• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڦلپوٽي فقير کي 5000 تحريرن لکڻ تي واڌايون

جواب: ڦلپوٽي فقير کي 5000 تحريرن لکڻ تي واڌايون

والڪيم السلام ادا سليمان صاحب ،
خيئر مبارڪون وساڻ صاحب ، دعائون ڏيڻ لا۽ لکين قرب
سڀ کان پهريائين ته دير سان جواب ڏيڻ لا۽ معزرت اصل ۾ ڪجهه طبيعت ٺيڪ نه هئي
توهان دوستن جي وڏي مهرباني جو توهان فقير کي اهڙي محبت ڏيو ٿا مان کي جيڪا عزت محبت سنڌ سلامت تان ملي آهي ان جو مان اندازو نه ٿو لڳائي سگهان

مهرباني ادا سليمان وساڻ صاحب

سدائين گڏ

يار فقير اوهان آهيو ئي مبارڪ باد جي لائق

اوهان جهڙن دوستن جي ڪري ئي سنڌ سلامت شاد ۽ آباد آهي۔

مون گهڻو اڳي شمن ميراليء جو ڪلام ٻڌو هو فقيرن جو سڳڙو مونکي ڪين لڳڙو ۔ پر يار اسانکي ٻنهي فقيرن لوڪل ۽ انٽرنيشنل جون دعائون ۽ سڳا ڏاڍو لڳا آهن۔

دعائن ۾ ياد۔ رب جي در دعا آهي ته هميشه خوش رهو
 
جواب: ڦلپوٽي فقير کي 5000 تحريرن لکڻ تي واڌايون

هم فقيرون سي دوستي ڪر لو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ گُر سِکا دينگي بادشاهي ڪي۔۔۔۔

ادا درويش پاران اوهان کي 5000 لکڻين جي تڪميل تي محبت ڀري مبارڪ ۽ دل ڀريون دعائون شال قبول پون۔۔۔
۽ الله تعالي هن ادب ڀري اوطاق تي هميشه اوهان جو ساٿ سلامت رکي۔۔۔۔ ((آمين))

واليڪم السلام ادا عمران درويش صاحب

توهان جون محبت ڀريون مبارڪون بلڪل ۽ دعائون اکين تي ،

الله تعالى توهان کي به خوش رکي پنهنجي پيارن سان

توهان جو ۽ اسان جو ساٿ هميشه سلامت رکي هن اوطاق تان

سدائين گڏ
 
جواب: ڦلپوٽي فقير کي 5000 تحريرن لکڻ تي واڌايون

السلام عليڪم ورحمة الله وبرڪاته
ادا وحيد فلپوٽا صاحب عرف ( فقير سائين لک تي ڏيو ٻري ) جڙيا هجو شال سنڌ سلامت جي سڀني دوستن سان ۔ ڀاءُ پنهنجي طرف کان لک لک واڌايون هجن توهان کي ۽ مان دعائون ٿو ڏيان الله سائين توهان کي اڃا به علم ۾ وڌيڪ ايضافو ڏئي آمين ۔۔۔ نوٽ ڪيو ويوآهي ته هي دنيان آهي پيرن جي ۽ ۔۔۔۔۔ٻيون فقيرن جي۽۔۔۔۔۔۔۔۔ ٽيون وڏيرن جي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بحرحال منهنجي ۽ ادا زاهد سومرا صاحب جن جي پارت اَٿو ۔

واليڪم السلام ورحمة الله وبرڪاته

سائين توهان جون واڌايون فقير جي اکين تي دعا ڏيڻ ۽ ياد رکڻ لا۽ توهان جا وڏا وڙ

الله تعالى توهان کي خوش رکي پنهنجي پيارن سان باقي زاهد سومرو ته آهي وڏي ڳالهه ان کي مون جي پارت ڪندا
ٻڌو آهي ته چڊهين جي ڪارخاني ۾ ڪم ملي ويو اٿس سو جيڪڏهن ان سان توهان جو ربطو ٿئي ته چئجوس ته فقير کي ٻه چار چڊيون ڏياري موڪلي :d:d:d:d

سائين توهان جي وڏي مهرباني جو وقت سر فقير کي ياد پيا ڪريو

الله پاڪ توها کي خوش رکي پنهنجي پيارن سان

سدائين گڏ
 
جواب: ڦلپوٽي فقير کي 5000 تحريرن لکڻ تي واڌايون

ادا اسان جي طرفان به توهان کي لک لک مبارڪون هجن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
ادا عاشق مجبور ،

توهان جي وڏي مهرباني جو فقير کي سٺن لفظن ۾ ياد ڪيو اهڙا قرب جاري رکجو

حقيقت ۾ جيڪو ماڻهو پاڻ چڳو هوندو آهي ٻين کي چڳو ئي ڀائيندو آهي

وڏي مهرباني ادا عاشق

(اهڙيون ڪوششون جاري رکجو ) :)):)):)):)):))

سدائين گڏ

فقيرسڳورا۔۔۔۔مهرباني مان اوهانجي ڳالھ تي عمل ڪندي پنهنجي ڪوشش جاري رکيون ٿو اچان۔:-bd
 
جواب: ڦلپوٽي فقير کي 5000 تحريرن لکڻ تي واڌايون

ادا اسان جي طرفان به توهان کي لک لک مبارڪون هجن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

وڏي مهرباني ادا عبدالوهاب جو توهان مون کي مبارڪون ڏنيون پر حقيقت ۾ مون کي خوشي توهان جي فورم تي
اچڻ تي ٿئي آهي

ها ها ها

سدائين گڏ
 
جواب: ڦلپوٽي فقير کي 5000 تحريرن لکڻ تي واڌايون

فقيرسڳورا۔۔۔۔مهرباني مان اوهانجي ڳالھ تي عمل ڪندي پنهنجي ڪوشش جاري رکيون ٿو اچان۔:-bd

ها يار بس اهڙيون ڪوششون جاري رکجا۽

توهان جي ڳالهه تي مون کي هڪ گانو ٿو ياد اچي خبر ناهي الائي ڪنهن جو آهي

گاني جا ٻول هي آهن ته

هي محبت جو گاڏو آهي ڪڏهن تون ٿو ڌڪين ڪڏهن مان ٿو ڌڪيان :d:d:d:d:d

سدائين گڏ
 
جواب: ڦلپوٽي فقير کي 5000 تحريرن لکڻ تي واڌايون

ها يار بس اهڙيون ڪوششون جاري رکجا۽

توهان جي ڳالهه تي مون کي هڪ گانو ٿو ياد اچي خبر ناهي الائي ڪنهن جو آهي

گاني جا ٻول هي آهن ته

هي محبت جو گاڏو آهي ڪڏهن تون ٿو ڌڪين ڪڏهن مان ٿو ڌڪيان :d:d:d:d:d

سدائين گڏ
گهڻو ڪري ته ممتاز علي لاشاري جو گانو آهي
 
جواب: ڦلپوٽي فقير کي 5000 تحريرن لکڻ تي واڌايون

ها يار بس اهڙيون ڪوششون جاري رکجا۽

توهان جي ڳالهه تي مون کي هڪ گانو ٿو ياد اچي خبر ناهي الائي ڪنهن جو آهي

گاني جا ٻول هي آهن ته

هي محبت جو گاڏو آهي ڪڏهن تون ٿو ڌڪين ڪڏهن مان ٿو ڌڪيان :d:d:d:d:d

سدائين گڏ

يار ڦلپوٽه ايئن نه ڪيو

هي تمام مشهور ڪلام آهي جنهن جي موسيقي، شاعري ۽ آواز ماسٽر چندر جو آهي ۔ جنهن کي پوء استاد محمد يوسف ، انور حسين وسطڙي ، مهيش چندر ۽ پوء ممتاز لاشاريء به ڳايو آهي۔

http://www.youtube.com/watch?v=Sa5ukAt-gwk
 
جواب: ڦلپوٽي فقير کي 5000 تحريرن لکڻ تي واڌايون

يار ڦلپوٽه ايئن نه ڪيو

هي تمام مشهور ڪلام آهي جنهن جي موسيقي، شاعري ۽ آواز ماسٽر چندر جو آهي ۔ جنهن کي پوء استاد محمد يوسف ، انور حسين وسطڙي ، مهيش چندر ۽ پوء ممتاز لاشاريء به ڳايو آهي۔

http://www.youtube.com/watch?v=sa5ukat-gwk

مهرباني ادا اهو ئي ڪلام اٿئي

مان ان گاني کي هاڻي تائين ٻه دفعا ڏسي چڪو آهيان

تمام پيارو آواز آهي

شيئر ڪرڻ لا۽ مهرباني ادا

سدائين گڏ
 
جواب: ڦلپوٽي فقير کي 5000 تحريرن لکڻ تي واڌايون

يار ڦلپوٽه ايئن نه ڪيو

هي تمام مشهور ڪلام آهي جنهن جي موسيقي، شاعري ۽ آواز ماسٽر چندر جو آهي ۔ جنهن کي پوء استاد محمد يوسف ، انور حسين وسطڙي ، مهيش چندر ۽ پوء ممتاز لاشاريء به ڳايو آهي۔

http://www.youtube.com/watch?v=sa5ukat-gwk

ادا سليمان مان ڪڏهن هي ڪلام ڪون ٻُڌو هو۔۔۔۔مان ڊائونلوڊ ڪري ٻڌان ٿو ونڊڻ جي مهرباني
 
جواب: ڦلپوٽي فقير کي 5000 تحريرن لکڻ تي واڌايون

ادا سليمان مان ڪڏهن هي ڪلام ڪون ٻُڌو هو۔۔۔۔مان ڊائونلوڊ ڪري ٻڌان ٿو ونڊڻ جي مهرباني

ادا عاشق واه جو ڪلام اٿئي اصل ٻڌندي اصل دل خوش ٿئي وئي

مهرباني ادا سليمان وساڻ صاحب

سدائين گڏ
 
جواب: ڦلپوٽي فقير کي 5000 تحريرن لکڻ تي واڌايون

ادا فقير سائين توهان کي اسان جي طرفان به 5000 تحريرون پوريون ڪرڻ تي لک لک مبارڪون.
قبول هجن.
 
ادا سائين توهان جون مبارڪون فقير جي اکين تي

خيئر مبارڪون

سدائين گڏ
 
جواب: ڦلپوٽي فقير کي 5000 تحريرن لکڻ تي واڌايون

5000 تحريرون وحيد ڦلپوٽي جي محنتن جو سنڌ سلامت لا ڪيل محنتن جو اکين ڏٺو ثبوت آهي، ڪي ڪي ماڻهو تاريخ ۾ نالو لکرائڻ خاطر پنهنجي محنتن کي برو ڪار آڻيندا آهن، پر فقير وحيد ڦلپوٽو سنڌ سلامت جي پاڻ خود ئي پڪي ۽ مستحڪم تاريخ جي روپ ۾ ساري دنيا جي سنڌين جي سامهون آهي، سنڌ سلامت جي سموري سٿ جي خوشنصيبي آهي جو اسان وٽ فقير وحيد ڦلپوٽو جهڙو کاهوڙي، جاکوڙي، ۽ پاڻ پتوڙيندڙ جُنگ جوان ماڻهو موجود آهي۔ الله سائين سدائين فقير وحيد ڦلپوٽو تي پنهنجي ڪرم جي ٻاجهه ڪري، شال سدائين جڙيو هجي (آمين)۔آئون پنهنجي دل جي گهرائين سان 5000 لکڻين جو هدف پورو ڪرڻ تي کيس واڌايون ڏيان۔
 
سائين السلام عليڪم

سائين اهي توهان جا قرب آهن جو هر وقت فقير کي پنهنجي دعائن ۾ ۽ سٺن لفظن ۾ ياد ٿا ڪريو نه ته مان ڪنهن به قابل نه آهيان بس اهي صرف اوهان جهڙن وڏن ، محسن ، دوستن جو دعائون آهن جو ايتريون لکڻيون ٿئي ويون آهن

خيئر مبارڪ سائين توهان جو مبارڪون اکين تي

الله توهان کي خوش ڪري

سدائين گڏ
 
Back
Top