گڏه جي آٽوبايوگرافي

'سنڌي ادب' فورم ۾ رشيدالله طرفان آندل موضوعَ ‏22 ڊسمبر 2010۔

  1. رشيدالله

    رشيدالله
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏15 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    گڏه جي آٽوبايوگرافي
    مان گڏه آهيان. انسان چاهي مڃي يا نه مڃي پر مونکي يقين آهي ته مان دنيا جي تاريخ ۾ تمام گھڻو ڪردار ادا ڪيو آهي. دنيا جي ترقي ڪنهن دور ۾ گھڻي قدر مون تي منحصر هوندي هئي. هاڻي منهنجي جاءِ خود ماڻهن والاري ورتي آهي. سائنسي ترقيءَ جي باوجود منهنجي مٿان تمام گھڻو بار لهي ويو آهي. پر پوءِ به توهان جيڪڏهن منهجي پٺيءَ کي غور سان ڏسندا ته، توهان کي خود ئي خبر پئجي ويندي ته منهنجي مٿان توهان کي بي تحاشا تشدد ٿيل نطر ايندو. مان هميشه توهان کي ڦٽيل نظر ايندس. منهنجي وڏي ۾ وڏي خاصيت اهيا آهي ته، توهان مونکي وزن کڻڻ لاءِ استعمال ڪري سگھو ٿا، ۽ ان سان گڏوگڏ جيڪڏهن مان ڪا ٿوري به غفلت ڪيان ته پوءِ توهان مونکي سوٽين سان سٽي به سگھو ٿا. ۽ توهان ڏٺو هوندو ته مونسان ايئين اڪثر ٿيندو به رهندو آهي. توهان ڏسندو ته، دنيا جي انهن علائقن ۾ جيڪي ترقيءَ کان وانجھيل آهن، انهن جي گذر سفر جو ذريعو اڄ به مان ئي آهيان. سنڌي ماڻهن لاءِ ته منهنجو خاص ڪردار آهي. جابلو علائقن ۾ رهندڙ ماڻهو به مونکي ئي استعمال ڪندا آهن. افغانستان مان مان ئي ته دهشتگردن لاءِ بم ۽ گولا کڻي ايندو آهيان. پر ان ۾ منهنجو ڪو به ڏوه نه آهي. مان پنهجي آقائن اڳيان هميشه مجبور ۽ لاچار رهيو آهيان. مونکي هڪڙي ڳالھ تي تمام گھڻو تعجب ٿيندو آهي ته. دنيا جي واحد سپر ملڪ آمريڪا جي هڪڙي سياسي پارٽيءَ ته مونکي انتخابي نشان طور منتخب ڪري ڇڏيو آهي. مون جهڙي واهيات جانور کي ايترو مان ڏئي، هو ثابت ته الاءِ ڇا ٿا ڪرڻ چاهن. صبح جو سوير، مونکي گڏه گاڏي ۾ جوٽيو ويندو آهي. ۽ پوءِ سڄو ڏينهن مونکي ڪم ۾ وهايو ويندو آهي. چاهي گرمي هجي يا سردي ڏينهن هجي يا رات، جھڙ هجي يا مينهن، هيٺاهين هجي يا مٿاهين، مان ته هر وقت حاضر هوندو آهيان، توهان جي خدمت لاءِ. مونکي اهيا ته خبر ناهي ته هن دنيا ۾ سڀ کان پهرين انسان جي آمد ٿي هئي يا ڪنهن گڏه جي؟ پر مان ايترو ضرور سمجھان ٿو ته، جتي خلقيندڙ انسان لاءِ ٻيون شيون خلقيون، اتي منهجي تخليق کي پڻ اهم سمجھيو. ڇاڪاڻ ته خدا کي خبر هئي ته اڳتي هلي ماڻهوءَ کي ڌرتيءَ تي وڏيون وڏيون عمارتون، گس ۽ پيچرا ٺاهڻا پوندا، وڏا وڏا پهاڙ گھلڻا پوندا ۽ اهو سڀ ڪجھ اڪيلي سر ڪرڻ هن جي وس کان هرگز ٻاهر هوندو، تنهن ڪري هن جي ٿڪاوٽ کي گھٽائڻ لاءِ جتي هن منهنجي برادريءَ جي ٻين جانورن جھڙوڪه، اٺ، گھوڙي ۽ ڏاند جي پئدائش کي اهم سمجھيو، اتي هن مونکي به انسان جي لاءِ تحفي طور پيدا ڪيو. ان ڏينهن کان وٺي مون پنهنجي فرض ۾ هڪ تر جيتري به ڪوتاهي ڪو نه ڪئي آهي ۽ انسان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي لوڙيندو رهيو آهيان. مان پنهنجي برادريءَ جي ٻين دوستن ۽ ڀائرن سان نهايت ئي مخلص رهيو آهيان، ۽ انهن سان ڪنهن به قسم جي ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ کان هميشه ڪترائيندو آهيان. پر ان جي باوجود به مونکي نهايت ئي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته، منهنجو ڀاءُ گھوڙو ڪڏهن ڪڏهن مون سان ناجائزي ڪري ويندو آهي. آءٌ پنهجي شڪايت جو اظهار ڪجھ هن ريت ڪندس ته، گھوڙو هونئن ته مان ۽ مرتبي ۾ مونکان تمام گھڻو مٿانهون آهي، پر هن پنهنجي اندر جي آڳ کي اجھائڻ لاءِ منهنجي نسل کي ڏاڍو بگاڙي ڇڏيو آهي. ۽ منهنجي نسل کي خچر جي روپ ۾ گڊو بڻائي ڇڏيو آهي.

    هلندڙ..............................

    رشيدالله زهراڻي
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: گڏه جي آٽوبايوگرافي

    ادا بهترين ونڊ آهي .
     
  3. رشيدالله

    رشيدالله
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏15 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: گڏه جي آٽوبايوگرافي

    سائين توهان جي مهرباني۔
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: گڏه جي آٽوبايوگرافي

    ادا زهراڻي، اوهانکي ڀلا اهو گڏه تي لکڻ لا ڪهڙي گڏهه زور ڀريو، يا وري متاثر ڪيو ۔۔۔ گڏه جيتوڻيڪ آهي ته ڪارائتو جانور ۽ مٿس پيغمبرن به سواري ڪئي اٿس ۔۔۔ ۽ سنڌين پڻ 5000 سالن ۾ جيڪا ترقي ڪئي آهي جو ڏاند گاڏي ڦٽي ڪري هاڻ گڏهه گاڏو اپنايو اٿن ۔۔۔!!!

    خئير اوهان جيڪڏهن گڏهن کان ايترو ئي متاثر آهيو ته ڪنهن گڏهه جي روپ ۾ انسان جو احوال به لکي موڪليو ۔۔۔

    خوش هجو گڏهن جي دنيا ۾ ۔۔۔ پر يار گڏهن تي لکڻ ته پنهنجي جا تي پر انهن جون ڪجهه فطري ڪچايون لکڻ کان گريز به ڪندا ڪريو ۔۔۔ مون هن جو آخري حصو ڪجهه هڙپ ڪيو آهي ۔۔۔ معاف ڪجو ۔۔۔ هن اڱڻ تي هر سوچ جو دوست ايندو آهي انڪري ڪجهه ڳالهيون لڪل ڀليون هونديون آهن ۔۔۔ اميد ته ڳالهه سمجهي ويا هوندا ۔۔۔

    دعائن ۾ گڏ
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: گڏه جي آٽوبايوگرافي

    سائين نثار ابڙو صاحب درست پيا چون، هن فورم جا ڪجهه اصول آهن جن ۾ سڀ کان اڳ ۾ تهذيب جي دائري ۾ اندر موڪليل موضوعن کي هٿي ڏني وڃي ٿي۔۔۔ جيئن ته هي توهان جو پهريون موضوع آهي ان ڪري ان مان ڪجهه ڳالهين کي ڪٽي ڪري تحرير کي مڪمل ڪيو ويو آهي، براءِ‌ مهرباني اڳتي خيال ڪندا۔۔۔
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: گڏه جي آٽوبايوگرافي

    مضمون ته واه جو آهي گڏه بابت پر رشيد الله يقين ڪر ته مونکي کل آئي ان ڳالهه تي ته آمريڪا وارن مون کي انتخابي نشان ڪيو آهي

    ها ها ها ................

    پر ادا توهان کي شايد اها خبر ناهي ته رت ڌانگي تي به ورندي آهي



    سدائين گڏ
     
  7. رشيدالله

    رشيدالله
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏15 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: گڏه جي آٽوبايوگرافي

    سائين توهان دوستن جون لکين عنايتون۔

    مان مڃان ٿو ته آخر ۾ موضوع ڪجھ ڪچائي جو شڪار ٿو ويو آهي، ۽ مان آئنده لا ان طرف پورو پورو ڌيان ڏيندس ته جيئن هن فورم جي آدابن جو لحاظ قائم رهي۔ منهنجا عزيز دوستو دراصل منهنجي هن ننڍڙي ڪاوش لکڻ جو بنيادي سبب هن گھُٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ سنگت جي چهري تي مسڪراهٽن جا گلاب ڦهلائڻ هو۔ جيڪڏهن توهان جي چهري تي هڪ لمحي لا صحيح ڪا ننڍڙي مرڪ آئي هجي ته ڄڻ منهنجو مقصد پورو ٿي ويو۔ جن دوستن کي ڪجھ بوگس لڳو آهي ته مان معافي جو طلبگار آهيان۔


    مهربانيون جڙيا هجو شال
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: گڏه جي آٽوبايوگرافي

    دوست زهراڻي ڳالهه کي سمجهڻ اوهانجي کليل دماغ جي نشاني آهي ۔۔۔ اوهانجي لکڻ جو ڏان ۽ اوهانجي لفظن جي ترتيب ڪنهن سٺي ۽ حساس ليکڪ کان گهٽ ناهي ۔۔۔ بيشڪ اوهين مذاح سان ڀريل ليک ونڊ ڪيو آهي پر جيئن ته مذاح سان گڏ ڪجه جملا ۽ آخري ڪٿا ڪجهه حضم ٿيڻ جهڙي نه هئي انڪري حضم ٿي وئي ۔۔۔

    اوهانجي هي ٻي آکاڻي پڻ پڙهڻ وٽان آهي، سنڌو جي ڪناري جي منظرنگاري ۽ ان تي پلجندڙ ڪنهن جيوَ جا احساس بيان ڪرڻ ڪو سولو ڪم ناهي، خئير چڱي طرح پڙهي جواب ڏبو ۔۔۔

    هڪ عرض ته جيڪڏهن ان جهڙيون ٻيون ڪهاڻيون به هجن ته ان لا اوهان نئون ڌاڳو ٺاهيندا ڪريو ته جيئن دوستن کي پڙهڻ ۾ آساني ٿئي ۔۔۔ ۽ هر ڪهاڻي جي انفراديت برقرار رهي ۔۔۔

    ٻي ڳالهه ته دوستن جي ڄاڻ لا ته ڇا هي ليک اوهانجا پنهنجا تخيلق ٿيل آهن ۔۔۔؟

    لک ٿورا ۔۔۔ سنڌ سلامت جي اڱڻ کي توهان جهڙن سمجهو ۽ سچو يارن جي گهرج آهي ۔۔۔ اميد ته ساٿ چڙهندو لڪئين ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  9. رشيدالله

    رشيدالله
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏15 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: گڏه جي آٽوبايوگرافي

    ادا نثار توهان جا لکين احسان جو اوهان مونکي مانائتي موٽ ڏني۔ مان توهان کي پنهنجي باري ۾ ڪجھ وضاحت ٿو ڪيان ته منهجو بنيادي تعلق لاڙڪاڻي جي تعلقي ڏوڪري سان آهي۔ مان ڪافي وقت کان ڪهاڻي جي فن ۽ شاعري سان لڳا رکندو پيو اچان۽ منهنجون لکڻيون اڳ ۾ سنڌ جي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع پڻ ٿي چڪيون آهن۔ هي منهنجون نينون نڪور لکڻيون آهن جيڪي مون هاڻي ڪمپوز ڪري سنگت سان ونڊ ڪيون آهن۔ توهن جي هن فورم تان مونکي اڳتي وڌڻ‌جو مناسب موقعو فراهم ٿي ويو آهي ۽ ڏاڍي دلي خوشي ٿي آهي۔ اميد ته توهان منهجي حوصله افزائي جاري رکندا۔



    سڄي سٿ کي سلام
     
  10. پايس

    پايس
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2011
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: گڏه جي آٽوبايوگرافي

    سائين نثار صاحب
    مون کي توهان جي ان ڳاله سان اتفاق نه آهي ته پيغمبر گڏه تي سواري ڪئي آهي۔
    پيغمبر گڏه تي نه پر گڏه سان مشابهت رکندڙ جانور براق تي سواري ڪئي هئي۔
     
  11. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: گڏه جي آٽوبايوگرافي

    يار سچ تو به چيو آهي پر ڪوڙ سائين نثار به نه هنيو آهي =))=))سائين هڪ پيغمبر جي نه پيًمبرن جي ڳاله ڪئي آهي سو اها به صحيح آهي ۔ براق تي ته سواري صرف پاڻ ڪريمن معراج واري رات ڪئي باقي زندگي پاڻ ڇاتي سواري ڪيائون اوهان به تحقييق ڪيو ۔ باقي گڏه تي سواري ڪرڻ يا خچر تي سواري ڪرڻ ۾ ڪو به عيب نه آهي ۔ جو ان سان ڪنهن پيعمبر جي توهين ٿيندي هجي جي اها ڳاله هجي ها ته پيغمبر پاڻ ئي سواري نه ڪن ها ۔۔۔
     
  12. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: گڏه جي آٽوبايوگرافي

    [justify]دوست پايس، اوهانجو اعتراض اکين تي پر جيڪڏهن اوهان تاريخ اسلام يا سيرت النبوي يا وري ڪتب احاديث پڙهيا هجن ها ته اهڙي ڳالهه نه ڪريو ها ۔۔۔ ممڪن اوهان الله جي پيغمبرن جي شان جي خلاف اها ڳالهه سمجهي هجي، پر اوهان کي اها خبر هجي ته اسانجا پيغمبر سادا ۽ سهڻا انسان هئا، انهن وٽ ڪا وڏائي يا ڪنهن غرور جي ڪا گنجائش ڪون هئي ۔۔۔ ۽ گڏهه ڪو خراب جانور يا لعنتي جانور ناهي جو ان تي سواري ڪرڻ کي گناهه يا معيوب سمجهيو وڃي.

    گڏهن جابلو علائقن ۾ هڪ بهترين سواري آهي ۽ هوندو هيو ۔۔۔ مڪي مديني جا پهاڙي علائقا ايترا ته ورن وڪڙن وارا هوندا هئا جو انهن جڳهن تان صرف گهوڙ يا گڏهه گذري سگهندا هئا ۔۔۔ الله جي رسول سان ڪيتريون ئي حديثون آهن جن ۾ واضح آهي ته الله جي رسول گڏهه جي سواري ڪئي هئي پر هت آءُ الله جي رسول جي هڪ حديث ۽ واقعو ونڊ ڪريانٿو؛

    صحيح بخاري، ڪتاب 8، واليم 74، حديث نمبر 271
    راوي ۔۔۔ اروا ابن الزبير
    اسامه بن زيد چيو؛ الله جي نبي گڏهه تي سواري ڪري رهيو هو، جنهن تي نرم فدڪيا ويلوٽ جا پاکر پيل هئا ۽ آءُ (اسامه بن زيد) سندس پويان سوار هيس، اسين سعد بن عبيده جي عيادت لاءِ وڃي رهيا هياسون جيڪو بيمار هو، جڏهن اسين بني الحارث بن الخزرج جي علائقي وٽان گذرياسون ته هي واقعو پيش آيو، (هي واقعو جنگ بدر کان اڳ پيش آيو هو)

    الله جو رسول ۽ آءُ جڏهن اتان گذرياسون ته ات ڪجهه مسلمان، ڪجهه مشرڪين ۽ ڪجهه يهودي بيٺا هئا ۔۔۔ جن عبدالله بن ابعي بن سلول ۽ عبدالله بن رواحا به بيٺا هئا، اسانجي اتان لنگهڻ سبب گڏهه جي پيرن مان اٿندڙ ڌوڙ مجموعي تي پئي ۔۔۔ جنهن تي عبدالله بن ابعي پنهنجي نڪ تي ڪپڙو ڏنو ۽ الله جي رسول کي چيائين ته اسانجي مٿان ڌوڙ نه اڏاءِ ۔۔۔ الله جي رسول صلعم انهن کي سلام ڪيو ۽ بيهي رهيو ۽ کين دعوت تبليغ ڏني ۽ قرآن جي تلاوت ڪئي ۔۔۔ تنهن تي عبدالله بن ابعي چيو ” جيڪڏهن اهو سچ آهي ته، تو جيڪو چيو انکان بهتر ڪا به ڳالهه ناهي، پر اسانجي مجمعي کي پريشان نه ڪر، تون پنهنجي اوتاري تي وڃ ۽ اسان مان جيڪڏهن ڪو تو وٽ اچي ته تون کيس پنهنجي تبليغ ڪر ... تنهن تي عبد الله بن رواحا چيو ته اي الله جا رسول، اسان وٽ اچو ۽ پنهنجو پيغام ڏيو جيڪو اوهان وٽ آهي، اسين وڏي چاهه سان اوهانجون ڳالهيون ٻڌنداسون.

    انکانپوءِ يهودين، مشرڪين ۽ مسلمانن ۾ بحث ٿي ويو ۽ ڳالهه جهيڙي تائين اچي وئي، الله جي رسول انهنکي چپ ڪرائيندو رهيو ۽ انهن خاموش ڪرائي، سواريءَ تي چڙهيو ۽ سڌو سعد بن عبيده جي گهر آيو ۽ خيريت معلوم ڪرڻ کانپوءِ چيائين ” او سعد! تو ٻڌو ته ابو حباب (عبدالله بن ابعي) ڇا چئي رهيو هو؟ ... تنهن تي سعد چيو ” او الله جا رسول تون کيس معاف ڪر ۽ بخش“، ڇاڪاڻ ته هن ڳوٺ جي ماڻهن کيس پنهنجو سردار ڪرڻ ٿي چاهيو پر جڏهن اوهانجو پيغام ۽ تبليغ پهتي ته ماڻهن کيس سردار نه ڪيو، انڪري هو پنهنجي اندر جي باهه ڪڍي رهيو هو ... تنهن تي الله جي رسول کيس معاف ڪيو“
    [/justify]
     
  13. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: گڏه جي آٽوبايوگرافي

    سائين تمام بهترين جزاڪم الله خيرا الجزاء اميد ته ادو ضرور انهن ڳالهين تي غور ڪندو ۽ پاڻ به هٿ پير هڻڻدو ته اڃا وڌيڪ يقين ٿي ويندس ۔

    اصل ۾ اان اهو لفظ ٻڌو آهي شايد پڙهيو به نه هوندو ته اسلام دين فطرت آهي ۔ ان لفظ مان گهڻآ ماڻهون اهو ئي مراد وٺندا آهين ته دين فطرت جو مطلب اهو آهي ته جيڪا شي فطرت کي سٺي لڳي اها به ان جي فطرت ( طبيعت يا دل کي ) اهو ئي عين اسلام آهي باقي سڀ ملن جو هٿ جو ٺاهيل ڳالهيون آهين ۔سو ۔۔ ۔ ۔ هن جي ڳاله وانگر يهين تو دوکا ڪها گيا انڊيا۔۔ ۔ ۔ ۔ هاڻي اسان اسلام جا احڪام پهنجي ذهن مطابق سوچيندا آهيون ۽ پهنجي ذهن ۽ قياس آرائي کان ڪم وٺندا آهيون ۽ پوء اهڙا فيصلا ڪري پاڻ ئي مفتي ٿي ڪري حڪم لڳائيندا آهيون ته هي مسئلو هيئن ئي هوندو ۽ هيئن ٿي ئي نو سگهي ۔۔۔ س سائين اسلام دين فطرت آهي ان جو اهو مطلب آهي ته اسلام جي فطرت ۾ اسلام هوندو آهي ڪل مولود يولد علي فطرت الاسلام ۔۔۔
    اهر انسان کي اسلام جي احتياج محسوس ٿيندي آهي فطري طور تي نه ڪي هر انسان اسلام جو رخ پهنجي سوچ مطابق موڙي اهو ئي سبب آهي جو مسلمانن ۾ 72 فرقن کان به وڌيڪ فرقن جنم ورتو ڇو ته هر ڪنهن اسلام جي واڳ پهنجي سوچ مطابق موڙي ۔۔۔ ۔۔۔
     
  14. پايس

    پايس
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2011
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: گڏه جي آٽوبايوگرافي

    ادا جن جي تمام مهرباني ۔ ۔ ۔ ۔
    توهان جي ڏنل معلومات سان اميد ٿي اٿم ته منهنجي ايم۔اي سنڌي بهترين نموني ٿيندي۔
    مهربانيون ادا جن جون۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو