فيس بڪ جي انتظاميا ويب تي هڪ اهڙي نئين سروس شروع ڪئي آهي، جنهن سان ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ٿيندڙ تصويرن جي پاڻمرادي سڃاڻپ ٿي ويندي، ان سافٽ ويئر سان ماڻهن کي فوٽو ذريعي تجويز ڪيو ويندو ۽ استعمال ڪندڙ تي منحصر هوندو ته اهو ان فوٽو کي ”ٽيگ“ ڪري ٿو يا نه. ڪجهه ماڻهن ۾ اهو خوف به وٺي ويو آهي ته ان ساڳئي قسم جي ٽيڪنالاجي پوليس به استعمال ڪري سگهي ٿي ته جيئن ماڻهن جي سڃاڻپ ڪري سگهجي، فيس بڪ جي آءِ ٽي انجنيئر جسٽن مچل جو چوڻ آهي ته هاڻي فيس بڪ تي صرف ايڊ ٿيل دوست ئي فوٽو ”ٽيگ“ ڪرڻ جي اهل هوندا ۽ صرف اهي ئي ”ٽيگ سجيشن“ ڏئي سگهن ٿا، جيڪي توهان جا دوست هوندا، هڪ جهڙا فوٽو گروپ بڻجي ويندا. ويب سائيٽ جا اهڙا پوزر جيڪي پنهنجو نالو تجويز نٿا ڪرڻ چاهين، اهي سائيٽ 22 ڊسمبر کان آمريڪا ۾ باقاعده عمل جوڳي بڻجي ويئي آهي، انتظاميا موجب فيس بڪ تي روزانو 10 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو ”فوٽو ٽيگ“ ڪن ٿا، اڳي ائين هوندو جنهن کي توهان سڃاڻو به نٿا اهي توهان جو فوٽو ٽيگ ڪري سگهن ٿا ۽ توهان جو فوٽو ڄڻ ته انٽرنيٽ تي حاضر هو پر هاڻي ائين ناهي، صرف توهان جا دوست ئي توهان جو فوٽو ٽيگ ڪري سگهن ٿا، انتظاميا جو چوڻ آهي ته ”مثال طور توهان پنهنجي ڪنهن مائٽ جي شادي جون تصويرون اپ لوڊ ڪريو ٿا ته اسين شادي جي فوٽن جو هڪ گروپ جوڙينداسين.“ روزاني ڪاوش جي ٿورن سان .