معاملو مهراڻ تُنهنجو
نظم
نثاراحمد ناز
ويڙِهه تُنهنجي وهڪري لئه هر گهڙي هر پَلِ ڪيون
معاملو مهراڻ تُنهنجو سِرِ ڏئي سڀ حَلِ ڪيون
ــــ
آ مياري سنڌ واسي سِيرَ تُنهنجيءَ جو قسم
جا وري ناهي ورهين کان وِيرَ تُنهنجيِءَ جو قسم
پيٽ بُکئي هُنَ مُهاڻَي مِيرَ تُنهنجي جو قسم
لُڙڪَ لاڙي ٿي ڏکڻ کان هِيرَ تُنهنجيءَ جو قسم
سامراجن سان ته جهيڙي آخري ڪا مَلِهه ڪيون
معاملو مهراڻ تُنهنجو سر ڏئي سڀ حل ڪيون!
ـــــ
آ ٽنگيل خالي پَلَي کان تنهن ته کاريءَ جو قسم
رت رُني آ هُوءَ مُهاڻِي تنهن ڏُکاريءَ جو قسم
ٿي اُڏامي تو ۾ سنڌو روز واريءَ جو قسم
۽ سُڃاتا ٿا وڃون تنهن سنڌ ساريءَ جو قسم
خُون جي ڀيٽا ڏئي اڄ ريت تُنهنجي شَلِ ڪيون
معاملو مهراڻ تُنهنجو سِرِ ڏئي سڀ حَلِ ڪيون
ــــــ
ڪوٽڙيءَ جي غمزده تن ٻن ڪنارن جو قسم
ڄامشوري جي ته اُجڙيل سڀ نظارن جو قسم
بيٺلن خالي بتيلن جي قطارن جوقسم
۽ اُجهاميل وقت کان اڳ ديپ سارن جو قسم
ڳاٽَ اونچي هٿ هٿن ۾ ڪا وڏي مشعل ڪيون
معاملو مهراڻ تُنهنجو سِرِ ڏئي سڀ حَلِ ڪيون
ـــــ
شل وهي سنڌو سدائين خوب پاڻيءَ جو قسم
”ناز“ المنظر ۾ پليل هر ڪهاڻيءَ جو قسم
ديس مهڪي سنڌ مُنهنجو رات راڻيءَ جو قسم
۽ تماچي تَڙَ ڌڻي، نوري نماڻيءَ جو قسم
هڪ ڪنڌي مهراڻ گُلَ ۽ ٻي چنبيلي وَلِ ڪيون
معاملو مهراڻ تُنهنجو سِرِ ڏئي سڀ حَلِ ڪيون