فيس بڪ تي تصويرن کي محفوظ بڻائڻ جو نئون طريقو

'فيس بوڪ' فورم ۾ رياض حسين گلال طرفان آندل موضوعَ ‏23 ڊسمبر 2010۔

  1. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    فيس بڪ جي انتظاميا ويب تي هڪ اهڙي نئين سروس شروع ڪئي آهي، جنهن سان ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ٿيندڙ تصويرن جي پاڻمرادي سڃاڻپ ٿي ويندي، ان سافٽ ويئر سان ماڻهن کي فوٽو ذريعي تجويز ڪيو ويندو ۽ استعمال ڪندڙ تي منحصر هوندو ته اهو ان فوٽو کي ”ٽيگ“ ڪري ٿو يا نه. ڪجهه ماڻهن ۾ اهو خوف به وٺي ويو آهي ته ان ساڳئي قسم جي ٽيڪنالاجي پوليس به استعمال ڪري سگهي ٿي ته جيئن ماڻهن جي سڃاڻپ ڪري سگهجي، فيس بڪ جي آءِ ٽي انجنيئر جسٽن مچل جو چوڻ آهي ته هاڻي فيس بڪ تي صرف ايڊ ٿيل دوست ئي فوٽو ”ٽيگ“ ڪرڻ جي اهل هوندا ۽ صرف اهي ئي ”ٽيگ سجيشن“ ڏئي سگهن ٿا، جيڪي توهان جا دوست هوندا، هڪ جهڙا فوٽو گروپ بڻجي ويندا. ويب سائيٽ جا اهڙا پوزر جيڪي پنهنجو نالو تجويز نٿا ڪرڻ چاهين، اهي سائيٽ 22 ڊسمبر کان آمريڪا ۾ باقاعده عمل جوڳي بڻجي ويئي آهي، انتظاميا موجب فيس بڪ تي روزانو 10 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو ”فوٽو ٽيگ“ ڪن ٿا، اڳي ائين هوندو جنهن کي توهان سڃاڻو به نٿا اهي توهان جو فوٽو ٽيگ ڪري سگهن ٿا ۽ توهان جو فوٽو ڄڻ ته انٽرنيٽ تي حاضر هو پر هاڻي ائين ناهي، صرف توهان جا دوست ئي توهان جو فوٽو ٽيگ ڪري سگهن ٿا، انتظاميا جو چوڻ آهي ته ”مثال طور توهان پنهنجي ڪنهن مائٽ جي شادي جون تصويرون اپ لوڊ ڪريو ٿا ته اسين شادي جي فوٽن جو هڪ گروپ جوڙينداسين.“
    روزاني ڪاوش جي ٿورن سان .
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: فيس بڪ تي تصويرن کي محفوظ بڻائڻ جو نئون طريقو

    ادا ها ته تمام سٺي ڪوشش آهي۔۔فيس بوڪ وارن جي۔۔۔۔
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: فيس بڪ تي تصويرن کي محفوظ بڻائڻ جو نئون طريقو

    بهترين ادا رياض
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو