڪ تي لکيل زيب سنڌيء جو ڪالم

'فيس بوڪ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏21 ڊسمبر 2010۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    پنجاهه ڪروڙ ماڻهن جو هڪ ڳوٺ


    زيب سنڌي


    [​IMG]

    [JUSTIFY]هڪ پيءُ پنجويهه سال اڳ گم ٿي ويل پنهنجي ڌيءَ کي فيس بڪ تي ڳولي ورتو. ٻه وڇڙيل ڀائر پنجاهه سالن کان پوءِ فيس بڪ وسيلي پاڻ ۾ ملي ويا. القائده فيس بڪ کي پنهنجن مقصدن ۽ رابطن لاءِ استعمال ڪري رهي آهي. اهڙيون، ۽ اهڙي قسم جون ٻيون خبرون اسان کي اڪثر اخبارن ۾پڙهڻ لاءِ ملن ٿيون. جيڪي ماڻهو فيس بڪ استعمال نٿا ڪن، انهن کي ٿي سگهي ٿو ته اهڙيون خبرون ڪنهن ٻي دنيا جون محسوس ٿينديون هجن، پر جيڪي فيس بڪ استعمال ڪندڙ آهن، انهن لاءِ اهڙي ڪا به خبر ڄڻ حيدرآباد، ٽنڊي محمد خان، عمرڪوٽ ۽ لاڙڪاڻي يا ڪنهن ڳوٺ جي لوڪل خبر جهڙي هجي ٿي، ڇو ته اهي ماڻهو فيس بڪ وسيلي سڄي دنيا سان ڳنڍيل آهن. اهو جملو هاڻي ڪافي پراڻو ٿي چڪو آهي ته، ”هڪ ڏينهن دنيا گلوبل وليج ٿي ويندي!“، ڇو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا جي بي انتها ترقيءَ جي ڪري دنيا سچ به هڪ گلوبل وليج (ڳوٺ) ٿي چڪي آهي. خاص طور، انٽرنيٽ جي سوشل ويب سائيٽس گلوبل وليج جي تصور کي ڄڻ حقيقت جو روپ ڏئي ڇڏيو آهي. هونءَ ته انٽرنيٽ تي ڪيتريون ئي سوشل ويب سائيٽس آهن، پر ٿوري وقت اندر سڄي دنيا ۾ سوشل ويب سائيٽ فيس بڪ جي بي انتها مقبوليت حيران ڪندڙ آهي. فيس بڪ تي هن وقت دنيا جا پنجاهه ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو موجود آهن، جن سان ڪنهن به وقت گهر ويٺي مفت ۾ رابطو ڪري سگهجي ٿو، ساڻن دوستي ڪري سگهجي ٿي ۽ سندن روزانو وارين سرگرمين کي پڻ ڏسي پسي سگهجي ٿو.

    فيس بڪ جو باني 26 سالن جو مارڪ زڪربرگ هڪ آمريڪي نوجوان آهي، جنهن ويهن سالن جي عمر ۾، پنهنجي شاگرديءَ واري زماني ۾، هن ويب سائيٽ جي ابتدا ڪئي هئي. 14 مئي 1984ع تي نيويارڪ شهر ۾ جنم وٺندڙ هن نوجوان، هارورڊ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ دوران فيبروري 2004ع ۾ هيءَ ويب سائيٽ ايجاد ڪئي هئي، جنهن وسيلي يونيورسٽيءَ جا شاگرد هاسٽل جي ڪمرن ۾ موجود هوندي يا گهر ويٺي هڪ ٻئي سان رابطي ۾ رهي پئي سگهيا ۽ ٻي معلومات جي ورڇ ڪري ٿي سگهيا. هڪ مهيني اندر هارورڊ يونيورسٽيءَ جي اڌ کان وڌيڪ شاگردن مارڪ زڪر برگ جي ٺاهيل ويب سائيٽ ” thefacebook“ تي پنهنجا اڪائونٽ ٺاهي ورتا. ان کانپوءِ مارڪ ٻين تعليمي ادارن کي به پنهنجي سائيٽ تي اچڻ جي آڇ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ سال جي پڇاڙيءَ تائين هن سائيٽ تي ميمبرن جو تعداد ڏهن لکن کان به وڌي ويو. پنهنجي هاسٽل جي ڪمري مان هن ويب سائيٽ کي آپريٽ ڪندڙ نوجوان مارڪ زڪربرگ کي مختلف اشتهاري ڪمپنين اشتهار ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا ۽ ويٺي ويٺي سندس وڏي آمدني شروع ٿي ويئي. 2006ع ۾ ”thefacebook“ مان لفظ the هٽائي، ان کي صرف ”facebook“ ڪيو ويو. ابتدائي ڏينهن ۾ ئي هن ويب سائيٽ عام ماڻهن ۾ مقبوليت حاصل ڪرڻ شروع ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ميمبرن جي واڌ سان گڏ مارڪ زڪربرگ جي آمدني به وڌندي رهي. 21 جولاءِ 2010ع تائين فيس بڪ تي پنجاهه ڪروڙ کان وڌيڪ اڪائونٽ ٺهي چڪا هئا. هن وقت نوجوان مارڪ زڪربرگ لڳ ڀڳ ست ارب ڊالر دولت جو مالڪ بڻجي چڪو آهي ۽ هن پنهنجي دولت جو هڪ وڏو حصو خيراتي ڪمن تي خرچ ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو آهي. انهيءَ کان اڳ گذريل سيپٽمبر مهيني ۾ هو هڪ سئو ملين ڊالر تعليمي مقصدن خاطر امداد پڻ ڏئي چڪو آهي. فيس بڪ جي 24 سيڪڙو شيئرز جي مالڪ نوجوان مارڪ زڪربرگ تي هالي ووڊ ۾ هڪ فلم پڻ ٺهي چڪي آهي. هن وقت هو دنيا جو سڀ کان ننڍي عمر وارو بلينيئر سمجهيو وڃي ٿو. مارڪ زڪربرگ توڙي فيس بڪ ڪمپنيءَ کي سموري آمدني پاڪستان سميت سڄي دنيا مان ملندڙ اشتهارن وسيلي ٿئي ٿي. فيس بڪ استعمال ڪندڙن کان اڪائونٽ ٺاهڻ توڙي استعمال ڪرڻ جي ڪا به في نٿي ورتي وڃي.
    فيس بڪ جي مقبوليت جو اندازو انهيءَ ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته، بي بي سي جي رپورٽ مطابق ”برطانوي جي ايس ايم ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته، ”برطانيا ۾ موبائيل فون جي مدد سان ماڻهو جيترو وقت انٽرنيٽ تي گذارين ٿا، ان مان اڌ وقت فقط فيس بڪ تي گذارين ٿا!“ بي بي سي جي هڪ ٻي رپورٽ مطابق ”عرب دنيا ۾ فيس بڪ استعمال ڪندڙن جو تعداد اخبار پڙهندڙن کان به وڌيڪ آهي. مصر ۽ سعودي عرب ۾ فيس بڪ تمام گهڻو استعمال ٿئي ٿي.“ تحقيق سان باقي دنيا به ان کان مختلف نظر نٿي اچي.

    سنڌ توڙي سڄي پاڪستان ۾ پڻ ڏينهون ڏينهن فيس بڪ استعمال ڪندڙن جي تعداد ۾ واڌارو ٿيندو رهي ٿو ۽ روزانو هزارين نوان ماڻهو پنهنجا اڪائونٽ ٺاهي رهيا آهن. سڄي دنيا جيان سنڌ جي به بيشمار عام ماڻهن کان وٺي سياستدانن، اديبن، دانشورن، صحافين ۽ فنڪارن جا اڪائونٽ فيس بڪ تي نظر اچن ٿا. ڪو به عام ماڻهو فيس بڪ تي اڪائونٽ ٺاهڻ کان پوءِ دنيا جي ڪنهن به ٻئي عام ماڻهوءَ کان وٺي سياستدانن، اديبن، شاعرن، فنڪارن ۽ صحافين سان هڪ گذارش وسيلي سندن فيس بڪ فرينڊز ۾ پڻ شامل ٿي سگهي ٿو. نه فقط اهو، پر هر ماڻهو پنهنجي اڪائونٽ وسيلي سڄي دنيا جي ماڻهن جون اتي موجود تصويرون ۽ وڊيوز به ڏسي سگهي ٿو ته سندن تحريرون به پڙهي سگهي ٿو ۽ پسند اچڻ تي انهن کي ڪاپي ڪري پاڻ وٽ به رکي سگهي ٿو. ساڳي طرح، ڪو به شخص پنهنجون تصويرون، تحريرون توڙي وڊيوز سڄي دنيا جي ماڻهن تائين پهچائي به سگهي ٿو. نه فقط اهو، پر جنهن جي اڪائونٽ ۾ جيترا به فيس بڪ فرينڊز ايڊ ٿيل آهن، انهن سڀني سان هڪ ئي وقت چيٽ به ڪري سگهجي ٿو ته کين ميسيج به ڪري سگهجن ٿا، پوءِ انهن دوستن جو تعداد کڻي هزارن ۾ ڇو نه هجي. اهو ضروري ڪونهي ته فيس بڪ تي نظر ايندڙ نالي وارين شخصيتن جا سمورا پروفائيل اصلي هجن، ڇو ته اهڙين ڪيترن شخصيتن جي نالي ۾ ڪي ٻيا ماڻهو به اڪائونٽ ٺاهي ٿا ڇڏين ته ساڳئي وقت عورتن جي نالن سان ٺهيل بي شمار اڪائونٽ به ڪوڙا هجن ٿا، پر ان جو اهو مطلب بلڪل ناهي ته نالي واريون شخصيتون فيس بڪ استعمال نٿيون ڪن.
    فيس بڪ وسيلي ڪي ماڻهو زندگيءَ جا ساٿي به ڳولي وٺن ٿا. هندستان جي مشهور اداڪارا منيشا ڪوئرالا به پنهنجي مڙس جي چونڊ فيس بڪ تان ئي ڪئي هئي. فيس بڪ رشتن کي ٺاهڻ جو ڪم به ڪيو آهي ته ڊاهڻ جو پڻ. هڪ آمريڪي شخص پنهنجي پهرين زال جي اجازت کان سواءِ ٻي شادي ڪئي ته سندس پهرين زال، مڙس جي ٻي شاديءَ جون تصويرون فيس بڪ تي ڏسي نه فقط کيس پادر هنيا، پر مڙس کي (اتان جي قانون موجب) طلاق به ڏئي ڇڏي. اها خبر ته گذريل هفتي جي آهي ته نيوزيلينڊ ۾ هڪ چور، فيس بڪ تي رکيل پنهنجين تصويرن جي ڪري پڪڙجي پيو! فيس بڪ دنيا جي پنجاهه ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن کي ايئن گڏ ڪري ڇڏيو آهي، ڄڻ اهي ڪنهن هڪڙي ئي ڳوٺ ۾ رهندا هجن ۽ ڪنهن ڳوٺ جيان ئي هڪٻئي جي سرگرمين کان واقف هجن، هڪ ٻئي کي ڏسي، ٻڌي ۽ پڙهي سگهندا هجن.[/JUSTIFY]

    zaibsindhi@hotmail.com

    روزانه ڪاوش تان ورتل
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: پنجاهه ڪروڙ ماڻهن جو هڪ ڳوٺ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ فيس بوڪ تي لکيل زيب سنڌيء جو ڪالم

