جديد سائنسي يونيورسٽيون گهرجن!

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏21 ڊسمبر 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    [JUSTIFY]

    حفيظ ڪنڀر

    ريما! شل جُڙي هجين جڳ ۾.

    ها! سنڌ جي تعليم جي تواريخ بلڪل لکڻ گهرجي، پر اها نظرياتي ۽ سياسي تعصبن کان هٽي ڪري ڪيئن لکجي!؟ ان سوال جو جواب في الحال مون وٽ ڪو نه اٿئه. ها، گهٽ ۾ گهٽ ان کي هن دورن ۾ ورهائي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ تعليم Pre–colonial دور ۾ ڪيئن هئي؟ ڪهڙي هئي؟ ان جي ڪوائلٽي ڇا هئي؟ ان بعد برصغير ۾ Colonial دور ۾ جديد تعليم جو سوال، ۽ ورهاڱي کانپوءِ اهو ڏسڻو پوندو ته تعليم جو شعبو ڪهڙن تعصبن سان ڀرجي تعليمي تواريخ کي ئي بگاڙڻ لڳو، ڪهڙيون غلط تعليمي پاليسيون نافذ ڪري، تواريخ ۽ جاگرافي سميت سوشل سائنسز جي سبجيڪٽن کي آهستي آهستي لٺ جي ڇيڙي تي رکي، نصاب وسيلي مخصوص حافظو ۽ ذهن تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي!؟

    اسان جي بظاهر اڪثر پڙهيل لکيل ڪلاس سڄي تعليمي تواريخ کي ان نظرياتي عينڪ سان ڏٺو آهي، جيڪا عينڪ آمريتي دورن ۾ تيار ڪئي ويئي هئي. سنڌ ۾ به تعليم جي تواريخ کي ان ئي سياسي نقطهءِ نظر سان ڏٺو ويو، جيڪو 1920ع کانپوءِ برصغير ۾ جڙي، 1947ع کانپوءِ چوٽ چڙهي چڪو هو، ۽ خاص طرح ايئن چيو ويو ته برصغير توڙي سنڌ جي مسلمان آبادي ڪانگريس ۽ انگريزن جي سازش سبب پوئتي رهجي ويئي. ڪنهن به ڳالهه کي سازش قرار ڏيڻ کانپوءِ ماڻهو ذميوارين يا ماضي جي حساب ڪتاب ڪرڻ کان آجو ٿي وڃي ٿو. جيڪڏهن سبب سازش ئي قرار ڏجي ته پوءِ ٻيا سبب ڳولڻ جي ضرورت ئي نٿي رهي. هتي به سنڌ جي هندو آبادي کي مسلمانن کان تعليم جو حق کسڻ سازش قرار ته ڏنو ويو، پر اهو نه ڏٺو ويو ته بئريسٽر غلام محمد ڀرڳڙي سنڌ جي مسلم آبادي کي جديد تعليم طرف کڻي وڃڻ لاءِ جڏهن اسيمبليءَ ۾ في ايڪڙ هڪ رپيو تعليمي ٽيڪس هڻڻ جي لاءِ رٿ پيش ڪئي، ته اڪثريتي جاگيردار، ڀوتار ۽ وڏيرڪي ٽولي اها رٿ ئي رد ڪرائي ڇڏي. ٻي ڳالهه ته ان دور جي آسپاس جڏهن حسن علي آفندي، مير غلام محمد ٽالپر، نور محمد وڪيل ۽ مسلمانن جون تعليمي ڪميٽيون جڏهن تعليمي ادارا قائم ڪرڻ لاءِ ميدان تي لٿا هئا، ته ڇا انهن خلاف سنڌ ۾ جلوس پئي نڪتا!؟ ريما! ان دور ۾ سنڌ جي مڊل ڪلاس واپاري هندو آبادي جيڪي ڪميونٽي اسڪولز کوليا هئا، اهڙا اسڪولز ته ڪراچي ۾ ان وقت ٻين ڪميونٽيز جا به هوندا هئا، ۽ اڃا تائين اهڙن اسڪولن جو وجود آهي جن ۾ ڪميونٽيز جا ٻار ئي پڙهي سگهن ٿا، يا انهن ٻارن کي وڌيڪ رعايتون ڏنيون وڃن ٿيون.

    هڪ طرف ڇتي جاگيرداري ماڻهن جي ڪلهن تي سوار ٿي کين غربت طرف پئي ڌڪيو، ته ٻئي طرف مسڪين آباديءَ کي جهالت پئي ورثي ۾ ڏنائين. سنڌ ۾ جڏهن مير صاحبن جي Visionless حڪمراني جا جلوا جاري هئا ته ٻئي جهان ۾ ڪلڪتي/بنگال تائين جديد تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ تحريڪون به هلي چڪيون هيون ۽ جديد تعليمي ادارا به قائم ٿي چڪا هئا. 1838ع ۾ وليم ايڊم سمٿ جي رپورٽ موجب بنگال ۽ بهار جي پنجن ضلعن ۾ عربي ۽ فارسي جي مڪتبن ۾ شاگردن جو تعداد 3654 هو، ۽ عربي ۽ فارسي پڙهندڙ هندو شاگردن جو تعداد 2096 هو، جڏهن ته مسلمان شاگرد تعداد ۾ گهٽ هئا. ٻئي طرف جيڪي مقامي ٻولين جا اسڪولز هئا، انهن ۾ 24211 شاگردن مان 22951 شاگرد هندو هئا ۽ مسلمان شاگردن جو تعداد فقط 1260 هو. 1841ع کان 1856ع تائين هن خطي جي سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ تقريباً اهو ئي تناسب رهيو... ايستائين سنڌ ۾ ڇا هو؟ شايد ڪجهه به نه!

    سنڌ ۾ 1901ع ۾ فقط ٽي مسلمان گريجوئيٽ هئا. ٻئي طرف يو پي جي مسلم آبادي 1930ع تائين تعليم ۾ اڳتي نڪري، ڪوٽا کان به وڌيڪ تعداد ۾ نوڪرين ۾ داخل ٿي چڪي هئي. ورهاڱي ۾ سنڌ جي پڙهيل لکيل آبادي ته نڪري ويئي ۽ پوءِ جيڪو منظر آهي، سو ويجهڙ جي تواريخ آهي. ورهاڱي بعد اسٽيبلشمينٽ ۾ پلانٽ ٿيل مخصوص گروهن لاءِ ضروري ٿي پيو ته اهي تعليم کي نظرياتي ويس وڳا پارائين. بنگالي، جيڪي جديد تعليم جو پراڻو پس منظر رکندا هئا، تن تي به ان نظرياتي زور آوري تحت اردو ٻولي نافذ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي هئي. باقي حصي ۾ به اردو کي رابطي بجاءِ نظرياتي بنياد ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. جڏهن بنگال کي ڌار ڪري ان کي ”سقوط ڍاڪا“ قرار ڏنو ويو ته باقي پاڪستان جو تعليمي ريشو ڦانهه ٿي اچي پَٽ تي ڪريو هو. ڪلونيَل دور ۾ مسلم آبادي ۾ جيڪو جديد تعليم ڏانهن سر سيد احمد خان ذريعي رخ ڪيو هو، ان جي لهر سنڌ تائين ته پهتي هئي، پر تيستائين ڪافي دير ٿي چڪي هئي.

    هوڏانهن برصغير، خاص طور بنگال جي غير مسلم آبادي، تعليم طرف رجعت پرست ائپروچز کان پاڻ بچائيندي، جديد تعليم ۾ ڪافي اڳتي نڪري چڪي هئي.

    توکي خبر آهي ته جديد انڊيا جو ابو گانڌي بجاءِ ان راجا موهن راءِ (1772ع–1833ع) کي قرار ڏنو ٿو وڃي، جيڪو سوشل ريفارمر ۽ ايجوڪيشنسٽ هو. هن هندستان جي روايتي ڪلچر، ريتن، رسمن خلاف مهم هلائي. سَتيءَ واري رسم خلاف هيءُ سکئي گهر جو، اوچي ذات وارو همراهه اُٿي بيٺو. بيواهه عورتن جي شادين جي حمايت ۾ مهم هلائڻ، ڏاج جي مخالفت ڪرڻ جهڙا ڌنڌا به ڪيائين، پر ان کان وڌيڪ تعليمي ميدان ۾ جدت ڀريو انقلاب آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪيائين. انگريز سرڪار جڏهن ڪلڪتي ۾ سنسڪرت جي يونيورسٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ته راجا رام موهن راءِ ان يونيورسٽي جي مخالفت لاءِ اهو چئي اٿي بيٺو ته هتان جي ماڻهن کي سنسڪرت (جيڪا مذهبي ٻولي تصور ڪئي ٿي وڃي) جي يونيورسٽي جي ضرورت ناهي، پر اهڙي انگلش ميڊيم يونيورسٽي جي ضرورت آهي، جنهن ۾ جديد علم پڙهايا وڃن ۽ هو سرڪار کان اهڙو ادارو وٺي وڃڻ ۾ ڪامياب به ويو.

    مٿين ڳالهين کي ذهن ۾ رکي ان سوال جو جواب ڳولڻ گهرجي ته سنڌ جي نسلن لاءِ پاڻ کي ڪهڙين يونيورسٽين جي ضرورت آهي!؟ يقيناً سنڌ جي ماڻهن کي جديد کان جديد تر سائنسي علم پڙهائڻ ۽ دنيا جون ترقي يافته ٻوليون پڙهائڻ لاءِ اهڙن ميگا تعليمي پراجيڪٽن جي ضرورت آهي، جن ۾ سنڌي نوجوان پرامن، نظم ضبط واري ۽ جديد ماحول ۾ جديد علمن طرف ۽ تحقيق طرف وڌي سگهي. سنڌ ۾ اهڙيون ئي يونيورسٽيون ٺهڻ گهرجن، جيڪي اسان جي نسلن کي نئين دنيا جي رستن تي هلائي سگهن يا اهڙا ادارا قائم ڪجن، جيڪي وقت جي جديد قدرن کان تمام پري هجن. منهنجي ڳالهه جي سمجهي آهين ته ايندڙ خط ۾ ان کي اڳتي وڌائج.

    فقط تنهنجو، حفيظ ڪنڀر، حيدرآباد.

    writerhafeez@yahoo.com
    ڪاوش[/JUSTIFY]
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جديد سائنسي يونيورسٽيون گهرجن!

    حفيظ ڪنڀر کي ريما جا لکيل خط پڙهي محسوس ٿيندو آهي ته اها ريما اسان سڀني سنڌين سان مخاطب آهي۔ مٿين اقتباس کي پڙهي محسوس ٿو ٿئي ته اسان سان ڪيڏي ويڌن ٿي آهي
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: جديد سائنسي يونيورسٽيون گهرجن!

    بلڪل ادا صحيح پيا چئو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو