نثارابڙو
نائب منتظم
دوستو ! انسان ڪڏهن ڀري ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾ ڪڏهن غمن جي ساگر ۾ ته ڪڏهن خوشين جي طوفان ۾ هوندو آهي ۔۔۔ پر ڪجهه ڳالهيون اهڙيون هونديون آهن جي انسان کي هميشه ڀاۡڪر ۾ ۽ خوشي سان زندگي جا ڏهاڙا گذارڻ ۾ مدد ڪنديون آهن ۔۔۔ بشرطيق انسان جو ضمير جيئرو هجي ۽ جاڳندو هجي ۔۔۔ باقي مئل ۽ ستل ّّضمير ماڻهون تي دنيا جي ڪا به نصيحت يا چڱائي اثر ناهي ڪندي ۔۔۔ هي ڳالهيون به ڪجه اهڙيون آهن جي ستل ضمير واري کي به شايد جاڳائي وجهن ۔۔۔
کس ڪم جهان پاڪ ۔۔۔ جيتري ڀلائي هوندي اوترو برائي گهٽ ٿيندي ۔۔۔ جيترو سج آسمان تي چڙهندو آهي اوترو اونداهي جا پاڇولا ننڍا ٿيندا آهن ۔۔۔
کس ڪم جهان پاڪ ۔۔۔ جيتري ڀلائي هوندي اوترو برائي گهٽ ٿيندي ۔۔۔ جيترو سج آسمان تي چڙهندو آهي اوترو اونداهي جا پاڇولا ننڍا ٿيندا آهن ۔۔۔
ڪنهن اجنبيءَ کي مشڪ ڏيو
ڪنهنجي دل جو آواز ٻڌو
ڪنهن ضرورتمند جي ضرورت پوري ڪريو
ڪا نئين شئي سکو ۽ ٻين کي سيکاريو
ڪنهنکي ٻڌايو ته اوهين کيس ئي سوچي رهيا آهيو
ڪنهن پياري کي ڀاڪر پايو
ڪاوڙ نه رکو
ڪنهنکان معافي وٺڻ کان نه ڪيٻايو
ڪنهن ٻار جي اکين ۾ ڏسي کيس چئو ته ڪيترو نه سهڻو ٿو لڳي
گهر ۾ نظر آيل ڪوريئڙي کي مارڻ بجاءِ کيس ٻاهر جو رستو ڏيکاريو
ڪنهن ماڻهونءَ جي ٻاهر جي بجاءِ انجي دل تائين نهاريو
واعدو ڪيو ته پاڙيو
ڪنهنکي ياد ڪيو، ڪنهن ڪم لاءِ نه فقط سلام لاءِ
جانورن کي رحم واري نظر سان ڏسو
پنهنجي ايمان جو پورائو ڪيو
مينهن جي خوشبو، هوا جو سڳنڌ ۽ آواز محسوس ڪيو ۽ مزو ماڻيو
پنهنجا سڀ حواس چڱيءَ طرح استعمال ڪريو
اڄ کي خوشيءَ سان گذاريو