اڄ جي ڳالهه

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏22 ڊسمبر 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [JUSTIFY]دوستو ! انسان ڪڏهن ڀري ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾ ڪڏهن غمن جي ساگر ۾ ته ڪڏهن خوشين جي طوفان ۾ هوندو آهي ۔۔۔ پر ڪجهه ڳالهيون اهڙيون هونديون آهن جي انسان کي هميشه ڀاۡڪر ۾ ۽ خوشي سان زندگي جا ڏهاڙا گذارڻ ۾ مدد ڪنديون آهن ۔۔۔ بشرطيق انسان جو ضمير جيئرو هجي ۽ جاڳندو هجي ۔۔۔ باقي مئل ۽ ستل ّّضمير ماڻهون تي دنيا جي ڪا به نصيحت يا چڱائي اثر ناهي ڪندي ۔۔۔ هي ڳالهيون به ڪجه اهڙيون آهن جي ستل ضمير واري کي به شايد جاڳائي وجهن ۔۔۔

    کس ڪم جهان پاڪ ۔۔۔ جيتري ڀلائي هوندي اوترو برائي گهٽ ٿيندي ۔۔۔ جيترو سج آسمان تي چڙهندو آهي اوترو اونداهي جا پاڇولا ننڍا ٿيندا آهن ۔۔۔
    [/JUSTIFY]

    [​IMG]

    [JUSTIFY]
    ڪنهن اجنبيءَ کي مشڪ ڏيو
    ڪنهنجي دل جو آواز ٻڌو
    ڪنهن ضرورتمند جي ضرورت پوري ڪريو
    ڪا نئين شئي سکو ۽ ٻين کي سيکاريو
    ڪنهنکي ٻڌايو ته اوهين کيس ئي سوچي رهيا آهيو
    ڪنهن پياري کي ڀاڪر پايو
    ڪاوڙ نه رکو
    ڪنهنکان معافي وٺڻ کان نه ڪيٻايو
    ڪنهن ٻار جي اکين ۾ ڏسي کيس چئو ته ڪيترو نه سهڻو ٿو لڳي
    گهر ۾ نظر آيل ڪوريئڙي کي مارڻ بجاءِ کيس ٻاهر جو رستو ڏيکاريو
    ڪنهن ماڻهونءَ جي ٻاهر جي بجاءِ انجي دل تائين نهاريو
    واعدو ڪيو ته پاڙيو
    ڪنهنکي ياد ڪيو، ڪنهن ڪم لاءِ نه فقط سلام لاءِ
    جانورن کي رحم واري نظر سان ڏسو
    پنهنجي ايمان جو پورائو ڪيو
    مينهن جي خوشبو، هوا جو سڳنڌ ۽ آواز محسوس ڪيو ۽ مزو ماڻيو
    پنهنجا سڀ حواس چڱيءَ طرح استعمال ڪريو
    اڄ کي خوشيءَ سان گذاريو​
    [/JUSTIFY]​
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اڄ جي ڳالهه

    سائين نثار سلام

    اوهان جو لاجواب ونڊ جنهن جي هر سٽ ۾ هڪ سبق سمايل آهي۔ خبر ناهي ڇو اسان اهي ڳالهيون پڙهون ته ٿا پر هئين سان ڪونه ٿا لايون ، انهن تي عمل ڪونه ٿا ڪيون۔

    هن هڪ ڳاله کي ئي وٺو ، ڇا اسان ڪڏهن ڪنهن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا۔ مونکي حضرت عليء جو هڪ قول ٿو ياد اچي ته جيڪو ماڻهو اوهان جي چهري کي ڏسي اوهان جي پريشانيء کي نه سمجهي سگهي ، ان جي سامهون پنهنجي پريشانيء جو اظهار ڪري شرمنده نه ٿيو۔

    اوهان کي جس هجي جو هميشه ڀلا ليک کڻي ، نصيحت واريون ڳالهيون کڻي اسان سان ٿا ونڊيو۔ رب پاڪ اوهان کي پنهنجي امان ۾ رکي ۽ هميشه خوش رکي۔۔۔
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: اڄ جي ڳالهه

    محترم نثار ابڙو صاحب۔اوهانجون ونڊ ڪيل ڳالھيون انمول موتي آهي۔
    اسان کي اوهانجي ونڊ ڪيل ڳالهين تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي۔


     
  4. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: اڄ جي ڳالهه

    [justify]
    ڪنهن اجنبيءَ کي مشڪ ڏيو
    ڪنهنجي دل جو آواز ٻڌو
    ڪنهن ضرورتمند جي ضرورت پوري ڪريو
    ڪا نئين شئي سکو ۽ ٻين کي سيکاريو
    ڪنهنکي ٻڌايو ته اوهين کيس ئي سوچي رهيا آهيو
    ڪنهن پياري کي ڀاڪر پايو
    ڪاوڙ نه رکو
    ڪنهنکان معافي وٺڻ کان نه ڪيٻايو
    ڪنهن ٻار جي اکين ۾ ڏسي کيس چئو ته ڪيترو نه سهڻو ٿو لڳي
    گهر ۾ نظر آيل ڪوريئڙي کي مارڻ بجاءِ کيس ٻاهر جو رستو ڏيکاريو
    ڪنهن ماڻهونءَ جي ٻاهر جي بجاءِ انجي دل تائين نهاريو
    واعدو ڪيو ته پاڙيو
    ڪنهنکي ياد ڪيو، ڪنهن ڪم لاءِ نه فقط سلام لاءِ
    جانورن کي رحم واري نظر سان ڏسو
    پنهنجي ايمان جو پورائو ڪيو
    مينهن جي خوشبو، هوا جو سڳنڌ ۽ آواز محسوس ڪيو ۽ مزو ماڻيو
    پنهنجا سڀ حواس چڱيءَ طرح استعمال ڪريو
    [/justify]​
    [/quote]
    ادا توهان هي سڀ ڏس مفيد آهن۔
     
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: اڄ جي ڳالهه

    تمام بهترين ڏس پتا آهن اميد ته انهن ڏس پتن تي هلڻ جي ڪوشش ڪبي

    سدائين گڏ
     
  6. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: اڄ جي ڳالهه

    جڍسائين تمام بهترين مهرباني ونڊ ڪرڻ جي
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اڄ جي ڳالهه

    ڪالهه جڏهن هن ليک تي ادي وساڻ جواب موڪليو هو ته ڏسڻ کانپو ڪجهه ڪم ڪار سبب سوچيم ته سڀاڻي سندس جا ٿورا مڃبا ۔۔۔۔ پر اڄ جڏهن ادي سليمان جي حادثي جي خبر پئي ته اکيون آبشار ٿيڻ لڳيون ته مون کيس رابطو ڪري خيريت معلوم ڪئي ۔۔۔ خبر پئي ته دوست ۽ سندس ڀا ٻئي خيرن سان آهن ۔۔۔ الله جا شڪر ۔۔

    ڪالهه ادي وساڻ 10 ڏينهن جي اجازت ورتي هئي ۽ شايد ان سبب کوڙ ساترا ليک ونڊ به ڪيا ۽ پهريون دفعو پتي وساڻ جي نيراڻ سان ڀريل هئي ۔۔۔ مونکي خوشي ٿي

    رب العالمين دوستن کي هميشه پنهنجي امان ۾ رکي ۔۔۔ آمين
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اڄ جي ڳالهه

    رب العالمين اسانکي عمل جي توفيق عطا فرمائي ۔۔۔۔ آمين
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اڄ جي ڳالهه

    سائين نثار مون ادا رشيد کي فون ڪري انڪري اطلاع ڏنو ته جيئين آسپاس موجود ڪنهن دوست کي چئي مدد ڪري۔ پر ادا رشيد ته وري ٿريڊ ٺاهي دوستن سان ونڊ ڪري سڀني کي پريشان ڪري ڇڏيو۔ جيستائين دوستن کي صحيح خبر پئي تيستائين اوهان سميت سڀ پريشان هئا۔

    اوهان جا لک ٿورا جو اوهان ايترو پري هوندي به ان ئي وقت رابطو ڪيو ۽ اسان جي صحت لاء دعائون به گهريون۔ سائين مولوي رحيم بخش صاحب جن کي رب پاڪ خوش رکي فورن پهتا ، سندن جا احسان ڪهڙا ڳائي ڪهڙا ڳائجن ۔۔۔۔

    ٿورا نه ٿورا مونتي ماروٿڙن جا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو