اسان سنڌ سلامت جي پاران فورم جي جاکوڙي دوست ۽ اسان جي لوڪل فقير وحيد ڦلپوٽي کي 5000 تحريرون لکڻ تي دلي واڌايون پيا ڏيون۔ دوست ڦلپوٽو هميشه حاضر رهندڙ ۽ هڪل ۾ سڏ ڏيڻ وارن دوستن منجهان هڪ آهي۔ 5000 تحريرون ڪا معمولي ڳاله ڪونهي پر اسان جو هنن فقيرن ، مستن کي سلام جن سنڌ سلامت جي اوطاق کي آباد ڪيو آهي۔
فقير ڦلپوٽو اسان جي انهن دوستن مان آهي جنهن جو اسان پڇڻا نه منجهڻا واري سيڪشن ۾ ٿيل سوالن لاء انتظار ڪندا آهيون ته فقير اچي ۽ اچي دوستن جو مسئلو حل ڪري۔ جيتوڻيڪ اسان واري انٽرنيشنل فقير علي علي به هاڻي فورم تي حاضر رهي ٿو پر هن لوڪل فقير جو ڪهڙو بيان ڪجي۔
ٿورا نه ٿورا مونتي ماروئڙن جا
ڦلپوٽي فقير کي ٻيهر واڌايون ۽ دعا آهي ته رب پاڪ فقير وحيد ڦلپوٽي کي وڌيڪ همت ، حوصلو ، جذبو ۽ سٺي صحت ڏي پاڻ هميشه خوش رهي، مسڪرائيندو رهي ۽ سنڌ سلامت جي هن محبتي اڱڻ کي سجائيندو رهي۔