برطانيا جو تعليمي نظام ۽ شاگردن کي مليل سهولتون

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏21 ڊسمبر 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    [justify] جاويد علي شيخ
    دنيا ۾ هر ملڪ جو پنهنجو تعليمي نظام آهي، جيئن جيئن دنيا ترقي ڪري رهي آهي ۽ هر شعبي ۾ جديد لاڙا جنم وٺي رهيا آهن تيئن ئي تعليم جي شعبي ۾ تبديليون ۽ جدت اچي رهي آهي، ترقي يافته ملڪن جو تعليمي نظام انتهائي موثر ۽ بهتر آهي ۽ اهي وقت سان گڏ ان ۾ بهتري وارا منصوبا به شامل ڪري رهيا آهن، برطانيا جو تعليمي نظام تمام انتهائي موثر ۽ بهتر آهي ۽ اهي وقت سان گڏ ان ۾ بهتري وارا منصوبا به شامل ڪري رهيا آهن، برطانيا جو تعليمي نظام تمام گهڻو اڳڀرو ۽ جديد آهي، اسان وٽ ورهاڱي کان اڳ جيڪو تعليمي نظام اسان کي انگريز هتي برطانيا وارا ڏئي ويا هئا اهو ئي هلي رهيو آهي ۽ اسين برطانوي تعليمي نظام کان اڃا 100 سال پٺتي آهيون، برطانيا ۾ بنيادي يعني پرائمري تعليم کان وٺي يونيورسٽي تائين جي تعليم جديد طريقي سان پڙهائي وڃي ٿي ۽ برطانيا ۾ پرائمري تعليم لاءِ 6 کان 12 سال عمر مقرر ٿيل آهي، جڏهن ته سيڪنڊري اسڪول لاءِ 12 کان 18 سال عمر ۽ هائير ايجوڪيشن لاءِ 18 کان 21 سال عمر مقرر ٿيل آهي، پرائمري تعليم دوران ٻارن جي ڪارڪردگي ڏسڻ لاءِ شاگردن جون ٽيسٽون ٿينديون رهنديون آهن. پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليمي سال پهرين سيپٽمبر کان شروع ٿيندو آهي، پنجن سالن جي ٻارڙن لاءِ تعليم لازمي قرار ڏنل آهي، جڏهن ته ٽن سالن جي ٻارڙي کي نرسري ۾ داخل ڪيو ويندو آهي، اتي 18 سالن جي عمر تائين سمورن ماڻهن لاءِ تعليم مفت آهي، سمورن اسڪولن ۽ ڪاليجن کي سرڪار فنڊ مهيا ڪندي آهي، اسڪولن طرفان سوئمنگ، ٿيٽر جي وزٽ ۽ فيلڊ ۾ مطالعاتي دورا به ڪرايا وڃن ٿا، اتي ئي ڪجهه مذهبي درسگاهن کي به سرڪاري فنڊ فراهم ٿيندا آهن، مثال طور چرچ آف انگلينڊ ۽ دي رومن ڪيٿولڪ چرچ کي به سرڪار فنڊ ڏئي ٿي، برطانيا جون يونيورسٽي آف برمنگهم ۽ ريڊ برڪ يونيورسٽي سٺي تعليم ڏيندڙ تعليمي درسگاهون آهن، برطانيا ۾ گريجوئيشن ڪرڻ لاءِ هر سال جي 3 هزار 225 پائونڊ في آهي، جيڪا اتي جي حساب سان تمام گهٽ في آهي، اتي اها سهوليت به ڏنل آهي ته گريجوئيشن ڪرڻ کانپوءِ اها في ڀري سگهجي ٿي ۽ پهرين تعليم حاصل ڪري سگهجي ٿي، جيڪي غريب ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون آهن انهن جي سموري في رياست ڀريندي آهي، جيڪي شاگرد ٻين ملڪن کان هتي تعليم حاصل ڪرڻ پهچن ٿا انهن کي گريجوئيشن ڪرڻ لاءِ مختلف لحاظ سان في ڀرڻي پوي ٿي، جنهن ۾ پنج هزار کان 20 هزار پائونڊ جي سالياني في ڀرڻي پوي ٿي، برطانيا ۾ بالغن جي تعليم به جاري آهي.
    ڪاوش
    [/justify]
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: برطانيا جو تعليمي نظام ۽ شاگردن کي مليل سهولتون

    ادا طاهر دعا ڪريو ته اسان جو ملڪ به اها منزل ماڻي ۔ باقي نه ته ٻين جون پيا تعريفون ڪنداسين
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: برطانيا جو تعليمي نظام ۽ شاگردن کي مليل سهولتون

    ادا سليمان خامين سان ڀريل سسٽم هوندي به اسان وٽ تعليمي نظام ۾ خوبيون پڻ ضرور آهن۔
    پر مسئلو هتان جي گوسڙو استادن تعليمي ماحول جو نه هئڻ آفيسرن جي ڪرپشن ۽ پيرنٽس جي عدم توجهي جو شڪار ٿيندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون آهن۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: برطانيا جو تعليمي نظام ۽ شاگردن کي مليل سهولتون

    ادا طاهر اهي خوبيون ضرور ٻڌائجان

    ڇو ته مان خوبين کي ڳوليندو پيو وتان
     
  5. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: برطانيا جو تعليمي نظام ۽ شاگردن کي مليل سهولتون

    ادا طاهر گوسڙو شاگردن جي باري ۾ ڇا خيال آهي ؟;)8-|
     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: برطانيا جو تعليمي نظام ۽ شاگردن کي مليل سهولتون

    ادا طاهر صاحب توهان جو ونڊ ڪيل مضمون پڙهيوسين، ۽ اهي به حقيقتون آهن پر اسان جي ملڪ ۾ به ڪجهه حقيقتون آهن جنهن کان ڪڏهن به منهن نه ٿو موڙي سگهجي،
    ادا ماضي ۾ ته اسان جا استاد ۽ تعليمي ماهر بهترين ٿئي گذريا آهن، علامه دائودپوٽه ، علامه آءِ‌آءِ قاضي ، محمد عثمان انصاري، وغيره، مگر هاڻ ته هر ڪو صرف پيئسي جي پويان آهي، ۽ تمام گهٽ ماڻهون آهن جنهن کي سنڌ جي ماڻهن جي تعليم جو ڪو الڪو آهي،
    ادا اسان جو هر فرد ان ڳالهه مان واقف آهي ته اسان جي نندن شهرن ۾ يا ڳوٺن ۾ ڇا ٿو ٿئي، هر اسڪول جو ماستر ويزا جو الفاظ استعمال ڪندي گهر ويٺي پگهارون کڻي ٿو۔ ( جيڪي اسلامي حساب سان حرام پگهار آهي ) ۽ انهن سان انهن جا سپروائيزر ۽ ٻيا بالا آفيسر به ٻڌل آهن۔ ۽ انهن آفيسرن پنهنجون ( حرام ڪمائي ) مان ملڪيتون ٺاهيون آهن ۽ انهن ملڪيتن تي فخر پڻ ڪن ٿا، جيڪا ڳالهه ڪنهن به شرم کان گهٽ نه آهي۔ ۽ اهڙي ريت اسان جي معصوم ٻارڙن جو مستقبل تباه ۽ برباد ٿئي رهيو آهي، جنهن جو جيترو افسوسو ڪجي اهو گهٽ آهي، جنهن جو حساب هنن کي هت به ۽ هُت به ڏيڻو پوندو۔
     
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: برطانيا جو تعليمي نظام ۽ شاگردن کي مليل سهولتون

    ادا اهو ڪم به خراب آهي ۽ اهي پنهنجي تباهي ڪري رهيا آهن جنهن جو هنن کي اڳتي پريڪٽيڪل دنيا ۾ ڀوڳڻو پوندو، ۽ انهن ڳالهين جي ڪري ئي اسان هميشه پوئتي رهيا آهيون،
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: برطانيا جو تعليمي نظام ۽ شاگردن کي مليل سهولتون

    بلڪل ادا ممتاز اوهان صحيح فرمايو

    اڄڪله تعليم کي ڪاروبار بڻايو ويو آهي۔ پرائيويٽ اسڪولن ۾ 5000 رپئي تي فل ٽائيم پڙهائڻ وارا استاد پنهنجي سرڪاري اسڪولن ۾ 25،000 پگهار کڻڻ باوجود اتي ڪونه ٿا پڙهائن۔
     
  9. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: برطانيا جو تعليمي نظام ۽ شاگردن کي مليل سهولتون

    ادا اسان به توهان سان گڏ آهيون ...
     
  10. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: برطانيا جو تعليمي نظام ۽ شاگردن کي مليل سهولتون

    ادا پنهنجو مستقبل تباه ڪندا ٻيو ڇا؟
     
  11. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: برطانيا جو تعليمي نظام ۽ شاگردن کي مليل سهولتون

    بلڪل ادا ممتاز اوهان جي 100 فيصد درست آهي۔
    الله سمجهه ڏئي۔
     
  12. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: برطانيا جو تعليمي نظام ۽ شاگردن کي مليل سهولتون

    بلڪل ادا۔
    جڏهن ته ٻيون قومون محنت ڪري اسان کي تمام گهڻو پوئتي ڇڏي چڪيون آهن!
     
  13. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: برطانيا جو تعليمي نظام ۽ شاگردن کي مليل سهولتون

    ادا تڏهن ته اسان پوئتي آهيون!
    اسان کي گهرجي ته هر ننڍي وڏي پاڙي وارن کي تعليم ڏانهن توجه ڏياريون۔
     
  14. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: برطانيا جو تعليمي نظام ۽ شاگردن کي مليل سهولتون

    ادا رياض مهرباني اوهان جي جو اسان سان گڏ آهيو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو