• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سچ وڏو ڏوهاري آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ آمريڪا حوالي ڪيو ويو ته قتل ٿي ويندس : جولين آسانج

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
سچ وڏو ڏوهاري آهي،
روز ازل کان پڪڙيو ويو آ،
ڳولهي ڳولهي ماريو ويو آ،
تيل ڪڙاهي ڪاڙهيو ويو آ،
زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو آ،
چوٽيءَ تان اڇلايو ويو آ،
گهاڻي ۾ پيڙاهايو ويو آ ،
ڪڏهن زهر پياريو ويو آ،
ها پر پوءِ به انهي جي ساڳي
رهندي آئي ريت سڀاڳي،
جنهن جي من ۾ کاٽ هڻي ٿو،
تنهن جو سارو چين کڻي ٿو،
اڄ تو وٽ مهمان ٿيو آ،
پر تو هي به ڪڏهن سوچيو آهي،
ڪنهن سان تنهجي ياري آهي ،
سچ وڏو ڏوهاري آهي،
سچ وڏو ڏوهاري آهي


wul6o5.jpg


سچ جو سفر ڏاڍو ڪٺن آهي۔ هن راز ڪيئن به هٿ ڪيا ، ڪٿان به هٿ ڪيا، ڪنهن جي به ذريعي هٿ ڪيا ۔۔۔۔۔۔۔اهي سڀ الڳ ڳالهيون آهن۔ پر اهي سڀ ڳالهيون صحيح آهن۔ آمريڪا ان جي ترديد ڪانه ڪئي آهي۔ کيس سچ سامهون آڻڻ تي ڪيڏيون ڏکيايون پيون ڏسڻيون پون۔۔۔۔۔۔ کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ هاڻي آمريڪا حوالي پيا ڪن۔۔۔ هو چوي ٿو ، ته مونکي ماري ڇڏيندا :

وڪي ليڪس ويب سائٽ جي باني جولين آسانج جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن هن کي آمريڪا حوالي ڪيو ويو ته هن کي قتل ڪيو ويندو. برطانوي اخبار گارڊين کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته جيڪڏهن آمريڪا هن کي برطانيا يا سوئيڊن کان منتقل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته خدشو آهي ته قتل ڪيو ويندو. ڊيوڊ ڪيمرون ۽ نڪ ڪليگ هن جي آمريڪا حوالگي معاملي تي مزاحمت ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهن. هڪ عرب ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي جولين جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اسرائيل سان ڪو معاهدو ناهي ڪيو. دستاويز جاري ڪرڻ جو سلسلو جاري رهندو. وڪي ليڪس جي اڳوڻي ترجمان ۽ جولين آسانج جي ويجهي ساٿي وڪي ليڪس بابت ڳجهن رازن کي ظاهر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. جولين خلاف ڪتاب 15 فبيروري 2011 تي منظر عام تي ايندو. هوڏانهن وڪي ليڪس طرفان راز ظاهر ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت آمريڪا کان مطالبو ڪيو هو ته اهو انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ بنگلاديش جي مدد ڪري. روس ۾ وزيراعظم ولاديمير پيوٽن جي وڌندڙ اثر کي گهٽائڻ لاءِ يورپي يونين ۽ آمريڪا منصوبو ٺاهيو هو. آمريڪا ۽ ايراني اصلاح پسندن وچ ۾ رابطا موجود آهن. وڪي ليڪس افغان جنگ تي يورپ ۽ آمريڪي ڇڪتاڻ کي به ظاهر ڪيو آهي. هوڏانهن نارويجن اخبار وڪي ليڪس جي سمورن ڳجهن دستاويزن تائين پهچ جي دعوا ڪئي آهي.
 
جواب: سچ وڏو ڏوهاري آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ آمريڪا حوالي ڪيو ويو ته قتل ٿي ويندس : جولين آسا

سچ وڏو ڏوهاري آهي،
ادا سليمان سچ وڏو ڏوهاري بلڪل آهي۔۔۔۔پر ڪوڙ به وڏي ڪم جي شي آهي۔۔۔جان بچائڻ خاطر ڪوڙ ڳالهائي ٿو سگهجي۔۔۔شايد
 
جواب: سچ وڏو ڏوهاري آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ آمريڪا حوالي ڪيو ويو ته قتل ٿي ويندس : جولين آسا

ادا سليمان۔۔۔ عام تاثر پاڻ وٽ اهو آهي (شايد سچ به چئجي ) ته آمريڪا هر 30 سال کان بعد ۾ پنهنجي گذريل عرصي جي ڳجهي معلومات مان مخصوص معلومات کي ڄاڻي ٻجهي لِيڪ آئوٽ‌ڪندو آهي، جنهن مان سندس مفادات کي گهٽ‌پر ٻين ملڪن جي مفادن ۽ معلومات کي وڌيڪ نقصان رسندو آهي، هينئر به توهان ويهي ڏسجو ته انهيءَ‌ معلومات جي بنياد تي آمريڪا افغانستان، عراق جنگ مان پنهنجي جند آجي ڪرائڻ‌جي چڪر ۾ آهي، پاڪستان کي ايٽمي راز ۽ توانائي ٻين ملڪن تائين پهچائڻ‌ ۾ مدد ڏيڻ‌تي ڏوهاري قرار ڏيڻ‌جي چڪر ۾ آهي۔۔۔ وڌيڪ خدا کي خبر ادا۔۔۔ پنهنجو نظريو اهو ٿو چئي۔۔
 
Back
Top