گڏه جي آٽوبايوگرافي
مان گڏه آهيان. انسان چاهي مڃي يا نه مڃي پر مونکي يقين آهي ته مان دنيا جي تاريخ ۾ تمام گھڻو ڪردار ادا ڪيو آهي. دنيا جي ترقي ڪنهن دور ۾ گھڻي قدر مون تي منحصر هوندي هئي. هاڻي منهنجي جاءِ خود ماڻهن والاري ورتي آهي. سائنسي ترقيءَ جي باوجود منهنجي مٿان تمام گھڻو بار لهي ويو آهي. پر پوءِ به توهان جيڪڏهن منهجي پٺيءَ کي غور سان ڏسندا ته، توهان کي خود ئي خبر پئجي ويندي ته منهنجي مٿان توهان کي بي تحاشا تشدد ٿيل نطر ايندو. مان هميشه توهان کي ڦٽيل نظر ايندس. منهنجي وڏي ۾ وڏي خاصيت اهيا آهي ته، توهان مونکي وزن کڻڻ لاءِ استعمال ڪري سگھو ٿا، ۽ ان سان گڏوگڏ جيڪڏهن مان ڪا ٿوري به غفلت ڪيان ته پوءِ توهان مونکي سوٽين سان سٽي به سگھو ٿا. ۽ توهان ڏٺو هوندو ته مونسان ايئين اڪثر ٿيندو به رهندو آهي. توهان ڏسندو ته، دنيا جي انهن علائقن ۾ جيڪي ترقيءَ کان وانجھيل آهن، انهن جي گذر سفر جو ذريعو اڄ به مان ئي آهيان. سنڌي ماڻهن لاءِ ته منهنجو خاص ڪردار آهي. جابلو علائقن ۾ رهندڙ ماڻهو به مونکي ئي استعمال ڪندا آهن. افغانستان مان مان ئي ته دهشتگردن لاءِ بم ۽ گولا کڻي ايندو آهيان. پر ان ۾ منهنجو ڪو به ڏوه نه آهي. مان پنهجي آقائن اڳيان هميشه مجبور ۽ لاچار رهيو آهيان. مونکي هڪڙي ڳالھ تي تمام گھڻو تعجب ٿيندو آهي ته. دنيا جي واحد سپر ملڪ آمريڪا جي هڪڙي سياسي پارٽيءَ ته مونکي انتخابي نشان طور منتخب ڪري ڇڏيو آهي. مون جهڙي واهيات جانور کي ايترو مان ڏئي، هو ثابت ته الاءِ ڇا ٿا ڪرڻ چاهن. صبح جو سوير، مونکي گڏه گاڏي ۾ جوٽيو ويندو آهي. ۽ پوءِ سڄو ڏينهن مونکي ڪم ۾ وهايو ويندو آهي. چاهي گرمي هجي يا سردي ڏينهن هجي يا رات، جھڙ هجي يا مينهن، هيٺاهين هجي يا مٿاهين، مان ته هر وقت حاضر هوندو آهيان، توهان جي خدمت لاءِ. مونکي اهيا ته خبر ناهي ته هن دنيا ۾ سڀ کان پهرين انسان جي آمد ٿي هئي يا ڪنهن گڏه جي؟ پر مان ايترو ضرور سمجھان ٿو ته، جتي خلقيندڙ انسان لاءِ ٻيون شيون خلقيون، اتي منهجي تخليق کي پڻ اهم سمجھيو. ڇاڪاڻ ته خدا کي خبر هئي ته اڳتي هلي ماڻهوءَ کي ڌرتيءَ تي وڏيون وڏيون عمارتون، گس ۽ پيچرا ٺاهڻا پوندا، وڏا وڏا پهاڙ گھلڻا پوندا ۽ اهو سڀ ڪجھ اڪيلي سر ڪرڻ هن جي وس کان هرگز ٻاهر هوندو، تنهن ڪري هن جي ٿڪاوٽ کي گھٽائڻ لاءِ جتي هن منهنجي برادريءَ جي ٻين جانورن جھڙوڪه، اٺ، گھوڙي ۽ ڏاند جي پئدائش کي اهم سمجھيو، اتي هن مونکي به انسان جي لاءِ تحفي طور پيدا ڪيو. ان ڏينهن کان وٺي مون پنهنجي فرض ۾ هڪ تر جيتري به ڪوتاهي ڪو نه ڪئي آهي ۽ انسان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي لوڙيندو رهيو آهيان. مان پنهنجي برادريءَ جي ٻين دوستن ۽ ڀائرن سان نهايت ئي مخلص رهيو آهيان، ۽ انهن سان ڪنهن به قسم جي ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ کان هميشه ڪترائيندو آهيان. پر ان جي باوجود به مونکي نهايت ئي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته، منهنجو ڀاءُ گھوڙو ڪڏهن ڪڏهن مون سان ناجائزي ڪري ويندو آهي. آءٌ پنهجي شڪايت جو اظهار ڪجھ هن ريت ڪندس ته، گھوڙو هونئن ته مان ۽ مرتبي ۾ مونکان تمام گھڻو مٿانهون آهي، پر هن پنهنجي اندر جي آڳ کي اجھائڻ لاءِ منهنجي نسل کي ڏاڍو بگاڙي ڇڏيو آهي. ۽ منهنجي نسل کي خچر جي روپ ۾ گڊو بڻائي ڇڏيو آهي.
هلندڙ..............................
رشيدالله زهراڻي