باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي سوانح عمري

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏24 ڊسمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,396
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي سوانًح عمري ​

    [​IMG]
    سليم گل چنا،

    قائداعظم محمد علي جناح 25 ڊسمبر 1876ع تي ٺٽي ضلعي جي ڳوٺ جهرڪن ۾ ڄائو. ( نوٽ هاڻ زبردستي جناح صاحب لاء اهيو لکيو ۽ پڙهايو وڃي ٿو ته جناح صاحب ڪراچي ۾ ڄائو، خبر نه آهي ڇو؟ ) سندس والد جو نالو جناح پونجها هو، جيڪو ان وقت کلن جو واپار ڪندو هو. کيس،محمد علي جناح ستن ٻارن ۾ سڀني کان وڏو هو. قائداعظم جي پيءُ جو واپار ڪراچي ۾ هو ان ڪري کيس جهرڪن جي شروعاتي تعليم کان پوءِ 1887ع ۾ سنڌ مدرسه هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو. بعد ۾ ڪجهه عرصو هو مشن هاءِ اسڪول ۾ رهيو 16 سالن جي ڄمار ۾ هن بمبئي يونيورسٽي مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. سندس والد پنهنجي دوست جي صلاح تي اهو فيصلو ڪيو ته محمد علي کي انگلينڊ موڪلجي ته جئين واپار ۾ مهارت حاصل ڪري سگهي پر هن نوجوان اهو فيصلو ڪيو ته هو لنڊن مان بئريسٽر بڻجي وطن واپس ايندو. ان وقت جي رسمن مطابق سندس مائٽن انگلينڊ روانو ٿيڻ کان پهرئين ننڍي ڄمار ۾ سندس شادي ڪرائي ڇڏي.

    لنڊن ۾ هن لنڪ اِن نالي هڪ اداري ۾ داخلا ورتي جتي قانون جي شاگردن کي سکيا ڏني ويندي هئي. 1895ع ۾ هن کي لنڊن بار ۾ داخلا ڏني ويئي. لنـڊن ۾ رهڻ دوران هن کي صدمن کي منهن ڏيڻو پيو. هڪ سندس والده جي وفات ۽ ٻيو سندس زال جي وفات بهرحال هن پنهنجي پڙهائي مڪمل ڪئي ۽ گڏوگڏ برطانيا جي سياسي نظام جو مطالعو ڪيائين. ان کانسواءِ هائوس آف ڪامنس ۾ اڪثر ڪري ويندو هو. 1896 ڌاري جڏهن هو پڙهائي ختم ڪري ڪراچي پهتو ته ان وقت سندس پيءُ کي ڪاروبار ۾ تمام گهڻو نقصان ٿيو هو، ان ڪري هاڻي کيس پنهنجو پاڻ هتي ڀاڙڻو هو ان ڪري هن بمبئي وڃي وڪالت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. 10 سالن کان پوءِ هو سياست ۾ داخل ٿيو. مذهب سان کيس خاص دلچسپي نه هئي ۽ خاص ڪري هو فرقيواريت جي خلاف هو. بمبئي ۾ هڪ لکاپتي فارسي سردنشاپيٽٽ جي ڌيءَ رتن ٻائي سان سندس عشق ٿي ويو جنهن سان بعد ۾ هن شادي ڪئي.هن شادي جي دوستن ۽ مائٽن سندس سخت مخالفت ڪئي. بهرحال هي شادي ڪامياب ڪونه ٿي ۽ سندس ڀيڻ فاطمه سڄي زندگي پنهنجي ڀاءُ سان گڏ رهي. هر ڏکي ويل ۾ سندس ٻانهن ٻيلي رهي.
    محمد علي جناح 1906ع ۾ ڪلڪتي ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. تنهن وقت اها پارٽي انگريز سرڪار جي ڪنٽرول هيٺ رهي ڪري حق گهرندي هئي بعد ۾ هن آزادي جو مطالبو ڪيو. چئن سالن کانپوءِ هو امپريل ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو. بمبئي ۾ ان وقت جي ڪانگريس جي اهم ليڊرن سان هن جي ملاقات ٿي جن ۾ گوپال ڪرشن گوڪپلي ۾ شامل هو .انهن جون به هن سان ملاقاتون ٿيون هيون. انهن کان هي تمام گهڻو متاثر ٿيو هو. هو برطانيه جي سياسي ادارن جو گهڻو مداح هو. هن چاهيو ٿي ته دنيا ۾ هندستان جي ساک ٺهي ۽ گڏوگڏ هندستان ۾ قومپرستي جو جذبو پيدا ٿئي. ان زماني ۾ هو هندستاني قومپرست هو پر ويهين صدي جي شروع ۾ هندستان جي مسلمانن ۾ اهي خيال پيدا ٿيا ته هندستان ۾ هنن جي جدا سڃاڻپ آهي انهي ڪري مسلمانن جي مفاد لاءِ آل انڊين مسلم ليگ جو بنياد وڌو ويو پر جناح ان ۾ شامل نه ٿيو. 1913ع ۾ ليگ جي اڳواڻ محمد علي جناح کي يقين ڏياريو ته مسلم ليگ به هندستان ۾ سياسي سجاڳي جو پچارڪري ٿي. ان کانپوءِ جناح صاحب مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو.
    هندستان جي مسلمانن ۽ هندن ۾ ايڪو پيدا ڪرڻ جي ڪوشش سبب کيس هندو مسلم اتحاد جو سفير سڏيو ويو. سندس ڪوششن ڪري انهي وقت مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جا ساليانه گڏيل اجلاس ٿيندا هئا. 1915ع ۾ اهڙو اجلاس بمبئي ۾ ٿيو ۽ 1916ع ۾ لکنؤ ۾ ٿيو جنهن ۾ مشهور لکنؤ پيڪٽ ٿيو هو. جنهن تحت ٻنهي سياسي پارٽين برطانيا سرڪار کان گڏيل نموني آئيني سڌارن جي گهر ڪئي. انهيءَ ٺاهه تحت پهريون ڀيرو ڪانگريس پاران مسلمانن جي ڌار نمائندگي واري گهر جي تائيد ڪئي وئي جنهن کي 1909ع ۾ انگريز سرڪار قبوليو هو پر ڪانگريس جي مختلف سببن ڪري ان تي عمل نه ٿي سگهيو هو. انهي دور ۾ مهاتما گانڌي سياسي ميدان ۾ داخل ٿيو. هو گانڌي طرفان شروع ڪيل سول نافرماني تحريڪ جي حق ۾ ڪونه هو ۽ گڏوگڏ گانڌي جي سياست ۾ هندو مذهب ڏانهن جهڪاءُ تي اختلاف هو ان ڪري 1920ع ۾ هي مسلم ليگ ۽ ڪانگريس کان ڌار ٿي ويو ۽ ڪافي سال سياست کان ٻاهر رهيو. سول نافرماني تحريڪ جي ناڪامي ۽ ڪانگريس ۾ هندو مذهب ڏانهن جهڪاءُ سبب مسلمانن ۽ هندن ۾ ويڇا وڌي ويا، جنهن ڪري هندستان جي ڪجهه علائقن ۾ مذهبي جهيڙا به ٿيا. ان ڪري مسلم ليگ آهستي آهستي ڪانگريس پارٽي کان پري ٿيندي ويئي. انهن ڏينهن ۾ محمد علي جناح جي ڪوشش رهي ته مسلم ليگ جي سياست جو جهڪاءُ روشن خيالي ڏانهن هجي. ساڳي وقت هن ڪانگريس تي به اهو زور ڏنو ته اها هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ پيدا ٿيل ويڇن کي ختم ڪرائڻ لاءِ ضروري اپاءُ وٺي. سندس اهي ڪوششون 1920 کان وٺي 1930ع واري ڏهاڪي تائين رهيون.هن اهڙيون ڪوششون قانون ساز اسيمبلي ۾ به ڪيون هيون ۽ ساڳي وقت 1930ع کان 1932 تائين لنڊن ۾ ٿيل گول ميز ڪانفرنس ۾ به اهڙيون ڪوششون جاري رکيون.
    مسئلي جي حل لاءِ هن چوڏهن نڪتن وارو پروگرام پيش ڪيو، جنهن ۾ هڪ وفاقي حڪومت جو قيام، اقليتن لاءِ وڌيڪ حق، مرڪزي قانون ساز اسيمبلي ۾ مسلمان جو ٽيون حصو نمائندگي، سنڌ جي بمبئي کان علحيدگي ۽ صوبي سرحد ۾ سياسي سڌارن وارا نڪتا شامل هئا.
    پر هو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو.پنڊت نهرو 1928ع ۾ جيڪي تجويزون ڏنيون هيون، اهو پنهنجن نڪتن ۾ قائداعظم پاران ڏنل ڪنهن به ترميم تي راضي نه ٿيو. انهي ڳالهه محمد علي جناح کي تمام گهڻو مايوس ڪيو. ان وقت هندستان جي مسلمانن ۾ اها سوچ پيدا ٿي ته جناح مسلمانن جي حقن جي حاصلات لاءِ صحيح طريقي سان ڪوشش نٿو ڪري جڏهن ته ڪانگريس پارٽي جا مفاد مسلمانن جي خلاف آهن ۽ اها ڪانگريس پارٽي مسلمانن جي ننڍڙي گهر به مڃڻ لاءِ تيار نه آهي. جنهن ڪري 1930 کان وٺي 1935 تائين هو انگلينڊ هليو ويو، جتي هن وڪالت شروع ڪئي. پوءِ جڏهن آئيني تبديليون اچڻ شروع ٿيون ته پوءِ هو مسلم ليگ جي اڳواڻي ڪرڻ لاءِ 1935ع ۾ واپس هندستان موٽي آيو . جڏهن 1935 ع واري گورنمينٽ واري ايڪٽ تحت چونڊن جي تياري شروع ٿي ان زماني ۾ به هن جي ڪوشش هئي ته ڪانگريس ۽ مسلم ليگ گڏجي صوبن اندر گڏيل حڪومت ٺاهين پر 1937ع واري چونڊن ۾ ٻنهي پارٽين ۾ تمام گهڻا ويڇا پيدا ٿي ويا. ڇو ته ڪانگريس پاران انهن چونڊن ۾ ڇهن صوبن ۾ تمام وڏي اڪثريت حاصل ڪئي وئي. ٻئي پاسي هنن چونڊن ۾ مسلم ليگ جي ڪارگذاري ڪا اهڙي خاص نه رهي. جنهن ڪري ڪانگريس پاران انهن صوبن ۾ حڪومت ٺاهڻ واري عمل ۾ مسلم ليگ کي ڪو حصو نه ڏنو ويو.
    1930ع ۾ جڏهن پهريون ڀيرو علامه اقبال ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي ڌار وطن جو تصور ڏنو ته انهيءَ وقت محمد علي جناح انهي رٿ کي عملي طرح اڻ ٿيڻو پئي سمجهيو پر هن کان پوءِ ٿيل واقعن سبب هو پاڻ به علامه اقبال جي خيالن سان متفق ٿي ويو. محمد علي جناح جي قيادت سبب مسلم ليگ هندستان جي مسلمانن کي هڪ قوم بڻائي ڇڏيو ۽ جناح پنهنجي دور ۾ هندستان جي مسلمانن جو اڻ تڪراري قائد بڻجي ويو ۽ 1940 جي مارچ مهيني جي 22 ۽ 23 تاريخ تي لاهور ۾ ٿيل اجلاس ۾ مسلم ليگ طرفان هندستان ۾ رهندڙ مسلمانن لاءِ جدا رياست پاڪستان ٺاهڻ جو ٺهراءُ پاس ڪيو. شروع وارن ڏينهن ۾ ڪانگريس پاران مسلم ليگ جي پاڪستان واري گهر جي سخت مخالفت ڪئي وئي پر بعد ۾ انهن کي پنهنجا گوڏ کوڙڻا پيا. ڇو ته قائداعظم محمد علي جناح تمام مهارت سان پاڪستان تحريڪ هلائي جنهن ڪري انگريز سرڪار کي اها گهر قبول ڪرڻي پئي. اهڙي ريت 14آگسٽ 1947 تي پاڪستان هڪ آزاد ملڪ جي حيثيت ۾ وجود ۾ آيو. جنهن جو پهريون سربراهه قائداعظم محمد علي جناح کي مقرر ڪيو ويو. هن تمام ڏکين حالتن ۾ هن نئي ملڪ کي درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون. اهوئي سبب آهي جو کيس قوم طرفان بابا قوم جو لقب ڏنو ويو. هن بيماري سبب 11 سيپٽمبر 1948تي وفات ڪئي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,396
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
  3. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي سوانًح عمري

    بهترين شئيرنگ ۽ معلوماتي ونڊ لاء مهرباني اوهان جي​
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,932
    ورتل پسنديدگيون:
    27,256
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي سوانًح عمري

    ادا ممتاز مهرباني

    ڄاڻ وارو ليک آهي۔ بس هنن جي مرضي آهي جهرڪ لکن يا ڪراچي۔ خبر ناهي هن محمد علي جناح کي به پنهنجو ڪري لکيو آهي۔ سندن مرصي آهي پر هن سان جيڪو ايرپورٽ تي حشر ڪيو وي، پاڪستان جي بانيء کي ناڪاره ايمبولينس ۾ کڻاين جيڪا خراب ٿي وئي ۽ ان دوران جناح جو انتقال به ٿي ويو۔

    بس ڀاء ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سچ لکڻ لاء ڪو به تيار ڪونهي۔ ان ڳاله تي ته ڪو پروگرام ڪنهن به ميڊيا چينل تي ڪونه هليو آهي۔
     
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,647
    ورتل پسنديدگيون:
    5,666
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    قائداعظم محمد علي جناح ۽ سر شاهنواز ڀٽو جي يادگار تصوير

    [​IMG]

    بلوچ اڳواڻ مرحوم اڪبر بگٽي جي قائداعظم محمد علي جناح سان ورتل يادگار تصور

    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو