سچ وڏو ڏوهاري آهي،
روز ازل کان پڪڙيو ويو آ،
ڳولهي ڳولهي ماريو ويو آ،
تيل ڪڙاهي ڪاڙهيو ويو آ،
زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو آ،
چوٽيءَ تان اڇلايو ويو آ،
گهاڻي ۾ پيڙاهايو ويو آ ،
ڪڏهن زهر پياريو ويو آ،
ها پر پوءِ به انهي جي ساڳي
رهندي آئي ريت سڀاڳي،
جنهن جي من ۾ کاٽ هڻي ٿو،
تنهن جو سارو چين کڻي ٿو،
اڄ تو وٽ مهمان ٿيو آ،
پر تو هي به ڪڏهن سوچيو آهي،
ڪنهن سان تنهجي ياري آهي ،
سچ وڏو ڏوهاري آهي،
سچ وڏو ڏوهاري آهي
روز ازل کان پڪڙيو ويو آ،
ڳولهي ڳولهي ماريو ويو آ،
تيل ڪڙاهي ڪاڙهيو ويو آ،
زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو آ،
چوٽيءَ تان اڇلايو ويو آ،
گهاڻي ۾ پيڙاهايو ويو آ ،
ڪڏهن زهر پياريو ويو آ،
ها پر پوءِ به انهي جي ساڳي
رهندي آئي ريت سڀاڳي،
جنهن جي من ۾ کاٽ هڻي ٿو،
تنهن جو سارو چين کڻي ٿو،
اڄ تو وٽ مهمان ٿيو آ،
پر تو هي به ڪڏهن سوچيو آهي،
ڪنهن سان تنهجي ياري آهي ،
سچ وڏو ڏوهاري آهي،
سچ وڏو ڏوهاري آهي

سچ جو سفر ڏاڍو ڪٺن آهي۔ هن راز ڪيئن به هٿ ڪيا ، ڪٿان به هٿ ڪيا، ڪنهن جي به ذريعي هٿ ڪيا ۔۔۔۔۔۔۔اهي سڀ الڳ ڳالهيون آهن۔ پر اهي سڀ ڳالهيون صحيح آهن۔ آمريڪا ان جي ترديد ڪانه ڪئي آهي۔ کيس سچ سامهون آڻڻ تي ڪيڏيون ڏکيايون پيون ڏسڻيون پون۔۔۔۔۔۔ کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ هاڻي آمريڪا حوالي پيا ڪن۔۔۔ هو چوي ٿو ، ته مونکي ماري ڇڏيندا :
وڪي ليڪس ويب سائٽ جي باني جولين آسانج جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن هن کي آمريڪا حوالي ڪيو ويو ته هن کي قتل ڪيو ويندو. برطانوي اخبار گارڊين کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته جيڪڏهن آمريڪا هن کي برطانيا يا سوئيڊن کان منتقل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته خدشو آهي ته قتل ڪيو ويندو. ڊيوڊ ڪيمرون ۽ نڪ ڪليگ هن جي آمريڪا حوالگي معاملي تي مزاحمت ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهن. هڪ عرب ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي جولين جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اسرائيل سان ڪو معاهدو ناهي ڪيو. دستاويز جاري ڪرڻ جو سلسلو جاري رهندو. وڪي ليڪس جي اڳوڻي ترجمان ۽ جولين آسانج جي ويجهي ساٿي وڪي ليڪس بابت ڳجهن رازن کي ظاهر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. جولين خلاف ڪتاب 15 فبيروري 2011 تي منظر عام تي ايندو. هوڏانهن وڪي ليڪس طرفان راز ظاهر ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت آمريڪا کان مطالبو ڪيو هو ته اهو انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ بنگلاديش جي مدد ڪري. روس ۾ وزيراعظم ولاديمير پيوٽن جي وڌندڙ اثر کي گهٽائڻ لاءِ يورپي يونين ۽ آمريڪا منصوبو ٺاهيو هو. آمريڪا ۽ ايراني اصلاح پسندن وچ ۾ رابطا موجود آهن. وڪي ليڪس افغان جنگ تي يورپ ۽ آمريڪي ڇڪتاڻ کي به ظاهر ڪيو آهي. هوڏانهن نارويجن اخبار وڪي ليڪس جي سمورن ڳجهن دستاويزن تائين پهچ جي دعوا ڪئي آهي.