TAHIR SINDHI
سينيئر رڪن
جاويد علي شيخ
دنيا ۾ هر ملڪ جو پنهنجو تعليمي نظام آهي، جيئن جيئن دنيا ترقي ڪري رهي آهي ۽ هر شعبي ۾ جديد لاڙا جنم وٺي رهيا آهن تيئن ئي تعليم جي شعبي ۾ تبديليون ۽ جدت اچي رهي آهي، ترقي يافته ملڪن جو تعليمي نظام انتهائي موثر ۽ بهتر آهي ۽ اهي وقت سان گڏ ان ۾ بهتري وارا منصوبا به شامل ڪري رهيا آهن، برطانيا جو تعليمي نظام تمام انتهائي موثر ۽ بهتر آهي ۽ اهي وقت سان گڏ ان ۾ بهتري وارا منصوبا به شامل ڪري رهيا آهن، برطانيا جو تعليمي نظام تمام گهڻو اڳڀرو ۽ جديد آهي، اسان وٽ ورهاڱي کان اڳ جيڪو تعليمي نظام اسان کي انگريز هتي برطانيا وارا ڏئي ويا هئا اهو ئي هلي رهيو آهي ۽ اسين برطانوي تعليمي نظام کان اڃا 100 سال پٺتي آهيون، برطانيا ۾ بنيادي يعني پرائمري تعليم کان وٺي يونيورسٽي تائين جي تعليم جديد طريقي سان پڙهائي وڃي ٿي ۽ برطانيا ۾ پرائمري تعليم لاءِ 6 کان 12 سال عمر مقرر ٿيل آهي، جڏهن ته سيڪنڊري اسڪول لاءِ 12 کان 18 سال عمر ۽ هائير ايجوڪيشن لاءِ 18 کان 21 سال عمر مقرر ٿيل آهي، پرائمري تعليم دوران ٻارن جي ڪارڪردگي ڏسڻ لاءِ شاگردن جون ٽيسٽون ٿينديون رهنديون آهن. پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليمي سال پهرين سيپٽمبر کان شروع ٿيندو آهي، پنجن سالن جي ٻارڙن لاءِ تعليم لازمي قرار ڏنل آهي، جڏهن ته ٽن سالن جي ٻارڙي کي نرسري ۾ داخل ڪيو ويندو آهي، اتي 18 سالن جي عمر تائين سمورن ماڻهن لاءِ تعليم مفت آهي، سمورن اسڪولن ۽ ڪاليجن کي سرڪار فنڊ مهيا ڪندي آهي، اسڪولن طرفان سوئمنگ، ٿيٽر جي وزٽ ۽ فيلڊ ۾ مطالعاتي دورا به ڪرايا وڃن ٿا، اتي ئي ڪجهه مذهبي درسگاهن کي به سرڪاري فنڊ فراهم ٿيندا آهن، مثال طور چرچ آف انگلينڊ ۽ دي رومن ڪيٿولڪ چرچ کي به سرڪار فنڊ ڏئي ٿي، برطانيا جون يونيورسٽي آف برمنگهم ۽ ريڊ برڪ يونيورسٽي سٺي تعليم ڏيندڙ تعليمي درسگاهون آهن، برطانيا ۾ گريجوئيشن ڪرڻ لاءِ هر سال جي 3 هزار 225 پائونڊ في آهي، جيڪا اتي جي حساب سان تمام گهٽ في آهي، اتي اها سهوليت به ڏنل آهي ته گريجوئيشن ڪرڻ کانپوءِ اها في ڀري سگهجي ٿي ۽ پهرين تعليم حاصل ڪري سگهجي ٿي، جيڪي غريب ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون آهن انهن جي سموري في رياست ڀريندي آهي، جيڪي شاگرد ٻين ملڪن کان هتي تعليم حاصل ڪرڻ پهچن ٿا انهن کي گريجوئيشن ڪرڻ لاءِ مختلف لحاظ سان في ڀرڻي پوي ٿي، جنهن ۾ پنج هزار کان 20 هزار پائونڊ جي سالياني في ڀرڻي پوي ٿي، برطانيا ۾ بالغن جي تعليم به جاري آهي.
ڪاوش