    ادا بلڪل فيس بوڪ دنيا ۾ گهڻي ۾ گهڻو استعال ٿي رهيو آهي۔۔۔۔زيب صاحب سهي پيو چئي۔۔۔فيس بوڪ جي دنيا جا عجيب عجيب رنگ آهن۔۔۔۔فيس بوڪ تي اسانجا نوجوان به انگريزي ۽ اردو کي ڇڏي سنڌي ۾ لکڻ جو شوق رکن ٿا۔۔۔۔اسان جا سنڌي دوست جيڪي فيس بوڪ تي نوان ٿا اچن انهن کي پڻ سنڌي لکڻ جو شوق جاڳي ٿو۔۔۔۔انهي جي ڪري فيس بوڪ اسانجي لا ۽ اسانجي ٻولي جي لا تمام سٺو آهي۔۔۔۔باقي ته فيس بوڪ جي دنيا ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي۔۔۔۔۽ دنيا سان ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي اسان جا سنڌي جوان به هلي رهيا آهن۔۔۔۔ڪجھ ڏينهن اڳ فيس بوڪ تي ويٺي ويٺي دل ۾ خيال آيوته ڇونه فيس بوڪ تي جاڳو سنڌي پيج ٺاهجي۔۔۔۔ان ۾ ڪجھ دوست منهنجا ٻانهن ٻيلي ٿيا هيئر ان پيج جا ميمبر ٻن هزارن کان به وڌيڪ ٿي ويا آهن۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پنجاهه ڪروڙ ماڻهن جو هڪ ڳوٺ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ فيس بوڪ تي لکيل زيب سنڌيء جو ڪالم

    ادا عاشق مهرباني

    سنڌ سلامت جي دوستن فيس بوڪ تي سنڌيء ۾ لکندڙن لاء (جن کي سنڌي لکڻ ڪونه ٿي اچي يا سنڌي سافٽويئر انسٽال ٿيل ڪونهي ) انهن لاء سنڌي ڪي بورڊ اپليڪيشن آندي آهي۔ جنهن ذريعي هو آسانيء سان سنڌي لکي سگهن ٿا (هت ڪلڪ ڪيو

    باقي هيء ڳاله به فيس بوڪ جي ڪم واري آهي :



    باقي سنڌ سلامت جي ڪوشش آهي ته فيس بوڪ سنڌيء ۾ آڻجي جنهن تي ڪم هلي پيو۔ دعا ڪيو ته جلد ڪاميابي ملي۔
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: پنجاهه ڪروڙ ماڻهن جو هڪ ڳوٺ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ فيس بوڪ تي لکيل زيب سنڌيء جو ڪالم

    ادا ان ڳالهه کان ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سگهي ته انگريز ڪابه شيء تيار ڪندا آهن ته ان کي پوري دنيا ۾ مشهور ڪري ڇڏيندا آهن پوء اها هنن جي پوري زندگي جي ڇو نه هڪ ۽ آخري شيء هجي۔
    ادا فيس بڪ به هڪ اها سائيٽ آهي جنهن کي پوري دنيا ۾ شايد گهڻي مان ًگهڻو استعمال ڪيو ٿو وڃي، ادا مون ڪجهه ڏينهن فيس بڪ جي عنوان تي ( فيس بڪ جي دنيا جا رنگ هزار ) هڪ تفصيلي مضمون ۽ وڊيوز سنڌ سلامت تي پڻ ونڊ ڪيون هيون جنهن کي توهان وري به ڏسي سگهو ٿا۔
    سنڌ سلامت جا دوستو اهو هي شخص آهي جنهن دنيا ۾ فيس بڪ ( ڪتابي چهرو ) جهڙي سائيٽ ايجاد ڪري پوري دنيا جي ماڻهن کي پاڻ ۾ ( دنيا جي مختلف ڪنڊن تي ويٺي ) هڪ ڪري ڇڏيو آهي۔

    [​IMG]
     
  5. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: پنجاهه ڪروڙ ماڻهن جو هڪ ڳوٺ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ فيس بوڪ تي لکيل زيب سنڌيء جو ڪالم

    هي ڳالھ واقعي ۾ زبردست آهي،،،،مان به ان ئي ڪوشش ۾ لڳو پيو آهيان ته ٻئي شادي فيس بوڪ تان ڪيان۔۔۔
    =))=))
     
  6. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: پنجاهه ڪروڙ ماڻهن جو هڪ ڳوٺ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ فيس بوڪ تي لکيل زيب سنڌيء جو ڪالم

    سائين فيس بوڪ جي ابي جو ديدار ڪرايو اوهان مهرباني۔۔۔
     
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: پنجاهه ڪروڙ ماڻهن جو هڪ ڳوٺ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ فيس بوڪ تي لکيل زيب سنڌيء جو ڪالم

    ادا انهيء فيس بڪ جي ابي جا ڪجهه يادگار انٽرويوز به توهان لاء حاضر آهن​

    http://www.youtube.com/watch?v=Bg6yltGf3EE&feature=fvst
    http://www.youtube.com/watch?v=v32AABzvCyc
    فيس بڪ جو ابو ۽ فيس بڪ ( ڪتابي چهرو ) وڊيوز ​

    http://www.youtube.com/watch?v=dXHHtBAByUQ
    http://www.youtube.com/watch?v=1znhVrb8Yek
    مارڪ زڪربرگ ڪانفرنس ( وڊيوز )​

    http://www.youtube.com/watch?v=AYRUa9keR8A
    http://www.youtube.com/watch?v=-GORu0BCSsA
    http://www.youtube.com/watch?v=T-k1rbi6V-Q
    مارڪ زڪربرگ جو مختصر تعارف ( وڊيو )​

    http://www.youtube.com/watch?v=b7oMKQ80QYA
     
  8. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: پنجاهه ڪروڙ ماڻهن جو هڪ ڳوٺ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ فيس بوڪ تي لکيل زيب سنڌيء جو ڪالم

    سائين اوهان جي مهرباني جو ايترو بهترين ۽ معلوماتي ڪالم فيسبوڪ جي باري ۾ اسان سان ونڊ ڪيو اٿوَ۔۔
    اهو سڀ پروگرامنگ جو ڪمال آهي۔۔
    ٽيڪنالاجي جي حساب سان موجوده دور ۾‌جيڪا شئي سڀ کان اڳتي آهي اها آهي پروگرامنگ يا سافٽ ويئر ڊزائننگ، ڇو ته ان جي مدد سان اسان اهڙيون هزارين شيون تيار ڪري سگهون ٿا جنهن جي هڪ جهلڪ فيسبوڪ آهي۔۔
    فيسبوڪ جتي ڪيترائي فائدا ڏنا آهن اتي نقصان پڻ آهي، واندڪائي جي وندر جي حساب سان ته فيسبوڪ سٺي ڳالهه آهي پر هر وقت فيسبوڪ فيسبوڪ ڪرڻ به تمام گهڻو نقصان ڪار آهي، جيئن هڪ قسم جون نشو هجي، فيسبوڪ به اڄ ڪلهه جي جنريشن لاءِ ايئن ٿي وئي آهي۔۔ ان جي مثبت پهلو وٺجن ۽ فقط مخصوص وقت ان لاءِ رکجي ته ڀلي ڳالهه آهي نه ته ان جا نقصان وڌيڪ آهن​
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پنجاهه ڪروڙ ماڻهن جو هڪ ڳوٺ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ فيس بوڪ تي لکيل زيب سنڌيء جو ڪالم

    دوستن جي مهرباني

    خاص ڪري ممتاز وگهيو جي جنهن معلومات ۾ ٻيڻو اضافو ڪيو۔

    دعا ڪيو ته سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان سنڌيء ۾ فيس بوڪ آڻيون
     
  10. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: پنجاهه ڪروڙ ماڻهن جو هڪ ڳوٺ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ فيس بوڪ تي لکيل زيب سنڌيء جو ڪالم

    ادا وساڻ صاحب توهان جي به مهرباني جو توهان اسان کي به ان ڪم ۾ ياد ڪيو ​
     
  11. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: پنجاهه ڪروڙ ماڻهن جو هڪ ڳوٺ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ فيس بوڪ تي لکيل زيب سنڌيء جو ڪالم

    جي سائين بلڪل اوهان سڀني جي مهرباني جو اهڙي ناياب ونڊ اسان سان شيئر ٿا ڪريو .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو