معاملو مهراڻ تُنهنجو

'سنڌي شاعري' فورم ۾ سلطان طرفان آندل موضوعَ ‏25 جون 2009۔

  1. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0

    معاملو مهراڻ تُنهنجو

    نظم
    نثاراحمد ناز

    ويڙِهه تُنهنجي وهڪري لئه هر گهڙي هر پَلِ ڪيون
    معاملو مهراڻ تُنهنجو سِرِ ڏئي سڀ حَلِ ڪيون
    ــــ
    آ مياري سنڌ واسي سِيرَ تُنهنجيءَ جو قسم
    جا وري ناهي ورهين کان وِيرَ تُنهنجيِءَ جو قسم
    پيٽ بُکئي هُنَ مُهاڻَي مِيرَ تُنهنجي جو قسم
    لُڙڪَ لاڙي ٿي ڏکڻ کان هِيرَ تُنهنجيءَ جو قسم
    سامراجن سان ته جهيڙي آخري ڪا مَلِهه ڪيون
    معاملو مهراڻ تُنهنجو سر ڏئي سڀ حل ڪيون!
    ـــــ
    آ ٽنگيل خالي پَلَي کان تنهن ته کاريءَ جو قسم
    رت رُني آ هُوءَ مُهاڻِي تنهن ڏُکاريءَ جو قسم
    ٿي اُڏامي تو ۾ سنڌو روز واريءَ جو قسم
    ۽ سُڃاتا ٿا وڃون تنهن سنڌ ساريءَ جو قسم
    خُون جي ڀيٽا ڏئي اڄ ريت تُنهنجي شَلِ ڪيون
    معاملو مهراڻ تُنهنجو سِرِ ڏئي سڀ حَلِ ڪيون
    ــــــ
    ڪوٽڙيءَ جي غمزده تن ٻن ڪنارن جو قسم
    ڄامشوري جي ته اُجڙيل سڀ نظارن جو قسم
    بيٺلن خالي بتيلن جي قطارن جوقسم
    ۽ اُجهاميل وقت کان اڳ ديپ سارن جو قسم
    ڳاٽَ اونچي هٿ هٿن ۾ ڪا وڏي مشعل ڪيون
    معاملو مهراڻ تُنهنجو سِرِ ڏئي سڀ حَلِ ڪيون
    ـــــ
    شل وهي سنڌو سدائين خوب پاڻيءَ جو قسم
    ”ناز“ المنظر ۾ پليل هر ڪهاڻيءَ جو قسم
    ديس مهڪي سنڌ مُنهنجو رات راڻيءَ جو قسم
    ۽ تماچي تَڙَ ڌڻي، نوري نماڻيءَ جو قسم
    هڪ ڪنڌي مهراڻ گُلَ ۽ ٻي چنبيلي وَلِ ڪيون
    معاملو مهراڻ تُنهنجو سِرِ ڏئي سڀ حَلِ ڪيون
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    تمام سٺي شاعري آهي سائين نثار احمد ناز جي ۽ وري توهان ان کي اسان سان شيئر ڪيو وڏي مهرباني ادا توهان جي ، توهان جي اهڙي ئي تحرير جو انتظار رهندو .
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    شل وهي سنڌو سدائين خوب پاڻيءَ جو قسم
    ”ناز“ المنظر ۾ پليل هر ڪهاڻيءَ جو قسم
    ديس مهڪي سنڌ مُنهنجو رات راڻيءَ جو قسم
    ۽ تماچي تَڙَ ڌڻي، نوري نماڻيءَ جو قسم
    هڪ ڪنڌي مهراڻ گُلَ ۽ ٻي چنبيلي وَلِ ڪيون
    معاملو مهراڻ تُنهنجو سِرِ ڏئي سڀ حَلِ ڪيون
    واهه ادا واهه تمام بهترين شيئرنگ آهي، ادا سلطان توهان دير ايندا آهيو پر درست ايندا آهيو، منهجي چوڻ جو مطلب اهو آهي ته جڏهن بي ايندا آهيو ته لاجواب لکڻيون کڻي ايندا آهيو.
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا سُلطان دوست جُڙيو هُجين شل، ڪڏهن حيران ٿي ويندو آهيان ته مُنهنجا اهي نظم جيڪي مُنهنجي دل جي ڪاغذ تان ميسارجي چُڪا هوندا آهن سي تون ڪيئن مُنهنجي دل جو آواز بڻجي واپس هڪ نرالي روپ ۾ ۽ هڪ نئين انداز ۾ زماني جي سامهون ٻيهر پيش ڪندو آهين۔ شاعري ته بروبر مُنهنجي آهي، پر ڄاڻان ٿو اها شاعري تُنهنجي دل جو آواز ، سنڌ سلامت جي روح جو آواز الغرض سموري سنڌ جي من جو آواز هوندي۔ تُنهنجا اهي ٿورا وسارڻ جهڙا ئي ڪونه آهن جو هڪڙي معمولي ڪوي کي ياد ڪندو اچين۔
     
  5. ساره

    ساره
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جون 2009
    تحريرون:
    143
    ورتل پسنديدگيون:
    102
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    واه
    واه۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو